قومپرست پارٽيون ڪراچيءَ کي سياسي قلعو بڻائين
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا ۾ جنگي حڪمت عمليون به تبديل ٿي ويون آهن. خوشحال ملڪن ۽ قومن جي معاشي منڊين تي تسلط جا طريقا به تبديل ٿي ويا آهن. ائين جيئن هن وقت چائنا سڄي دنيا جي منڊين مان مقامي شين کي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي وڏن شهرن مان مقامي ماڻهو پنهنجي منڊين ۽ مارڪيٽن مان اڻلڀ ٿي ويو آهي. جن قومن کي پرڏيهي سياسي پاليسين جي ڄاڻ آهي سي سنڌ ۾ حصيداري حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل پلاننگ سان ڪم ڪري رهيون آهن. پنهنجي ماڻهن جي رهائش ۽ روزگار سميت کين سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ سرگردان آهن. ڇو ته پرڏيهي سياسي پاليسيون طويل مُدتن تائين جُڙنديون آهن. جن جي ايجنڊا جا مقصد موجودهه سياسي پاليسين جي تناظر ۾ طئي ٿيندا آهن.
نائين اليون کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف اُٿندڙ جنگ واري طوفان ۾ دنيا جي سُپر پاور طاقتن پاڪستان متعلق پنهنجون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي ورتيون آهن. جنهن نقظهءَ نظر سان ڏسجي ٿو ته ڊگهي مُدت کانپوءِ هن خطي ۾ جاگرافيائي تبديلين واري امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن جاگرافيائي تبديلين ۾ سنڌ جي صورتحال ڪٿي بيهندي؟ اُن جو اندازو به موجودهه سياسي صورتحال جي تجزيي مان ڪري سگهجي ٿو.
جنگ جي فن تي چيني مفڪر سن تُزو جي لکيل ڪتاب ”جنگ جو فن“ کي آمريڪا جي فوجي اڪيڊمي ۾ بائيبل جي حيثيت حاصل آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”هٿيارن جي حملي کان وڌيڪ نفسياتي حملو هوندو آهي، جنهن سان دشمنن جا مورچا خالي ٿي ويندا آهن.“ سنڌ هن وقت هڪ اهڙي ئي نفسياتي حملي جو شڪار آهي. سنڌ جي اهم سياسي معاملن تي گهري اک رکڻ بجاءِ هن ملڪ جي اهڙن معاملن تي بحث ڪيا وڃن ٿا جن معاملن جو سنڌ جي سياسي ماحول تي سڌي يا اڻسڌي طرح ڪو فرق پئجي نٿو سگهي.
اصولي طور اسان اهو سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهڻ ۾ سنڌي ماڻهن کي مڪمل مايوس ڪيو آهي. ته پوءِ سوال اهو آهي ته آخر ٻي اهڙي ڪهڙي قوت آهي جنهن سان سنڌي قوم ڪي اُميدون وابسته ڪري سگهي ته اُها قوت ئي سنڌ جي بقا لاءِ سياسي مورچي تان سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟ پيپلز پارٽيءَ کي پاسي تي رکي سنڌ جي باقي قومپرست سياسي پارٽين جو جائزو وٺبو ته انهن جي پوزيشن به مڪمل مايوس ڪندڙ نظر ايندي. ڇو ته اُهي ڪنهن به هڪ نُقطي تي متحد ٿي يا ڌار رهي به ”سنڌ ڪيس“ کي بارگيننگ جي حد تائين به پهچائي ناهن سگهيون.
