ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

افغان جنگ ۾ ڪمزور سياسي حڪمت عمليون..!

ڪابل کان پوءِ بغداد، بغداد کان پوءِ بيروت ۽ بيروت کان پوءِ ڪنهن جو وارو آهي؟ تهران، مصر، دمشق، خرطوم يا اهو خِطو جتي اسان پنهنجي پُرسڪون زندگي ڪنهن گمنام خوشفهميءَ ۾ گُذاريون ٿا. اهڙيون انيڪ اڳڪٿيون اُن وقت کان ئي اسان جي جيءَ کي جنجهوڙي رهيون آهن يا دل ۾ ڪنهن ڪانهن جي ڇيت وانگر چُڀي رهيون آهن. جڏهن اڃان نائين اليون وارو واقعو وجود ۾ نه آيو هو. پر ڪابل ۽ قنڌار تي ڪنٽرول طالبان جو هو ۽ اهو عام نعرو اسلام آباد جي ديوارن تي پاڪستاني عوام تي ڪنهن چٿر وانگر چنبڙايو ويو هو ته “ افغانستان کي بعد پاڪستان.... طالبان طالبان....!” پر اسان جيڪي لبرل ۽ سيڪيولر سوچ واري خوشفهميءَ جو شڪار هُئاسين تن ان نعري جي پويان لڪيل نيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هُئي. اسان ائين پئي سمجهيو ته خطرو پري آهي. اسان پنهنجي اکين جا دروازا پُوري ڇڏيا ۽ معاملا وڃي ڪبوتر ۽ ٻلي واري ڪهاڻيءَ تائين پُهتا. ميرا داغستان ۾ رسول حمزه توف لکيو هو ته ”ڪنهن به ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪڙو بد معاش ئي ڪافي هوندو آهي.“ پر ڇا ڪنهن غير محفوظ پاڙي جا باقي گهر محفوظ رهي سگهن ٿا؟ سرحدن جي باهه پاڙيسري مُلڪن تي ڪيئن پنهنجا اثر ڇڏيندي آهي؟! اُن جو سبق اسانجي موجودهه نسل جون پويون ست پيڙهيون به ياد رکنديون. اُهي طالبان جن اڃان ڊاڪٽر نجيب کي ڦاسي نه ڏني هُئي. اُن کان اڳ 1995ع ۾ سنڌ جو هڪ قومپرست اڳواڻ ڪنهن گڏجاڻيءَ مان اُٿي موڪلائڻ وقت اهو جملو چوندو هو ته: ”هاڻ طالبان جو قافلو اڳتي هلي؟“ اُن وقت اُها مذاق هُئي يا طالبان سان همدردي؟ سا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هُئي. پر جڏهن 1996ع ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان (پي ڊي پي اي) جو طالبان هٿان تختو اونڌو ڪيو ويو هو ۽ لبرل ذهن ڊاڪٽر نجيب احمد زئي کي سرعام ڦاسي ڏني وئي هُئي، تڏهن اُن قومپرست اڳواڻ جي دل به سيني ۾ سُسي وئي هُئي. ڊاڪٽر نجيب سان ڪيل پنهنجي مُلاقاتن کي ائين ياد ڪرڻ لڳو هو، جيئن وڇڙي ويل محبت کي ياد ڪبو آهي. شايد اُن کان پوءِ ئي اُن قومپرست اڳواڻ جي دل جا دروازا طالبان جي همدرديءَ لاءِ هميشه پُورجي ويا هُئا. پر ڇا سياست جي سوڙهين گهٽين کي سمجهڻ وارا سمورا دانشور دوست اُن وقت تائين به افغان وار کي افغانستان جي جنگ سمجهي سوچيندا رهيا هُئا. ڇا اُنهن اهو نه سوچيو هو ته اُن بين الا قوامي راند ۾ سندن ڌرتيءَ جا ساوا سَلا به سڙي سگهن ٿا؟ اهو سچ آهي ته اُن وقت تائين ائين ڪنهن به نه سمجهيو هو ته اُن جنگ جا اثر پاڪستان جي شهرن کي ايترو سوڙهو ڪري ڇڏيندا جو ماڻهو گهرن جي درن مان نڪرندي خوف محسوس ڪندا. پر نائين اليون واري واقعي کان پوءِ پينٽاگان جي پيغام تي اسان هڪ پاسي ٿي بيٺاسين. جنگين ۾ اڻڌريو ٿيڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. جڏهن اسان طالبان سان ناهيون ته پوءِ آمريڪا سان آهيون، آمريڪا سان ناهيون ته اُن جو مطلب اسان طالبان سان گڏ آهيون. ان سوچ تحت پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي رستي جو تعين ڪيو. اُنهن هڪ ئي ڌمڪيءَ تي پهاڙي رستن سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي ٽوڙي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته اُنهن کي خبر هُئي ته پهاڙي پيچرن سان سنگت جو رشتو بظاهر برقرار رکڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟؟ ۽ اهڙي رشتي جا ڌاڳا ٽوڙي پنهنجي اڱڻن تي ڪيئن نه ڊالرن جا وڻ ٿا پوکي سگهجن؟؟!پر سنڌ ان سڄي بين الا قوامي گيم جي ڪنهن به حصي پتيءَ کان ٻاهر هُئي. اُن جا وڏا اسٽيڪ هولڊر ڪير هُئا؟ اُن تي گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي پر بلوچ ۽ سنڌي ان گيم جو حصو نه رهيا. پر پوءِ به گهڻي کان گهڻو اُن ”جنگ“ جا اثر سڌي طرح بلوچستان ۽ سنڌ تي پيا. افغان ڪئمپون سنڌ ۾ قائم ٿيون. افغان آباديءَ جو گهڻي کان گهڻو دٻاءُ سنڌين برداشت ڪيو. جن ماڻهن کي پشتو کانسواءِ ڪا ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي اوهان کي سنڌ جي ننڍي وڏي شهر ۾ اڪثريت سان ملندا. منظم منصوبي سان سنڌ مٿان اهڙي ڌاري آبادڪاريءَ جي يلغار ڪئي وئي. جنهن جو مثال ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. سنڌ جنهن ڪڏهن پنهنجي خوابن ۾ به اهو تصور نه ڪيو هو ته خودڪش ڌماڪا ڪرائي، سنڌ جي گيڙو لباس ۽ صوفي مزاج کي رت هاڻو ڪري سنڌ جي سڃاڻپ مٿان مذهبي جنونيت جو تيزاب هاريو ويندو ۽ سنڌ جو سمورو هاءِ وي مدرسن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندو ۽ ديني تعليم جي بهاني، معصوم ٻارڙن جي ذهنن کي مذهبي ڪٽرپڻي جي بارود سان اهڙو ڀريو ويندو جو انهن جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي اک فقط جُنون سان ڏسڻ لڳندي.!!! اهو سڀ ڪجهه، ائين ٿيندو رهيو ۽ اسان جيڪي سنجيدهه سياسي فڪر رکندڙ جماعتن ۾ ورهايل هُئاسين اهڙين حالتن ۾ اسان جو ڪو به واضع موقف جُڙي نه سگهيو. ائين ئي بلوچستان به جيڪو ان سڄي بين الاقوامي گيم جو حصو نه هُيو پر گهڻي کان گهڻا خودڪش ڌماڪا به اُتان جي رستن ۽ روڊن تي ٿيندا رهيا. ڪوئٽا جون اُهي تيرنهن گهٽيون جن جو تازو ميان صاحب به ذڪر پئي ڪيو. انهن تيرنهن گهٽين ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين تي ڪنٽرول ڪرڻ به ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي رهي.
