طالبان سان ڳالهيون، رياست جي ڪمزور پاليسي...
هي اهڙي جنگ آهي جنهن جنگ کي جيتڻ لاءِ تحريڪِ طالبان ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائڻ شروع ڪيا آهن. ڪوئٽا جي ضلعي مستونگ مان گُذرندڙ ايراني رستي تي ڪيترائي ڀيرا بم ڦاٽا آهن ۽ انساني جانيون وڻن ۽ پٿرن تان ميڙي ڪوئيٽا جي علمدار چوڪ وٽ گڏ ڪري ڌرڻا لڳايا ويا آهن. پر پاڪستان جا سمورا جاسوسي ادارا، سول توڙي قانون نافذ ڪندڙ ادارا اهڙن واقعن کي نه فقط روڪي سگهڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن پر پنڊي، ڪراچي توڙي پشاور تائين اهڙي جنگ ڇڙي چُڪي آهي. جنهن ۾ خود قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پڻ اهڙن حملن کان محفوظ ناهن رهيا. هيءَ جنگ ڪٿي ڇيهه ڪندي؟ ڪو پتو ناهي. پر پاڪستان کي ٻين مُلڪن جي معاملن ۾ مُداخلت ڪرڻ جي جيڪا قيمت ڀرڻي پئي آهي اُن جو کيس اندازو ئي نه هو. روسي فوجون ته افغانستان خالي ڪري هليون به ويون. پر پاڪستان اُتي اهڙو ڦاسي پيو آهي جو کيس پنهنجي گهر جو آڳر به توب جي منهن ۾ محسوس ٿي رهيو آهي. هاڻ پاڪستان جي سياسي قيادت وٽ فقط ٻه رستا بچيل آهن يا اُهي طالبان قيادت اڳيان سندن نظامِ حڪومت ۽ طريقهءِ ڪار تي مُتفق ٿي معاملا طئي ڪري. يا طالبان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جنگ ڪري.
اهڙي حالت ۾ خبر ناهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ڇا سوچيو آهي؟ پر ميان نواز شريف پاران ڪراچيءَ ۾ پوليو ٽيمن مٿان حملن، مستونگ معاملي، پشاور ۽ پنڊيءَ وارن حملن جي ردِعمل ۾ اڃان به اهو چوڻ آهي ته: ”دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پهرين ترجيع ڳالهيون آهن. فوجي ڪارروائيءَ ڪرڻ جا معاملا، بعد ۾ سوچي گرين سگنل ڏنو ويندو.“ خبر ناهي ڪهڙيءَ سياسي حڪمت عمليءَ طور اڃان به طالبان اڳيان ڳالهين جا دروازا کُليل رکيا ويا آهن؟ جڏهن ته ٻئي پاسي اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جاري ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ پڻ اهو دليل ڏنو پيو وڃي ته اُها ڪارروائي حتمي ناهي. جڏهن ته اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ به ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن. ۽ لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي چُڪو آهي. سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائيءَ جي شروعات، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ واري حڪمت عملي آهي. جيڪڏهن اُتر وزيرستان جي نتيجي ۾ تحريڪِ طالبان پاڪستان ڳالهين جي ميز تي ويهي ٿي ته اُن کان پوءِ معاملا اڳتي وڌندا.
