شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  غلامي

اسانجو ڏک پراڻو آهي
ها! اسان ذلتن جي رحم وَ ڪرم تي
جيئڻ سکيا آهن،
اسان جو الميو اهو آهي ته
اسين بهتر ٿيڻ کان اڳ
مري، کپي ويندا آهيون
هيءُ غريبي اسان کي ورثي ۾ ملي آهي
اسانکي پنهنجي هئڻ
۽ نه هئڻ جو احساس تمام گھٽ ٿيندو آهي
ضبط ڪرڻ جا تمام اَنڌا طريقا
اسانکي ڏينهون ڏينهن گهيري رهيا آهن
ضبط ڪرڻ جا تمام اَنڌا طريقا
اسانکي ڏينهون ڏينهن گهيري رهيا آهن
۽ غلاظت ۾ رهڻ کانسواءِ
جيئڻ جو ٻيو ڪو نمونو
اسان کي اڃا تائين راس نه آيو آهي
تنهنڪري،
دنيا جي ليکڪن کي ٻڌائي ڇڏيو ته
هاڻي اسان تي ڪا اَڇوت ڪهاڻي نه لکي وڃي
اسين انهن جي شُهرت جو حصو ٿيڻ کان
هاڻ گھڻو بيزار ٿي چڪا آهيون
ها! اسان مان تمام ٿورا
اهو خوب ڄاڻين ٿا ته
دنيا جون تمام طنقاتي لذتون
اسان جو استعمال ڪري رهيون آهن
۽ اسان کي غلامي سيکارڻ ۾
ڪنهن کي به شرم نه ايندو آهي
ها! اسين سڀ پنهنجي غلامي کي
مٿي تي کڻي گهمي رهيا آهيون
۽ جيئڻ جا تمام ذليل ڍنگ
اسان کي گهيري رهيا آهن
ڪيڏو نه خوفناڪ آهي
اسان جو هيءُ جيون،
مگر اسان جي غلامي کي
لفظن ۾ الجهائڻ وارو!
ٿورو ڏسو ته
ڪيئن نه هي تاريخ
اوهان تي ٿُڪي رهي آهي!!