هن وقت سنڌ مٿان نفسياتي حملو شايد اسان جي قومپرست قيادتن کي به نظر نه ايندو هُجي ته ”ڪراچي ڪيس“ سنڌي ماڻهن لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين صدمي وانگر بڻجندو پيو وڃي. اسانجا مسلمان ڀائر جيڪي چاچا حفيظ چواڻي ” ته معشيت ۾ ته حصيدار آهن پر اسانجي معاشري جا مُنڪر بڻيل آهن.“ سي جتي به آباد ٿيا تن تاريخي نالن کي تبديل ڪري سنڌ کان ان جي تاريخ کسڻ جي شروعات ڪئي. اهڙا سوين مثال موجود آهن. ”ايلفنسٽن اسٽريٽ“ جي نالي کي ”زينب مارڪيٽ“ ڪري ڇڏيائون. ”هارڊ ڊيوس روڊ“ کي ”ياسين ڇيپا روڊ“ ۽ ”پريٽ روڊ“ کي وري ”عارف شبير روڊ“ جهڙا نالا ڏنا ويا آهن. تازو هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ڪراچيءَ جي تعلقا ميونسپل ايڊمنسٽريشنس جا اهي ايڊمنسٽريٽر جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي. سي پنهنجي هٿرادو آرڊيننس جي ذريعي سڄي ڪراچيءَ جي اهم تاريخي جاين، روڊن ۽ رستن جا نالا تبديل ڪري انهن دهشتگردن جي نالن سان جوڙي رهيا آهن جيڪي مختلف جهيڙن ۽ فسادن ۾ مري چڪا آهن. رپورٽ مطابق فقط صدر ٽائون جي ايڊمنسٽريٽر پنهنجي نادر شاهي آرڊيننس جي ذريعي گذريل 4 سالن ۾ 400 جاين، رستن ۽ چونڪن جا پراڻا نالا تبديل ڪري پنهنجي پارٽيءَ جي ورڪرن جي نالن سان منسوب ڪري ڇڏيا آهن. ۽ نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هن لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس، 1979 جي سب سيڪشن 07 جي سيڪشن 52 تحت ائين ڪيو آهي. پر هن کان ڪنهن به ناهي پڇيو ته تاريخي نالن کي ميسارڻ جو کيس ڪهڙو قانوني حق آهي. جڏهن ته اهڙا معاملا اسيمبلين جي ذريعي ٿيڻ کپن جتي بحث ڪرايو وڃي ۽ جيڪا اڪثريت جي راءِ جُڙي ان کان پوءِ نالن جي تبديليءَ تي غور ڪيو وڃي. پر نالن جي تبديلي به قومن جي توهين جي برابر هوندي آهي. اُصولي طور ڪنهن به تاريخي نالي کي تبديل ڪرڻ جو حق کي به حق نه هُجڻ گُهرجي. تاريخي نالن کي تبديل ڪري ڄڻ تاريخ سان وڏي هٿ چراند ڪئي وئي آهي ۽ ڌرتي ڌڻين جي نالن پويان جُڙيل عمارتن کي نون نالن سان منسوب ڪري انهن جي تاريخي توهين ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به نه هجڻ گهرجي.
تنهن ڪري ڪراچي جيڪا سنڌ جي معشيت جو ڳڙهه آهي. جنهن مٿان سنڌي ماڻهن جو مڪمل حق آهي. جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. پر موجودهه وقت ان معشيت مٿان اُهي ڌُريون قابض آهن، جيڪي اُتي موجود آهن. جن جو ڪراچيءَ جي معشيت تي مڪمل ڪنٽرول آهي. بين الاقوامي قوتون ته ظاهر آ انهن سان ئي بارگيننگ ڪنديون جيڪي قوتون اُتي موجود آهن. پر جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست پارٽيون ڪراچيءَ تي پنهنجي مالڪي جي دعوى ڪن ٿيون ته انهن کي سڀ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيڻو پوندو. ڪراچيءَ جي معشيت کان پري رهي مالڪيءَ جي دعوى ڪرڻ وارا دليل هاڻي نه هلڻ گهرجن. ڪراچيءَ کان پري به رهجي ۽ معشيت تي دعوى به ڪجي؟ اهو سوال منجهائيندڙ آهي. باقي پرڏيهي سياسي قوتن کي اهڙو ڪهڙو لاچار آهي جو اُهي سنڌين جي طرفداري ڪنديون؟ اُهي ته پنهنجي مُعاشي مُفادن جي تحفظ خاطر اُنهن ڌُرين سان ڳالهائينديون جيڪي ڌُريون طاقتور هونديون.
جيڪڏهن ڪراچيءَ جي مالڪي ڪشمور ۾ ويهي ڪبي ته پاڪستان جي سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ ادارن جي اک اُن پاسي وڃي نه سگهندي. ڪراچيءَ جي مالڪي ڪراچيءَ ۾ رهي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ اها پرڏيهي قوتن جي مجبوري هوندي ته اُهي انهن سان ڳالهائن جيڪي هن شهر ۾ وڏي اسٽيڪ هولڊر طور موجود آهن. اسان جي قومپرست سياسي پارٽين جي جدوجهد جو روايتي سياسي انداز اهو رهيو آهي ته ڪراچيءَ تي مالڪيءَ جي دعوى به ڪجي ۽ پارٽين جا مرڪز به پري رکجن. جيڪا حڪمت عملي نه رڳو نتيجا ڏئي نه سگهندي پر اهڙي پاليسي سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ واري حڪمت عملي کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. قومپرست سياسي پارٽين کي گڏجي جدوجهد هلائڻ لاءِ مان ڪا تجويز ته نٿو ڏئي سگهان. ڇو ته اُن متعلق اتحادن جا بُرا حشر ماضيءَ کان وٺي ڏسندا پيا اچون. پر ڇا اُنهن کي اها ڳالهه به سمجهائڻي پوندي ته ڪراچيءَ سميت سڄي سامونڊي پٽيءَ جي معشيت متعلق يا مستقبل ۾ امڪاني تبديلين جي تناظر ۾ جيڪي حالتون جُڙنديون، اُن صورتحال ۾ پرڏيهي سياسي قوتون ڪنهن سان ڳالهائينديون؟ سنڌ ۾ ٻن انتطامي نظامن واري سوال تي جيڪڏهن متحده جي گورنر پيپلز ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آرڊيننس 2012 جاري ڪيوآهي جنهن جي ذريعي ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن کي هو پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکي سگهندا. جتي متحدهه جي اڪثريت آهي. ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ متحده بارگيننگ جي مضبوط پوزيشن ۾ هوندي. اُن کان پوءِ ٻي قوت اي اين پي آهي جيڪا پڻ مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي وڏي اسٽيڪ هولڊر طور اُڀري ايندي. اُن جا بنيادي سبب اِهي آهن ته انهن پارٽين جون ڪراچيءَ جي اندر مرڪزي آفيسون موجود آهن. جنهن سبب اهي پنهنجي ماڻهن کي رهائش ۽ روزگار کان وٺي زندگيءَ جون سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهن.
