مُهاڳ: ڪاري رات ۾ ڪچي گهڙي جهڙيون لکڻيون
اهي مٿيون سٽون مون کي (هو جي چوندا آهن نه!) "لڙِي" ويون۔ اهي سٽون هن ڪتاب ۾ڪالمن جي ليکڪ پياري لطيف جمال سندي پشاور ۾ ٻه سال اڳ "آرمي پبلڪ اسڪول"مٿان طالبان دهشتگردن هٿان ٿيل حملي ۾ ٻارڙن جي قتل عام واري سانحي تي سندي ڪالم ۾ لکيون هيون۔ اهو ڪتاب لطيف جمال جي "ڪاوش"۾ لکيل ڪالمن جو ڳٽڪو آهي۔ پياري لطيف جمال مونکي اهو مان ڏيڻ لاءِ سال کان به وڌ اڳ چونڊيو هو ته مان سندي ڪتاب تي مهاڳ لکان۔ اها سندس مون جهڙي ماڻهوءَ سان محبت آ جيڪا منهنجي روايتي سنڌي سستي يا سنڌ سان منهنجي انهي محبت جي نظر ٿي وئي جنهن کي ڀٽائي چيو هو؛
”لُڙڪ نه لکڻ ڏينم، ڪريو پون قلم سين"
معني ته "رائيٽرس بلاڪ" يا " لکڻ واري سان قلم رسي وڃڻ واري لقاءَ بابت اهڙِي تعريف مون ڪٿي به ڪونه پڙهي۔ حلانڪ اها روايتي سنڌي چنڊائي ٽائپ سستي جڏهن اڻهويهين صديءَ ۾ فرانس پهتي هئي ته انهي باقائدهه هڪ فلسفي جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي ۽ اهڙي ڪاهلي جي حق ۾ ناول به لکيا ويا هئا۔ هڪڙو اهڙو ناول مونکي منهنجي هڪڙي مون جهڙي ئي ڪاهل دوست سوکڙِ ي ڪري ڏنو هو۔ اهو منهنجو دوست ملڪ جي هڪ وڏي نجي يونيورسٽي جو ڊِين به آهي۔ سندم اهو دوست سنڌي ڪونهي۔
فرانسيسين کي ڪهڙي خبر ته هڪ ڏينهن مارڪ زوڪر برگ "فيس بوڪ" ايجاد ڪندو ۽ اسان سنڌين جا گوڏا ٻيهر مم چٽي ويندي۔ اسان سنڌي فيس بوڪ مان به ڪجهه اهڙو ڪم وٺڻ لڳندا سين جيڪو سنڌين ڪمپيوٽر کان ورتو هو۔ يعني پهريون سنڌي ڪمپيوٽر مان سنڌي اخبار ئي ڪڍي ۽ فيس بوڪ تي هڪ ٻئي جي ماءُ ڀيڻ هڪ ڪرڻ ۾لڳي ويا۔ يا سنڌين ان کان ڳوٺ واري حڄام جي سيلون يا وي سي آر واري "هوٽل" جو ڪم وٺڻ لڳا۔ مون جهڙي ڏيهه تڙِيل ماڻهو ان کي هڪڙِي سنڌ سمجهيو۔ يا وري صدر حيدرآباد ۾ استاد ”ڪاري حجام“ واري ڪلاسيڪل سيلون جتي ڪلاسيڪل تصويرون هونديون هيون۔ معاف ڪجو مان سدائين موضُوع تان هٽِي ڳالهائيندو آهيان۔
سو ليکڪ جڏهن ڪم کان هليو ويندو آ ته هو نه فقط ڪالم لکندو آ پر ڪتابن جا مهاڳ لکڻ به شروع ڪندو آ ۔ الائجي ڇو جڏهن به لفظ "مهاڳ" ٻڌندو آهيان مونکي رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو ياد ايندا آهن۔ غالب چواڻي:
مگر لکھوانے کوئی اسکو خط تو ہم سے لکھوائے
ہوئی صبح اور گھر سے کان پر رکھ کر قلم نکلے.