افغان وار ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن لاءِ بين الاقوامي سياسي بيورڪريٽن وٽ سواءِ بي حسيءَ جي، پري پري تائين ڪجهه به نظر نٿو اچي. ڪير ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهندو ته گهڻي کان گهڻو هٿيار جو واپار افغان وار کان پوءِ سنڌ ۾ وڌيو آهي. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ته: ”افغان جنگ، کان پوءِ هٿيارن جي وڏي واهپي ۽ ڪاروبار جو وڏو مرڪز ڪراچي بڻجي ويو آهي. جتي جائز ۽ قانوني لائسنس تي وڪرو ٿيندڙ هٿيارن جا دوڪان محدود آهن. جڏهن ته ته غير قانوني هٿيارن جو واپار عروج تي پهچي چڪو آهي. جديد کان جديد هٿيار ڪراچيءَ ۾ وڪرو ٿين ٿا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ غيرقانوني طريقي سان موڪليا وڃن ٿا. جن مان ڪيترائي هٿيار قبائلي تڪرارن ۾ به استعمال ٿين ٿا.“
سنڌ جيڪڏهن نائين اليون واري حادثي کان ئي پنهنجون اکيون پٽي ڪنهن آمر جي آڱرين جي اشارن تي خاموش ويهڻ بجاءِ پنهنجي معقول موقف سان سنڌ جي ڪيس کي عالمي برادريءَ اڳيان رکي ها ۽ هن بين الاقوامي وار جي اسٽيڪ هولڊرس جي نيتن خلاف احتجاج جو رستو وٺي ها ته اڄ ڪنهن به طرح سنڌ جون گيڙو رتڙيون شامون رت جي راند جو ڏيک نه ڏين ها. ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪڏهن به پنهنجي مزاج ۾ بنياد پرست قوتن سان گڏ ناهي رهي. اُهي بنياد پرست قوتون جيڪي سموري سماج کي پنهنجي منحوس پاليسين سان اُجاڙي تحس نحس ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ نه ئي سنڌ اُنهن قوتن اڳيان مجرمانه خاموشي اختيار ڪري ها. جن قوتن ڪنهن نه ڪنهن طرح هر دور ۾ قومن جي بنيادي انساني آزاديءَ لاءِ سنجيدهه ٿيڻ جي بجاءِ، اُنهن قوتن جي پُٺي پئي ٺپي آهي جيڪي قوتون سنڌ کان بنيادي انساني آزاديءَ جو حق پنهنجي طاقت جي آڌار تي ڦٻائي چُڪيون آهن. اهو سمجهندي به ته پاڙي ۾ لڳل باهه جا اثر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻين گهرن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا، سنڌ جي ڪنهن به قومپرست سياسي پارٽيءَ اهڙي حڪمت عملي اختيار نه ڪئي. جنهن سان اُن جنگ جي اثرن کان سنڌ کي بچائي سگهجي. سنڌ ۾ وڏي سياسي پارٽيءَ طور مقبول رهندڙ پيپلز پارٽيءَ تي ان ڪري به ميار ڏئي نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اُن جي اوليت تي سنڌ ڪڏهن رهي به ناهي. جيڪڏهن سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي اوليت تي هُجي ها ته امن ڪميٽيءَ جي نالي تي ڪراچيءَ کي بد امنيءَ جي باهه ۾ ڌڪي اصلوڪن رهواسين کي دربدريءَ جي زندگي گُذارڻ تي مجبور نه ڪري ها. ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو جو دهشتگرديءَ کي دهشتگرديءَ واري انداز واري ماڊل کي متعارف ڪرائڻ سان ختم ڪري سگهجي. پيپلز پارٽيءَ امن ڪميٽيءَ کي ائين دُڪا کارائي وڏو ڪيو. جيئن افغان جنگ ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا طالبان کي روس سان ويڙهه لاءِ پالي نپائي وڏو ڪيوهو. ظاهر آهي ته اُن جا نتيجا اهڙا ئي نڪرڻا هُئا جيڪي هن وقت نظر اچي رهيا آهن. پنهنجي ئي تير سان پنهنجا سينا زخمي ٿيندا رهيا. گروهي ۽ لساني سياست جي خاتمي لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ورتل سنجيدهه ڪوششن جا اسان گُذريل پنج سالن کان اکين ڏٺا شاهد آهيون. تنهن ڪري اهڙي پارٽيءَ مان اها اُميد اجائي هوندي ته ڪو اُن پارٽيءَ جي اندر هڪڙو اهڙو گروهه يا طبقو موجود هوندو جيڪو سنڌ کي لساني ۽ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف بين الاقوامي بيوروڪريٽس سان بارگيننگ ڪري سگهي ٿو ۽ انهن جو ڌيان سنڌ جي لبرل ۽ صوفياڻي مزاج واري واٽ ڏيکاري سگهڻ ۾ سنجيدهه به آهي...! پر جڏهن اهڙي ڪوڙي آسري جا بنياد ئي ڪمزور نظر ايندا ۽ اُتي رڳو اقتدار ۾ رهڻ لاءِ هر پاليسي ۽ حڪمت عمليءَ کي جائز سمجهيو ويندو هُجي. پوءِ چاهي اها پاليسي سنڌ جي صورتحال کي اوڙاهه ۾ به اڇلائي ڇو نه ڇڏي. تنهن ڪري اهڙي ميار سنڌ سان جزباتي حد تائين وابستگي رکندڙ پارٽين کي ڏئي سگهجي ٿي، جن هر موڙ تي سنڌ جي ڪيس لاءِ ڪنهن مورچي کي خالي ناهي ڇڏيو. جيڪڏهن ٿوري ٿڪي سياسي اُميد ڪري سگهجي ٿي ته وري به سنڌ جي موجودهه سنڌ دوست اُنهن پارٽين مان ئي ڪري سگهجي ٿي. جيڪي ماضيءَ جي غلطين ۽ ناڪارهه حڪمت عملين جي تجربن جي روشنيءَ ۾ ڪو گڏيل پليٽ فارم جوڙين. ڇاڪاڻ ته اعتماد ٽُٽڻ کان پوءِ به اعتماد ئي ڪبو آهي. سماجن ۾ مايوسي ۽ نااميدي به تڏهن ئي پئدا ٿيندي آهي. جڏهن اعتماد ٽُٽندا آهن ۽ ٻيهر اعتماد ناهن ڪري سگهبا. تنهن ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تمام تر ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي سنڌ وطن جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجون سياسي صفون سڌيون ڪرڻيون پونديون. فقط ٽي ٽائر ساڙڻ، چار رستا بلاڪ ڪرڻ، ٻن جلسن ۽ جنرل باڊيز سان سنڌ جي قسمت تبديل نه ٿيندي. سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين جي گڏيل پليٽ فارم تان بين الاقوامي برادريءَ جو اُن سنگين معاملي طرف ڌيان ڇڪائڻو پوندو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌ ئي متاثر ٿي آهي. اُن لاءِ سنڌ جو ڪيس بين الاقوامي ايجنڊا تي آڻڻ لاءِ سمورا ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا. عالمي برادريءَ تائين پهچي، انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته اُهي سنڌ جي لبرل سوچ ۽ فڪر کي ڦهلائڻ لاءِ اُنهن لبرل قوتن تي هٿ رکن، جيڪي هر حالت ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ۽ امنِ عالم بني نوع آدم جا حامي آهن. معاملا هاڻ جلسن، جلوسن ۽ جنرل باڊيز کان مٿي جا آهن. اهڙي حڪمت عملي جيڪا ڪي به نتيجا ڏئي نه سگهي اُن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ڪو هاري سڄو سال محنت ڪري فصل جو انتظار ڪري پر ٻنيءَ مان ٻه داڻا به اُن جي حصي ۾ نه اچن. اهڙي جدوجهد ته اهڙي هاريءَ جي محنت وانگر ٿي. جديد دور جي تقاضائن مطابق سائنسي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هڪڙو ننڍڙو مثال ٿا وٺون ڪراچيءَ ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ زهرى شاهد جي قتل ڪيس کي الطاف حسين جي تقريرن سان جوڙي جهڙي ريت تحريڪِ انصاف برطانيه سان مواصلاتي ذريعن جو فائدو وٺندي مُتحرڪ بڻجي ۽ فون ڪالز ۽ ايميلز جي ذريعي الطاف حسين جي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ لُڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو. اهڙو مثال نٿو ملي. تحريڪِ انصاف نه ئي ڪو وڏو ڌرڻو هنيو نه ئي مولانا قادري جهڙو مارچ ڪيو پر مواصلاتي ذريعن جي دُرست استعمال سان تڪڙا نتيجا به حاصل ڪري سگهجن ٿا.
تنهن ڪري سنڌ کي بارود جي ڍير مان ڪڍڻ ۽ ڳچيءَ ۾ پيل دهشتگرديءَ جي رسيءَ مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ لاڀائتي جدوجهد لاءِ سوچڻ گهرجي. گهڻ پاسائين جدوجهد جيڪا نتيجا به ڏئي سگهي. تڏهن ئي نئين سنڌ جو قيام ممڪن ٿي سگهندو. ڇو ته وقت ۽ ويرون ڪنهن لاءِ انتظار ناهن ڪندا نه ئي انهن جو فطري عمل رُڪجي سگهندو آهي.