شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

آءُ توسان پيار ڪندس

هڪ شام توسان پيار ڪندس
اهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته
آءُ توسان ڪيترو پيار ڪندس
۽ گذريل ڪافي سالن کان رکيل
هي ساريون اڌ چميون
سڄيون ٿينديون يا نه
مونکي ان جي ڪا خبر ناهي
پر جي ٿيون ته انهن چپن جي خوشبوءِ
ڪيستائين هوندي
هن تائين هُن تائين
يا گهڻو پري تائين
مونکي ان سان ڪا دلچسپي ناهي
بس آءُ رڳو توسان پيار ڪندس
اهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته
آءُ توسان ڪيترو پيار ڪندس
۽ مونکي اها به خبر ناهي ته
پيار ڇا ٿيندو آ؟
هڪ سٺو ماڻهو پيار ڪري سگهي ٿو
۽ توسان پيار ڪرڻ جو سبب
آءُ ڪنهن کي نٿو ٻڌائي سگهان
پر اها حقيقت آهي ته
تون اِنتظار ڪندي آهين
پر مونکي ان سان ڪا به دلچسپي ناهي
بس آءُ رڳو توسان پيار ڪندس
اِهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته
آءُ توسان ڪيترو پيار ڪندس
آءُ تنهنجي ٽهڪن کي
خوبصورت تشبيهن ۾ قيد ڇو ڪريان؟
هو ڇا آهن؟
آءُ ان باري ۾ ڄاڻڻ نٿو چاهيان
بس اهو چوڻ ڪافي ٿو لڳيم ته
هو انتهائي خوبصورت آهن،
مون کص خبر آهي ته
تون انهن سان پيار ڪندين
ڇو ته آءُ انهن سان پيار ڪريان ٿو
تون تشبيهون ڇو پسند ڪندي آهين؟
مونکي انسان ڪو دلچسپي ناهي
بس آءُ رڳو توسان پيار ڪندس
اهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته
آءُ توسان ڪيترو پيار ڪندس
اڄ توسان ٽيليفون تي ڳاله ٿي هئي
اهو ڄاڻڻ بنا ته
توسان ڪهڙي ڳاله ڪرڻي هئي
هو نئين به تنهنجي آواز کي ٻُڌئي
ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا
اهو ڪرڻ ڏاڍو سٺو ٿو لڳي
توکي ڪيئن لڳو هوندو؟
مونکي ان سان ڪا به دلچسپي ناهي
بس رڳو آءُ توسان پيارڪندس
اهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته
آءُ توسان ڪيترو پيار ڪندس.