شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

پوءِ به هيڏي بيوسي!

ڪيڏو وڏو رب،
پوءِ به هيڏي بيوسي!

هي وڻ زمين آسمان،
هوند آهن سڀ،
پوءِ به هيڏي بيوسي!

سوچيان ٿو ته هڪ ٻه ڇو؟
آهن کوڙ مذهب،
پوءِ به هيڏي بيوسي!

هر شيءِ ترقي پئي ڪري،
آهي اڳتي ادب،
پوءِ به هيڏي بيوسي!