هن وقت پاڪستان جي اندروني صورتحال گهرو ويڙهه جو ميدان بڻجي پئي آهي. جنهن ۾ وڏو عمل دخل انتها پسند ڪارروايون آهن. اهڙين ڪاررواين ۽ خودڪش حملن کي روڪڻ جون جديد سهولتون هن مُلڪ جي ادارن وٽ مُيسر ناهن. پاڪستان جي اهڙي ڪمزور سيڪيورٽي صورتحال جو فائدو وٺندي تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيو آهن. هاڻ جيڪڏهن اهڙي ڪمزور صورتحال ۾ هن مُلڪ جون سياسي ۽ فوجي قيادتون طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ آمادهه ڪن ته آخر ڪيئن ڪن؟ ڇاڪاڻ ته سڄو مُلڪ تحريڪِ طالبان پاڪستان جي خودڪش حملن جي اهڙي گهيري ۾ ڦاٿل آهي جتي، لڳاتار ڊفينسو پوزيشن ۾ رهڻ سان تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. انڪري اهڙي حالت ۾ آفينسو حالت ۾ رهي، تحريڪِ طالبان جي طاقت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ جڏهن اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي ته ڇا اهڙي فوجي حڪمت عملي هن مُلڪ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي؟
جيڪڏهن اسان ٿوري وقت لاءِ پنهنجا ساهه سينن ۾ روڪي اهو سمجهي به وٺون ته پاڪستان، انتها پسنديءَ خلاف ويڙهه ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به تحريڪِ طالبان پاڪستان واري کاتي کي ختم ڪرڻ لاءِ کين لڳاتار ڳالهين جي پيشڪش ڪندو رهي ٿو، ته پوءِ ڇا اُنهن جا اُهي سڀ شرط به قبول ڪري وٺندو؟ جيڪي تحريڪِ طالبان پاڪستان جا اڳواڻ مختلف وقتن تي ميڊيا تي آڻيندا رهيا آهن. جن ۾ سرِ فهرست سندن طرز جي نظامِ حڪومت لاڳو ڪرڻ وارو شرط به رهيو آهي. جيڪڏهن اُتر وزيرستان واري فوجي ڪارروائيءَ جي ذريعي پاڪستان، تحريڪِ طالبان مٿان پريشر وجهي کين ڳالهين جي ميز تي آڻي ويهاري ٿو ته ڇا اُهي ڳالهيون پاڪستان جي مُستقل امن لاءِ جٽادار ثابت ٿي سگهنديون؟ ڇاڪاڻ ته هن مُلڪ جي وڏي اڪثريت لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جي حامي آهي. اُن مٿان طالبان طرزِ حڪومت وارو طريقهءِ ڪار لاڳو ٿي سگهڻ جهڙا معاملا طئي ٿي وڃڻ خود پيچيدهه معاملا به اهڙي ڪنڊي وانگر بڻجي پيا آهن جيڪي هن مُلڪ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آهن. جنهن کي نه ڳهي سگهجي ٿو نه ئي ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. جيتري قدر دهشتگرديءَ وارن معاملن کي نبيرڻ جو سوال آهي ته اُهي نبيرجي سگهجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن هن مُلڪ جي جاگرافيائي ڪوريج ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ان حد تائين جو هاڻ هلندڙ مهيني جنوريءَ جو ئي جائزو وٺجي ته سال جي پهرئين مهيني ۾ اهڙن انتها پسند واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي آپريشن هلندڙ آهي. پر اُن جا هن وقت تائين به ڪي مُناسب نتيجا ملي ناهن سگهيا. اهڙي هلندڙ آپريشن دوران، چوڌري اسلم جو مارجي وڃڻ، پوليو ٽيمن جا لاش ملڻ کي ڪو سُٺو سنئوڻ سمجهي نٿو سگهجي. اهو سلسلو رُڪيو ناهي مسلسل هلندڙ آهي، جيڪو ٿورو به عقلي دليل سان ڳالهائي ٿو ته اُن مٿان قاتلاڻا حملا ٿين ٿا. اصغر نديم سيد لاهور ۾ رت هاڻو ٿي اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو ته چار سدهه ۾ پوليو ٽيمن کي بمن سان اُڏايو وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ نه رُڳو نواز حڪومت لاءِ پر هن مُلڪ لاءِ به دهشتگردي وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن هن مُلڪ جي سياسي قيادتن طرفان اڃان تائين به ڪنهن فيصله ڪُن مرحلي تي پُهچڻ بجاءِ نرم موقف رکيو ويو ته پوءِ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته هن مُلڪ جي اندر سنڌ ۽ بلوچستان جي چڙيل نسل کي چيڀاٽڻ ۽ کين ختم ڪرڻ جو ٻيو مطلب اهو وڃي بيهندو ته اُهي طاقت جي توازن ۾ شايد هن رياست کان ڪمزور آهن. هڪ پاسي طاقت جو توازن برقرار رکندڙ قُوتن (طالبان) پاران تمام گهڻي نقصان ڪرڻ جي باوجود به ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي طاقت جي توازن ۾ ڪمزور قوتن کي چيڀاٽيو وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ چوڻ وارا ته ائين به چئي رهيا آهن ته هن مُلڪ جا معاملا مُستقبل ۾ نين جاگرافيائي لڪيرن جي نشاندهي جو نياپو ڏئي رهيا آهن.