پر هاڻ ماڻهو ڪن ۾قلم بدران ليپ ٽاپ يا سمارٽ فون يا ٻئي وکر کڻي نڪري ٿو۔ آمريڪي به جن لاءِ چيو ويندو هو ته هو پيپربئڪ وارن ڪتابن سان پيار ڪندڙ قوم آهي. سي به ٽرين يا بس تي پنهنجي سمارٽ فونن ۾ منهن وجهيو آڱوٺي جي حرڪت ۾ رڌل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. آچر ڏيهاڙي ريل تي پاڻ سان گڏ ويٺل مائي کي مون داد ڏيندي چيو: ”هن سموري ريل جي دٻي ۾ رڳو تون اڪيلي آهين. جيڪا سمارٽ فون بدران ڪاڳر واري اخبار ۾ سيل جا ڪوپن پيئي نهارين۔“ ته هن وراڻيو: "ٿينڪ يو" پر پوءِ ٿيلهي مان فون ڪڍندي چوڻ لڳي، ”اميد ته تون دل ۾ نه ڪندين.“ ۽ پوءِ هو به بُروٽس وانگر وقت جي سيزر جي سيني ۾ سمارٽ فون جو خنجر لاهيندي فيس بُڪ جي گجگاهه جهنگ ۾گم ٿي ويئي۔ مون سوچيو الا !هي مارڪ زوڪربرگ دنيا کي ڪهڙِي ڪار سان لڳائي ڇڏيو آهي! بلڪل ائين جئين علي قاضي سنڌ جي نوجوان ذهنن کي ڪالم نگار يا رپورٽر بڻائي ڇڏيو۔ پر فيس بُڪ ته هرماڻهو کي پنهنجي پر ۾ ڪالم نگار ۽ صحافي بڻائي ڇڏيو۔ انڊين فلم مدر انڊِيا ۾ ڊائلاگ آهي:
" حالات ني هم کو اور تم کو چارلی کا باپ بنا ڈالا ہے. مدر انڈیا"
سو اوشو چيو هو "خوبصورت جهنگل رڳو ان لاءِ وڍيا وڃن جو انهن مان ٿرڊ ڪلاس اخبارون ڪڍڻ لاءِ نيوز پرنٽ وارو پنو تيار ڪيو وڃي۔؟“ پر مان چوان ٿو ته: ”ڇا سنڌ جا جوان ذهن رڳو اخباري دنيا جي ڏينهن رات جو کاڄ ٿيڻ لاءِ هئا۔؟ رڳو ڪالم نگاريءَ لاءِ هئا۔؟ جي سياست ۽ سياست ۾ غائب ٿيڻ کان بچي ويا ته اخباري دنيا جي ور چڙهي ويا۔ جي اتان بچي نڪتا ته اين جي اوز جي ڌٻڻ ۾ وڃِي نڪتا۔ منهنجو هڪڙو دوست چوندو آهي "اين جو اوز ٽِين دنيا جي ڪنگلن، پر ذهين نوجوانن کي امير بڻائڻ جو پهرين دنيا وٽ نسخو آهي۔" مان سوچيان ٿو ته جي مٿين سڀني ڳالهين کان بچي ويا ته پوءِ ملان ۽ صوفي کان ٺپ نه بچي نه سگهيا۔ آر۔ڊِ ي۔ برمن واري گيت جي ٻولن وانگيان ته
مسافر! توجائے گا کہان
دم لے لے گھڑی بھر
دم پائے گا کہاں
کہتے ہیں گیانی
دنیا ہے فانی
پانی پہ لکھی لکھاْئی
ہے سب کی دیکھی
ہاتھ کسی کے نہ آئی
کچھ تیرا نہ میرا
پهريون ڀيرو فلم "گائيڊ" جو اهو گانو ”شلندرا“ جي شاعري ۽ ايس ڊِي برمن جو آواز مون طارق عالم ابڙي واتان حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي ٽاڪ منجهندن جي واچوڙن کانوٺي نيويارڪ جي سينٽرل پارڪ تائين ڪئين ڀييرا ٻڌو هو۔ اڃان به جڏهن ڀلي ايس ڊي برمن کي سندو اهو گيت ڳائيندي ٻڌان پر چوان اهو طارق وارو مزو ڪٿي ؟ اهو طارق ڪٿي؟
اهو سنڌ جو ذهن ڪيڏانهن ويو؟ ان جا ڪجهه اولڙا جيئن ان رات مون هڪ دوست جي گهر جي دري مان نائين سيپٽمبر جي رات اڌ چنڊ ۽ انجو عڪس نيويارڪ جي ايسٽ ندي ۾ ڏٺا هئا. اهي هاڻ لطيف جمال جي ڪن ڪالمن ۾ هتي ڏسان پيو۔ لفظ جيڪي تارن ۽ چنڊ جيان سنڌوءَ جي لهرن ۾ اولڙن جهڙا لڳن ٿا. سنڌو جيڪا سدائين منهنجي روح ۾آهي۔ جنهنجو فل فوٽو مان نيويارڪ جي هڊسن ۾ پسندو آهيان۔
اياز مون واري ان ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو هو.
