شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

اَچو ته خواب ڏسون!

خواب،
خدا جون اکيون آهن،
يا عظيم انسانن جي گذرگاھ،
يا هن جي آڱرين جو ڇهاءُ،
اَچو ته خواب ڏسون،
هڪ نئين ماڻهو جو خواب،
ڪجھ عجيب نموني جو خواب،
ڪجھ عظيم نموني جو خواب،
خواب،
جنهن ۾ سڀ برابر هجون،
هي مانيءَ _ مڇي جي ڊوڙ،
اسان کان سڀ ڪجھ ڦري رهي آهي،
تنهنڪري،
اي منهنجا ساٿيو!
اَچو ته ڪي ننڍا خواب ڏسون،
ها!
اَچو ته ڪي وڏا خواب ڏسون!!