مونکي نٿو لڳي!
آءُ اهو سڀ ڏسي سگهان،
جيڪو ڏسڻ چاهيان ٿو،
ابابيل جي اڏام جهڙيون اکيون
ڏيڏر جي دماغ جهڙا ماڻهو،
ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جهڙو قد،
۽ کير جي گوهن جهڙيون آڱريون
مالٽي ۽ ليمي جي باغ جهڙو بدن
۽ ڪاشي جيان،
هن جي ڇاتي تي ٻار جي چپن جا نشان،
مونکي نٿو لڳي ته
آءُ اهو سڀ ڏسي سگهان،
جيڪو ڏسڻ چاهيان ٿو!!