جيءَ اچي نه جهل
توکي ڪهڙِي ڪل
مون کان سنڌ نه وسري۔
لطيف جمال به انهن قميص جي ڳلي بند نوجوانن مان آهي. جيڪي قلم ڪتاب ۽ سنڌ سان رشتو رکندا آهن. جيڪي ئي اياز جي ان سٽ وانگر هوندا آهن: "پوءِ به ڪڏهن تو سوچيو آهي ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟" جي اهي پاڪستان يا سنڌ ۾ اخباري ڪالم عمران لکن ته ان ۾به ڪافڪا جو حوالو ڏيندا آهن۔ سنڌ ۾ ويجهي ماضِي واريون ٻه وڏيون ٻوڏون هجن (ان ۾ سمجهان ٿو ته اهڙِيون ٻوڏون ئي موهن جي دڙي کي هميشه لاءِ ٻوڙڻ لا ڪافي هونديون۔ موهن جي دڙي جا آثار به بس انلا ملي ويا، جو اُهي ”سر جان مارشل“ کوٽرايا جي سنڌ جا ڪرپٽ آبپاشي ڪامورا ۽ وزير کوٽرائن ها ته اهي به ڪون ملن ها)، يا سنڌ تي مٿان قبضي گيري واري حاڪماڻِي مرڪزيت پسندي يا جناح ۽ عمران خان واري پاڪستان جي تصورات ۾ فرق، يا ڪيٽِي ڄامشوري ڀرسان جوهي جي نوجوان بخت جمال سومري جو سندس ئي ٻارڙن جي اکين آڏو قتل، سنڌ ۾ لبرلزم جو موت، ملڪ ۾ طالباني ۽ ٻي مذهبي فسطائيت۔ بلوچ قومپرست تحريڪ، تان جو افغانستان پاڪستان لاڳاپا، آمريڪا انڊِيا لاڳاپا، سنڌ ۾نظرياتي سياست جو خاتمو ۽ يا وري گلابن جي شهر پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارڙن جو قتل عام جهڙا ڪي ڏکوئيندڙ، هيانو کي جهوٻو ڏيندڙ ته ڪي وري مٿي کي ڦِيري ڏيندڙ، روز مرهه جي اخبار جي ادارتي صفحي جي پيٽ ڀرڻ ۽ سيٺين جون ٽجوڙِيون ڀرڻ وارا گهڻو تڻو واقعاتي پر بي مقصد موضُوعاتي ڪالم يا ايڊيٽوريل ٽائيپ ڪالم انهي کي لطيف جمال جي ٻولي اسلوب ۽ لفظن جي چونڊ ۽ اهو بيانيو کنيو بِيٺا آهن۔ اهو بيانيو جيڪو به کنڀي گم ڪيل ماڻهن وانگر پياري پاڪستان عرف غائبستان مان غائب ڪيو ويو آهي۔ پر گذريل ڏهاڪن ۾ سنڌي لکندڙن ۽ ڳالهايئندڙ توڻِي پڙهندڙن جا اهي نسل نڪتا آهن. جيڪي رياستي يا خود سينسرڊ اخباري دنيا جي هڪ يگاني شاعر ۽ ڪالم نگار نور عباسي چواڻي "ڀينگ ٿي ويئي آهي دلبر ٻيو مڙيئي خير آ" جهڙين حالتن هوندي به هڪ لفاظيت واري سياست ۽ پوءِ صحافت واري دورن جي پيداوار آهن جنهن ۾(ٺيڪ طور) جو به گذاري اهو "مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو" پوءِ ڀلي اهو سنڌ جو "غدار" ئي ڇو نه هجي (لفظ"غدار" هڪ لاڳاپيل غير لاڳاپيل اصطلاح آهي. جنهن ملڪ ۾ملڪ جي ٺاهيندڙ جي ايم سيد کي غدار سڏيو ويو. انهي سنڌ ۾ مان ته نائومل کي به غدار نه ٿو سمجهان، ويچاري نائومل جي ڀيٽ ۾ ته هڪ ٻن کي ڇڏي ٽالپر امير "غدار" جي سڏي سگهان. جن انگريزن وٽ هڪٻئي لاءِ چغليون هنيون هيون. ان سبب ته چوندا آهن ته: ”ميرن کي گهران لڳي“ ۽ سنڌ وڃائي ويٺا۔ سو اهڙي سنڌي سياست ۽ صحافت مٿان رومانويت واري ٻولي جو مهندار عبدالواحد آريسر هو. وري انهي سنڌي ڪالم نگاري ۽ اداريي نگاريءَ ۾ ان جا ٻه گهڙُوگهنٽال فقير محمد لاشاري بڻيا۔ اها سنڌي اخباري دنيا جنهن ۾ هاڻ سر وکيربا آهن، نعري بازي ڇتي هوندي آهي، سڀ مهاجر دهشتگرد هوندا آهن، غيرسنڌي سڀ ڌاريا هوندا آهن، شهر سڀ سنڌين جا هوندا آهن، ماڻهو مٽيءَ ماءُ حوالي هوندو آهي (هجڻ به گهرجي سورمو هجي يا غدار ڇو ته ڌرتي ته سمورن انسانن جي ماءُ هوندي آهي) ته پيارو لطيف جمال به انهن سنڌي سياست ۽ صحافت جي گهنٽاگهرن کي ڏسي پنهنجي گهڙِي ٺيڪ ڪيل ڏسجي ٿو۔ سا ڪا ايڏي غلط ڳالهه به ناهي۔ هو گهڻ پڙهيو آهي. سنڌ جي حقن واري تحريڪ سان لاڳاپيل بند بٽڻن وارو نوجوان رهيو آهي۔ سو صحافت ۾ هو پنهنجي ٽين اک ۽ کليل ذهن رکي ٿو۔ سنڌي صحافت جيڪا آزادي (سواءِ 14 آگسٽ 1947جي) کي "آجپو"، فوج ۽ انجي ڳجهن ادارن کي "سگهارا ادارا"، ڪاري ٿيل ڪٺل ريپ ٿيل عورت جو گهڻو ڪري نالو ۽ قاتل ۽ ريپسٽ جي نالي جو پهريون اکر يا "هڪ بااثر" ، نمائش ۾ ناريون، پريمي جوڙا، پر ذُوالفقار علي ڀٽو سندس پٽ ۽ ڌي سڀ "شهيد"، جي ا يم سيد "سائين" ، پير پاڳارو ”پير سائين پاڳارو“ ان کان اڳ هو "راجا سائين“ ليکيا ۽ پڙهيا ويندا هجن (سنڌي ۽اردو اخبارن ۾ به هڪڙي وقت تائين آصف زرداري به نالي بدران "هڪ اهم شخصيت" لکي ويندي رهي هئي)۔ جتي سنڌ ڇا پاڪستان ۾ به مارشل لا بظاهر ختم ته ٿي ويئي پر قانون ٽوڙيندڙادارن کي "قانون لاڳو ڪندڙادارا" لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي۔ اتي ان هنڌ ۽ ڪاري ڪڪر هيٺ لطيف جمال جهڙن لکندڙن جون لکڻيون نه فقط ڪاري رات ۾ڪچو گهڙو آهن پر اها ٽِم ٽِم لاٽ آهن. جيڪا جوڳي ڪالهه جلائي ويا۔ جنهن رات ۾مان هزارين ميلن تان به ڏسي سگهان ٿو ته سنڌ اڃان گدڙن نه کاڌي آهي۔
پر سٺو ٿئي ها جي هن ڪتاب ۾ شامل سمورن ڪالمن منجهان چونڊ ۽ ايڊيٽنگ تي ڌيان ڏنو وڃي ها۔ بجاءِ منهنجي خيال ۾اڳئين سال وارن ڇپيل ڪالمن کي رڳو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جي۔ جي ائين آهي ته پوءِ پڙهندڙن سان ٻه ڀيرا زيادتي ٿيندي هڪ ته ان اهي سموار ڪالم اخبار ۾ پڙهيا ۽ وري پوءِ ٻيهر ڪتابي شڪل ۾ انکي پڙهي۔ مونکي خبر ناهي ته ابوالڪلام آزاد جي ”شورش ڪاشميري“ کي سندي رسالي "چٽان"۾1948 ۾انٽرويو کان وٺي شامي عظيم عرب شاعر نزارقباني جي حوالن ۽ بلوچن جي حوالي سان حق خود اراديت واري ڳالهه تائين اهي ڪالم لطيف جمال جي اخبار ۾ ”جون ڪا تون“ ڇپيا ها يا ضرور ڪاٽيا ويا ها جو نه فقط اڳيان اهي توريندڙ تکا به هيا پر ڪنهن چواڻي ”خود غرض ايڊيٽر عرف وائڙِي واڇ“ به ٿين۔ ۽ اڳيان پڙهندڙ تکا.
[b]حسن مجتبى
[/b]نيويارڪ
12 سيپٽمبر 2017