جڏهن ته قومپرست سياسي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ بجاءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ نظر اينديون. پر قيادتون مسلسل سنڌي ماڻهن کي اپيلون ڪندي نظر اينديون ته اهي ڪراچي اچن. اِها غير فطري ڳالهه ٿيندي ته سنڌي ماڻهو قومپرست پارٽين جي سهڪار کانسواءِ لاوارثيءَ جي حالت ۾ ڪراچي پهچي خود روزگار ۽ رهائش جي تلاش ڪن. جتي کين ڪيترين لساني نفرتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. اها حقيقت آهي ته متحدهه مسلسل اقتدار ۾ رهي آهي ۽ اي اين پي به اقتدار ۾ هجڻ سبب پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪندي رهي آهي. پر سنڌ جي قومپرست قيادت انهن شين کان محروم رهي آهي. پر مسئلو اقتدار ۾ هجڻ يا نه هُجڻ جو ناهي مسئلو سياسي اُتساهه جو آهي. جن کان ڪراچيءِ جي اندر سنڌي ماڻهو محروم آهن. ڪراچيءَ جي اندر قومپرست قيادت جي موجودگيءَ سان نفسياتي طرح سنڌي ماڻهن جي دل کي جيڪا آٿت ملندي اُن جي ڀيٽ روزگار، رهائش ۽ ٻين سهولتن کان مٿي آهي. جيڪڏهن سمورين قومپرست پارٽين پنهنجي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ منتقل ڪري ورتيون ته سنڌين جو ووٽ جيترو ڪراچيءَ ۾ درج ٿيندو. ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. پر اُن جي باوجود جڏهن سنڌين جي پنهنجي شهر ڪراچيءَ ۾ مالڪي ڪرڻ واري ڪا به سياسي ڌُر موجود ناهي پوءِ به اُنهن ماڻهن جي همت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. جيڪي ڪنهن به قومپرست جماعت جي سهڪار کانسواءِ سڄي ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي انگ کي وڌائي رهيا آهن. سي قومپرست قيادتن جي مرڪزي آفيسن جي ڪراچيءَ ڏانهن مُنتقليءَ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته انهن معصوم ماڻهن جون دليون، جنهن لساني نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيون رهيون آهن سي قومپرست پارٽين جي موجودگيءَ ۾ نفسياتي خوف مان نه رڳو نڪري سگهندا پر ڪراچيءَ جي رستن کي اوپرو سمجهڻ واري احساس مان به نڪري ايندا. اُن سان اهي قوتون به ڪمزور ٿي سگهنديون جيڪي قوتون ائين سمجهن ٿيون ته ڪراچيءَ تي فقط انهن جو ئي حق آهي. قومپرست قيادتن جي موجودگيءَ ۾ پرڏيهي سياسي قوتون هن وڏي شهر ۾ اُنهن پارٽين جي ننڍين آفيسن ۾ به لڙي سگهن ٿيون ۽ مستقبل جي سياسي رٿابندين ۾ کين شامل به ڪري سگهن ٿيون. جنهن سان سنڌ نفسياتي سياسي حملي مان نڪري سگهي ٿي. قومون تباهيءَ کان پوءِ پاڻ سنڀالي وٺنديون آهن. جيڪڏهن قومپرست پارٽين هن وقت به ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ته اهو وقتائتو فيصلو هوندو. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن، ڪراچيءَ جي اندر جڏهن پنهنجا کيما کوڙيا تڏهن ڪراچيءَ جي سياست جا رنگ ئي تبديل ٿي سگهن ٿا. پر ڪراچيءَ کي مريض سمجهي فقط عيادت ڪري موٽي اچڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي.