سياسي شعور ئي سماجن کي بدلائي ٿو...
ڀُٽي خاندان جي هن اڳوڻي قومپرست اڳواڻ جي ويجهن حلقن وٽ اهو عام تاثر آهي ته هو سٺا ڪتاب وڏي شوق سان پڙهندو آهي ۽ هن جي تقرير جو انداز به عوامي ۽ فڪر انگيز هوندو آهي. هن جي شاگرد سياست متعلق ڪيل تبصري تي اُن وقت جي يونيورسٽي انتطاميا متاثر ته گهڻي ٿي پر اُن جون ڳالهيون بحث جو بنياد وجهي نه سگهيون نه ئي سنڌ ۾ شاگرد سياست واري سوال تي اٿاريل اهم نُڪتي تي ڪو وڏو بحث ڇڙي سگهيو.
اڄ جڏهن ٽافلر جي نظريي مطابق عالمي ۽ علائقائي حالتون ۽ ميڊيا جي طوفاني ترقيءَ سان ڪلچر جي تبديليءَ سبب شاگرد سياست سفيد پانڊا جو ناياب نسل بڻجندي پئي وڃي. تڏهن عالمي اُفق تي اُڀري آيل سماجي فورمن جي دنيائن تي به اهو بحث شروع ٿيڻ گهرجي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ کاٻي ڌُر جو مزاج رکندڙ ماڻهن ۾ جيڪا سامراج مخالف نفرت هُئي اها سماجي فورمن تي اچي ختم ٿي وئي. سفر ۽ سياست جو ڪاڪٽيل پسند ڪرڻ وارن لاءِ اوڀر ۽ اولهه جا سفر انقلابن جي جنون کان وڌيڪ مزو ڏيڻ لڳا. انهن جي پُرڪشش راتين ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ جا رستا اوجاڳن جي رڻ ۾ ئي گُم ٿي ويا. اڄ سماجي فورمن تي سامراج دشمن سلوگن ڪنهن چريي جو خواب ئي لڳن ٿا. مارڪسي نڪتهءِ نظر جون حامي قوتون اهڙي سماجي انقلاب کي مظلوم قومن مٿان سماجي فورمن جي پليٽ فارم جي شڪل ۾ حملو سمجهن ٿيون. جن فورمن جي بنياد تي ٿيندڙ سيمينارن ۽ ثقافتي گيتن جي ذريعي قومن کي ريجهايو پيو وڃي. جيڪڏهن اسان شاگرد سياست کي شاگردن جي جوانيءَ جي جنون جو عڪس سمجهون ٿا ته پوءِ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ۽ خاص طور تي نائين اليون کان پوءِ دنيا ۾ آيل سياسي تبديلين جي روشنيءَ ۾ مجموعي سياسي حالتون ڪهڙي نُڪتي تي بيٺل آهن؟ ڇا سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ سياست سببن بجاءِ نتيجن تي ئي ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن سياست بُنيادي سببن بجاءِ نتيجن تي ئي ڪئي وڃي پئي ته پوءِ اهو به مڃڻ گُهرجي ته عوامي سياست جا ٿنڀا هوا ۾ ئي بيٺل آهن.
انڊيا جي ارونڌتي راءِ صحيع چيو هو ته: ”ايماندار سياسي هلچل وڏيون عوامي تبديليون آڻي ڇڏيندي آهي. اهو ضروري ناهي ته ڪو ماڻهو هر موقعي تي دُرست موقف رکندو هُجي. پر ڪڏهن ڪڏهن دُرست هجڻ بجاءِ فتح انتهائي اهم هوندي آهي.“ سنڌ جي هر باشعور ماڻهوءَ کي مڪمل طور تي سياسي بڻجڻ گهرجي. غيرسياسي قومون سماجن کي سياسي رستا ڏيکاري ناهن سگهنديون. جيڪڏهن شاگرد سياست جوانيءَ جي جنون جو عڪس آهي ته پوءِ سڄي دنيا ۾ آيل سياسي تبديلين ۾ شاگردن جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسون؟ شاگرد، مزدور، هاريءَ سميت هر ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو جيستائين مڪمل طرح سياسي طور باشعور نه هوندو. ايستائين سنڌ ۾ وچولي طبقي جي نمائندا سياسي پارٽيءَ جي اُڀري اچڻ جا امڪان بلڪل گهٽجي ويندا. اُن لاءِ سنڌ جي سياسي پارٽين کي ڪنهن هڪ نُڪتي تي گڏ ٿيڻ گُهرجي پوءِ اُها ڪيتري به ننڍي ڳالهه ڇو نه هجي؟ جيڪڏهن اسان سنڌ جي مسئلن کي حقيقي معنى ۾ حل ڪرڻ لاءِ سنجيدهه آهيون ته اسانکي سنڌ جي بنيادي سياسي مسئلن تي پنهنجون سموريون انائون پاسي تي رکي عوامي طاقت کي منظم سياسي شڪل ڏيڻي پوندي. سنڌ جي شاگردن، مزدورن، هارين، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن سميت سمورن حلقن کي منظم سياسي شڪل ڏيڻي پوندي. سنڌ جي درسگاهن جا مسئلا فقط شاگرد سياست جي خاتمي سان سلهاڙيل ناهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاگرد سياست جي خاتمي سان سنڌ جا تعليمي ادارا آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽين جهڙي تعليمي ماحول ۾ تبديل ٿي نه سگهندا. جيستائين مجموعي تعليمي ادارن کي ايماندار انتظامي ڍانچي ۾ تبديل نٿو ڪيو وڃي. تعليمي ادارن جا سڌارا ممڪن ناهن. شاگرد سياست جي خاتمي جون صلاحون ڏيندڙ اها صلاح ڇو ڪونه ٿا ڏين ته تعليم کاتي جو مجموعي ڪلچر ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، ادارن جون انتظاميائون تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيدهه ناهن. انهن جي نظر هر وقت ادارن جي بجيٽ ۽ ذاتي ترقين تي رهندي آئي آهي. سنڌ جي درسگاهن جو مڪمل رڪارڊ شاهد آهي ته درسگاهن ۾ ٿيندڙ سمورا قتل ڪنهن نه ڪنهن طرح انتظامي لاپرواهيءَ جو نتيجو رهيا آهن. اُنهن جو ڪنهن نه ڪنهن ريت تعلق سياسي نظرياتي نُڪتن تي اختلافن بجاءِ معمولي مسئلن سبب ٿيندو رهيو آهي. جن پٺيان انتظاميا سميت اُهي ڌريون رهنديون پئي آيون آهن. جيڪي ڌُريون ڪنهن به طرح سنڌ جي درسگاهن ۾ پُرامن ماحول ڏسڻ پسند نٿيون ڪن. اُهي اهو به نٿيون چاهن ته سنڌ جا تعليمي ادارا سنجيدهه سياسي سرگرمين جو ميدان بڻجي سگهن.
افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو هن وقت سمورين سياسي پارٽين جو انحصار عوامي هلچل بجاءِ مواصلات جي مختلف چينلز جو محتاج بڻجي پيو آهي. مواصلاتي چئنل سياسي سرگرمين لاءِ ضروري هوندا آهن. پر سنڌ جي وڏن اهم سياسي معاملن تي عوامي سطع جي هلچل هلائڻ بجاءِ،سياسي پارٽين جي تحريڪن ۽ جدوجهد جي مزاج کي فقط موبائيل ميسيجز تائين محدود ڪري ڇڏجي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو.؟؟
سنڌ جي سياست کي ڊرائنگ رومن جي ڊبيٽ جو حصو بڻجي وڃڻ کان بچائڻ گُهرجي. جيڪا هاڻ موبائيل ميسيجز جي موومينٽ بڻجندي پئي وڃي. هن وقت تائين سنڌ جي هڪ به اهڙي سياسي پارٽيءَ جو ڪو نالو ٻڌائي سگهندو. جنهن پارٽيءَ، سنڌ وطن جي مٽيءَ کي الوداعي چمي ڏيندڙ جوانين جا لاش ڏسي سخت نوٽيس ورتو هُجي؟؟ جنهن پارٽيءَ سنڌ ۾ روزانو ڌاري آبادڪاريءَ جي وڏي سيلاب اڳيان ڪو بند ڏيڻ واري مضبوط حڪمت عملي جوڙي هجي؟ ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته، ڌاري آبادڪاريءَ واري سيلاب سبب ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو نقشو ئي تبديل هوندو. قومن جي بنيادي انساني حقن واري نُڪتي تي گڏجڻ واري خواب سان پاڪستان لاءِ پهرين قرارداد پيش ڪندڙ سنڌ جي پاڻيءَ مٿان مختلف نون نالن سان ڊيمن جي اڏاوت لاءِ وفاق اڳيان سخت احتجاج ڪيو هُجي؟ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ(ن)، پاڪستان تحريڪِ انصاف کان وٺي اسيمبلين ۾ وڃڻ جا خواب ڏسندڙ قومپرست پارٽين تائين اهو ٻڌائي سگهن ٿيون ته عوامي سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ اسيمبلين کان بدظن عوام کي ووٽن لاءِ ڪيئن آمادهه ڪنديون؟ جن جي مٿان جمهوريت مڙهيل نظام ۽ آمريت کان به وڌيڪ بدتر شڪل ۾ موجود آهي. اهڙي جمهوريت، جنهن جمهوريت واري ايوان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ميمبر وٽ اها جُرئت به ناهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪروڌ کي ختم ڪرڻ بجاءِ، انهن جي نوجوانن جي گمشدگين پويان ملندڙ لاشن تي اسيمبلين مان احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري سگهن.
جيڪڏهن ماضيءَ جي قومپرست اڳواڻ جو شاگرد سياست جي باري ۾ اهو نُڪتهءِ نظر هو ته اهڙي نُڪتهءِ نظر تي سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي شاگرد ونگز جي باري ۾ پنهنجو واضع موقف رکڻ گهرجي ها. پر منهنجي خيال ۾ اهو تمام ٿورڙو انگ هوندو جيڪو شاگرد سياست ۾ پُختا پير پائڻ کان پوءِ واپسيءَ جا رستا وٺي ڪنهن گمنام زندگيءَ جي رستن تي هليو ويو هُجي ۽ پنهنجي زندگي موقعي پرست جماعتن جي سياسي ثناخوانيءَ ۾ گُذاريندو هُجي. اڪثر ته ائين ئي ٿيو آهي ته جڏهن شاگردن جي سياسي جنون پنهنجا جذباتي جوهر ڏيکاريا آهن. تڏهن انهن جي اڇي ڏاڙهيءَ تائين به انهن جي دل جي محرابن تان وقت جون آسائشون سياست جي ميرانجهڙي مٽيءَ کي هٽائي ناهن سگهن. سياست جي صحرا جو سفر انهن جي دلين کي ڪمزور ڪري ناهي سگهيو. ها ائين چئي سگهجي ٿو ته ملڪ جي مجموعي سياسي ڪلچر ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ آهي پر انهن جو انگ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پکڙيل آهي. پر ڇا اها به حقيقت ناهي ته منتشر قومن جا نوجوان منظم به ٿي ويندا آهن. برازيل جي شهر ”پورٽو ايليگري“ ۾ منتشر ماڻهو جڏهن منظم ٿي پيا هُئا ته آمريڪي سياست جي سڀ کان وڏي نقاد نوم چومسڪيءَ جي فقط هڪ ڳالهه انهن جي جدوجهد کي نوان رنگ ڏئي ڇڏيا. آمريڪي دانشور، آمريڪي سازشن جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪندي چيو هو ته ”هڪ ٻي دنيا ممڪن آهي“.
اها دنيا ڪهڙي هوندي؟ ڪا به خبر ناهي پر اها دنيا ڪيئن هوندي؟ اُن ۾ سنڌ جي عوام جي حيثيت ڇا هوندي؟ ان جو اندازو پاڪستان جي سياسي پارٽين جي مجموعي سياسي جدوجهد ۽ عملي ڪردار مان لڳائي سگهجي ٿو. مستقبل جي سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ پاڪستان جو دانشور حلقواهو سمجهي ٿو ته اقتدار جو موتي به ان پارٽيءَ جي قسمت جي هٿن ۾ آهي. جيڪا پارٽي جوڙ توڙ ۽ سياسي مفاهمتن جي ماهر هوندي. هن وقت تائين هن ملڪ جي سياسي صورتحال فقط اقتدار جي حاصلات واري مرڪز ۾ گردش ڪندي رهي آهي. عوامي سطع تي معاشي سڌارن ۽ غربت جي خاتمي لاءِ سنجيدهه ڪوششن وٺڻ بجاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ فقط پروٽوڪول ۽ پئسي جي دنيا ۾ ووٽر جي دنيا اُجڙندي رهي آهي. هر پارٽي پنهنجي سياسي ورڪر کي اوليت جي بنياد تي رکي، هر سطع تي اُن جي بنيادي معاشي ضرورتن جو خيال رکندي رهي آهي. باقي خدا جي مخلوق جي جياپي سان نه جمهوريت جو واسطو رهيو آهي نه ئي اهڙي خدائي سياسي نظام کان هن ملڪ جو عوام واقف رهيو آهي.
اُهو ئي سبب آهي جو هن مُلڪ جي سڄي سياست پاور ۽ پئسي جي مرڪز تائين محدود آهي. جن مان فائدو حاصل ڪندڙ اهو ئي طبقو رهي ٿو. جنهن جي هٿ ۾ اقتدار جو موتي آهي. باقي عوامي ڀلائيءَ جهڙا ڪم اُن طبقي جي ترجيحن ۾ شامل ناهن رهيا. تعليم، صحت ۽ روزگار جي بنيادي وسيلن کان عوام نه فقط محروم آهي. پر سمورن شعبن کي ان حد تائين ڪمائيءَ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. جو هر شعبي کي مالِ غنيمت سمجهي لُٽيو پيو وڃي. اهڙو زوال فقط انڪري آهي جو هن مُلڪ جي اندر مضبوط ۽ ايماندار سياسي قيادتن جي کوٽ آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هن ملڪ جي ٺهڻ سان جيڪي قومن سان واعدا ڪيا ويا هُئا سي پورا ڪيا وڃن ها ۽ ائين ڪوڙن آسرن تي قومن جا اقتصادي وسيلا وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه رکي ها.
جڏهن ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا جي سامراج طرفان وڏي پئماني تي اها مهم شروع ڪئي وئي ته ماڻهو غيرسياسي بڻجي وڃن. سياسي طرح پُختو عوام دنيا جي سامراجي سازشن ۽ انهن جي ديسي دلالن جي نيتن کي سمجهي سگهيو پئي. انڪري عوام کي غيرسياسي بڻائڻ لاءِ تمام گهڻن حُربن کي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.
ان حد تائين جو آمريڪي سي آءِ اي جي هڪ رپورٽ ۾اهو به ڄاڻايو آهي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ نه رڳو آمريڪا افغان مجاهدين کي امداد ڏيندو رهيو آهي پر ٽين دنيا جي ملڪن مان کاٻي ڌُر سان واسطو رکندڙ رسالا به آمريڪي امداد سان هلندا رهيا هئا. سوال اهو آهي ته هن وقت سنڌ سميت هن ملڪ جون ڪي به سياسي پارٽيون ناهن جيڪي اها دعوى ڪرڻ جي قابل هجن ته اُنهن جي پارٽيءَ ۾ وڏو انگ انهن اڳواڻن جو آهي. جيڪي سياسي طرح باشعور آهن جن وٽ عوام کي بحرانن جي سمنڊ مان ڪڍي خوشحاليءَ جي دڳ تي آڻڻو آهي. تنهن ڪري تعليمي ادارن، صحت جي مرڪزن، اميگريشن جي قانونن، پاڻيءَ جي ورڇ، قومن جي خودمختياري سميت سمورا شعبا ۽ ادارا بحرانن جي ور چڙهيل آهن.
اها سياسي تبديلي جيڪا اچڻ گُهرجي ان لاءِ هر سطع تي عوام کي سياسي شعور جي ضرورت آهي، پوءِ اهو شعور شاگرد تنظيمن جي ذريعي اچي يا مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جي سياسي جدوجهد جي ذريعي اچي. پر سياسي شعور کانسواءِ سياسي تبديلي ۽ وچولي طبقي جي نمائندهه جماعت جي اُڀري اچڻ جا امڪان پري پري تائين نظر نٿا اچن.