پيپلز پارٽي پنهنجو احتساب ڪڏهن ڪندي!؟
اهڙيءَ ريت ساڳي صورتحال ۽ پيغام هن مُلڪ جي اندر خاص طور سنڌ ۾ اُن پارٽيءَ لاءِ به آهي. جيڪا وڏي عرصي تائين حُڪومت ۾ هُجڻ جي باوجود، سنڌ جي ماڻهن کي گُهربل نتيجا ڏئي ناهي سگهي. پيپلز پارٽيءَ لاءِ مُستقبل جي سياسي صورتحال ۾ ڪنهن وڏي عوامي مينڊيٽ سان اچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. جيتوڻيڪ اُهي سموريون پارٽيون، جيڪي هر دور ۾ پاڻ کي اقتدار ۾ رهڻ جا خُواب ڏسنديون آهن. جن لاءِ حزبِ اختلاف ۾ رهڻ ڪنهن موت کان گهٽ ناهي هوندو سي مُفاهمت ۽ سياسي مُذاڪرن جا رستا هميشه کُليل رکنديون آهن. پيپلز پارٽيءَ به 88ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ وقت اُن مُفاهمتي پاليسيءَ جو رستو اختيار ڪيو هو. جيڪو رستو پنهنجي پوئين اقتدار تائين به کُليل رکيو. جيتوڻيڪ اُن وقت به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن جي سخت تنقيد سان مُنهن ڏيڻو پيو هو. جيڪو اُنهن لساني فسادن جي صورت ۾ سامهون آيو هو. جن لساني فسادن نه رُڳو مُلڪي سياست جي مزاج کي تبديل ڪيو هو. پر سنڌ جي شهري آبادين جي جاگرافيائي حيثيتن کي به تبديل ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻ جڏهن وفاق ۽ سنڌ ۾ مُتحدهه اُن سگهه سان سامهون ناهي آئي. جنهن طاقت سان اُها وفاق ۾ ڪنهن بارگيننگ ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ رهي سگهي ۽ نه ئي اُن جي سياسي سگهه هاڻ اُنهن شهرن مٿان قابض قُوت وانگر رهي آهي. نتيجي ۾ ڪهڙي بُنيادي سياسي مسئلي جي جواز تي اُها پنهنجي سياسي سگهه کي ٻيهر بحال ڪري سگهي ٿي؟ سواءِ ان جي ته اُها پنهنجا بچايل پتا نون صوبن جي اعلانن سان اُڇلائي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان تحريڪِ انصاف اردو آباديءَ جي ايليٽ طبقي کي رستن تي آڻي بيهاريو. جيڪو طبقو ورهين کان مُتحده جي مُٺين کي پنهنجي پئسي سان مضبوط ڪندو رهيو هو. جن اڳيان سياست رُڳو سوديبازيءَ کان سواءِ ڪُجهه به نه هُئي. تن جڏهن اُن ڪپتان کي سياسي ٻيڙيءَ ۾ بيٺل ڏٺو تڏهن اُنهن مُتحدهه کي موٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ اُهو عام اُردو ڳالهائيندڙ جيڪو پنهنجي گهرن ۽ ڪُٽنب سان امن جهڙي زندگي گُذارڻ چاهي ٿو. تنهن به هاڻ سياسي انڪار واري لهجي واري واٽ ورتي آهي. شفاف چونڊن وارو مڪينزم نه رُڳو مُستقبل ۾ مُتحدهه لاءِ سياسي سوڳ جو سبب بڻبو. پر هاڻ کين لساني بُنيادن جهڙن کَٽن مِٺن نارنگيءَ جي ڦار جهڙن نعرن تي شهري عوام جي ذهن کي ريجهائي سگهڻ جو راڳ به ڪم اچي نه سگهندو. هن وقت جيڪو مُلڪ ۾ شفاف چونڊن جو شور اُٿيو آهي. اُن لاءِ سمورين پارٽين نوان نعرا ۽ نوان رستا ڳولڻ شروع ڪيا آهن. ليڪن اهڙا نعرا ۽ رستا ڏيکاري بُنيادي عوامي تبديليءَ جا رُخ موڙي نٿا سگهجن. عوام کان هڪ حد تائين سياسي مينڊيٽ جي توقع ڪري سگهجي ٿي. جيڪا حد پاڪستان ۾ لڳاتار اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين عوام کي نظراندازين جي ور چاڙهي اورانگهي چُڪيون آهن. جيڪڏهن اُنهن حدن کان اڳيان وڃبو ته عوام تبديل ٿيل هوندو. جيڪڏهن سنڌ اندر ٻن پارٽين جو جائزو وٺبو ته شهري آبادي لڳاتار هڪ نفسياتي خوف ۾ رهي آهي. اُن نفسياتي خوف جا اثر جڏهن لهڻ شروع ٿي ويا آهن. تڏهن کين اُن خوف ۾ گهڻي دير تائين ڦاسائي رکي نٿو سگهجي. ان ڳالهه کان مُتحدهه جا اڳواڻ چڱيءَ ريت واقف آهن. عمران فاروق جي قتل ڪيس کان وٺي مُتحده جي موجودهه قيادت جي ڪمزورين تائين، سوشل ميڊيا جي جهان، گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ کي رستو بڻائي ڇڏيو آهي. هي ڪو نازين جو زمانو ناهي جو ماڻهو ساهه کڻڻ لاءِ به هٽلري فوجن جي اٿارٽي ليٽر جو انتظار ڪن. اُهو ئي سبب آهي جو اڄ مُتحدهه ميڊيا تي سنڌ کي ورهائڻ جو ميڊيائي شو شو ڇڏي شهر جي هڪ مخصوص ذهنيت کي ميڙي رهي آهي. جيڪا ذهنيت هاڻ سياسي طور مفلوج بڻجي چُڪي آهي. جيڪا مُتحدهه سان ڪنهن واعدي ڪرڻ جهڙي سنجيدگي ڏيکاري نٿي سگهي. ها البته اُها سندن اخلاقي مدد ڪري سگهي ٿي. پر اُن جي اخلاقي مدد به ايتري ڪمزور ۽ مفلوج هوندي، جنهن کي شهري شعور قطعي به قبول نه ڪندو. اهڙي طرح هڪ پارٽي سنڌ جي شهرن ۾ پنهنجي سياسي ساک واپس ورائڻ خاطر سنڌ کي بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ سمجهي ڪاٽڻ سان اُردو آباديءَ جي حمايت حاصل ڪري سگهي سا هاڻ بنهه ٻاراڻي ڳالهه هوندي. ٻئي پاسي اُها پارٽي آهي. جنهن کي سنڌ ۾ جيترو عوامي مينڊيٽ مِليو ايتريون سنڌ جي حصي ۾ مصيبتون آيون. ڇا سنڌ اڃان به پيپلز پارٽيءَ کي عوامي مينڊيٽ جو بلينڪ چيڪ ڏئي ڇڏيندي؟ اِهو اهم سوال آهي جيڪو وقت اچڻ تي پتو پوندو. پر جنهن پارٽيءَ سڄي سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.؟ ڪنهن سوچيو آهي.؟ ته سنڌ ۾ عوامي مينڊيٽ جي موٽ سنڌي ماڻهن کي ڪهڙي مِلي آهي؟ ها اهو سچ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ انڪم سپورٽ پروگرام جي 2،000 کان 3،600 رپيا غريب ماڻهن کي مِلي رهيا آهن. جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي لتاڙجي مُري به چُڪا آهن ۽ مرندا رهن ٿا. پر سنڌ جي تعلقه ميونسپل آفيسن جي بجيٽن کان وٺي تعليم ۽ صحت جي بجيٽن تائين ڪنهن جي پُهچ آهي؟ اهڙين بجيٽن کان عوام ته گهڻو پري بيٺل آهي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ پنهنجا نواز پاليسيءَ هيٺ شروع ڪيل ٺيڪيدارين ۾ سنڌ جا سمورا رستا پيادل هلڻ جي قابل به ناهن رهيا. پنهنجي سياسي طاقت جو شو ڏيکارڻ ته هر ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو بُنيادي حق آهي. پر جيتري مهم ۽ رقم اُن شو کي ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، اُن جو 20 سيڪڙو جيتري رقم، مُهم ۽ وسيلا سنڌ جي تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعن تي استعمال ٿي پون ها ته شايد عوام اڳيان اهڙي نُمائش جي ضرورت به نه پوي ها. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ مُتحده مڪاني ادارن جي چونڊن کان اڳ اُهي رستا ڳولي رهيون آهن. جن جي بُنياد تي اُهي مڪاني ادارن جون مالڪ بڻجي سگهن ۽ مليل عوامي مينڊيٽ جي پُڇاڻي کان پاڻ کي بچائي سگهن. جيڪڏهن سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺبو ته پيپلز پارٽي هن وقت پاڻ کي پنهنجي پڇاڙڪن پساهن ۾ محسوس ڪري رهي آهي. پر ڇا اِهو دُرست ٿيندو ته سنڌ ۾ فقط پنهنجي ووٽ بئنڪ کي بچائڻ لاءِ اهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي؟ جيڪو رستو سواءِ سياسي نفرتن ۽ تضادن جي ٻيو ڪجهه به ڏئي نه سگهندو. ووٽ ڪا معنى نٿو رکي، اُن جذبي جي اڳيان جيڪو جذبو هن مِٽيءَ سان ماڻهن جو جُڙيل آهي. پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گُهرجي ته مُتحده وٽ مِٽيءَ جي ڪا معنى ناهي مُفاد اهم آهن. جن ماڻهن وٽ سنڌ جا مُفاد پنهنجي زندگيءَ جو تلخ سچ بڻيل رهندا آهن. سي مِٽيءَ خاطر مذهب به تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. تاريخ ۾ اُن جا ڪيترائي مثال مِلن ٿا. جن ڌرتيءَ خاطر پنهنجا ڌرم به قُربان ڪري ڇڏيا.
پيپلز پارٽي ڪُجهه به ڊليور نه ڪري سگهڻ کان پوءِ آخر ته اُن عوام ڏانهن واپس موٽندي، جنهن عوام جي درن تي ورهين کان بُک، بيماري ۽ جهالت ڪنهن جراثيم وانگر چنبڙيل آهي. جنهن عوام وٽ فقط بدن جو لباس ئي بچيل آهي. اُن عوام سان ووٽن وقت ڪيترائي نڀائي نه سگهڻ جهڙا واعدهه ڪيا وڃن ٿا. پر کين ڏيڻ لاءِ رُڳو ڏُک ڏنا وڃن ٿا. اُهي ڏُک هاڻ اُنهن جي جسم جو لباس بڻجي ويا آهن. اهڙو عوامي ناسور بڻجي ويا آهن. جنهن کي ڀُٽو ليگيسيءَ ۾ به لڪائي نٿو سگهجي. عوام کي ته ڪهڙي ميار ڏجي؟ اُهو ته ڀُٽو ليگيسيءَ ۾ ئي رهيو. ليڪن اُها ليگيسي ڪنهن جي حصي ۾ آئي؟ عوام جي؟ يا اُنهن اُميدوارن جي؟ جن پنهنجي اقتدار جا عرصا پُورا ڪيا ۽ اڃان ڪري به رهيا آهن. پر عوام جو سج جيڪو ڳڙهي خُدابخش مٿان لٿو ته وري اُڀري نه سگهيو. ها ڪير ٿو چوي ته پنجاب تبديل ناهي ٿيو.؟ ائين هُجي ها ته جاويد هاشميءَ کي شڪست نه مِلي ها. پنجاب تبديل ٿيو آهي. تڏهن ئي ته جاويد هاشميءَ جي شخصي حيثيت هار کائي وئي ۽ کيس گادي نشيني به بچائي نه سگهي. اُن جي جاءِ تي پاڪستان تحريڪِ انصاف جو حمايت يافته ۽ شخصي طور غير معروف اُميدوار به کٽي ويو. ذوالفقار ڀُٽي هن مُلڪ جي هنجهه ۾ دُنيا جي انقلابن ۽ عوامي تبديلين جي اُٿل وارن انقلابن کي اکين سان ڏٺو هو. يحيى خان کان اقتدار جي مُنتقليءَ واري عرصي ۾ انتظار جي اذيت ۾ سياسي ڊپلوميسي سِکي هُئي. هُو اهڙين حالتن ۾ عوامي نُمائندو ٿي اُڀريو هو. جن حالتن ۾ هن مُلڪ جي سياست مٿان اُها ئي ذهنيت قابض هُئي، جيڪا اڄ به پاڻ کي مظلوم سمجهي سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪري رهي آهي. اهڙي حالت ۾ جتي هن مُلڪ مٿان وڏو ڀاءُ پنهنجي مُفادن کي اُن ذهنيت جي هٿن مان کسڻ ۽ مُلڪي مُفادن کي پنهنجي طابع ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهيو. اهڙي حالت ۾ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڀُٽي کي سياسي اسپيس ۽ اُڀار مِلڻ فطري ڳالهه هو. اُهو ئي سبب هو جو سنڌ جو قومي شعور اهو سمجهندي به ته، اڳتي هلي پيپلز پارٽيءَ جي سياست سنڌ کي ڪي خاص نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام ويندي. پوءِ به کين ڀُٽو جي قيادت کي ئي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو. هن وقت پيپلز پارٽي بلاول ڀُٽو زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيتري تبديلي آڻي سگهي ٿي ۽ عوام جي وڃايل ساک کي ٻيهر موٽائي سگهي ٿي؟ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي پر جيستائين خود پارٽيءَ اندر هڪ مخصوص ڪلچر کي تبديل نٿو ڪيو وڃي. تيستائين سنڌ ۾ بُنيادي سياسي تبديلي اچڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن بلاول ڀُٽو زرداري شفافيت کي پنهنجي بُنيادي سياسي اُصولن جو حصو ٺاهي احتسابي عمل جي ابتدا ڪندو ته شايد پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي سگهه بچائي سگهي. ٻي صورت ۾ چهرن جي تبديليءَ سان ساڳي ذهنيت جو موجود هُجڻ ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻي عوامي هٿن ۾ هُجڻ جي بجاءِ عوام کي پنهنجي اوطاقن کان ٻاهر اُس ۾ ساڙڻ وارن هٿن ۾ هوندي يا جن جي نظر نئين سال جي بجيٽ ۾ جاري ٿيندڙ رقمن مٿان هوندي ته پارٽي عوام کي ڪجهه به ڊليور ڪري سگهڻ ۾ ناڪام رهندي. جنهن پارٽيءَ کي ڪنهن عوامي واعدي سان ٻيهر اُٿاري نٿو سگهجي. هن وقت بلاول ڀُٽو زرداريءَ وٽ وڏو سياسي موقعو آهي. جنهن کي نعريبازيءَ جي ور چاڙهڻ نه گُهرجي. سڄي دُنيا ۽ خود پاڪستان جي سياست جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن. جن حالتن سان مُقابلي لاءِ بلاول اڳيان تمام گهڻا چئلينجز آهن. جيڪڏهن هُن اڄ به پنهنجي پارٽيءَ ۾ سُڌارا نه آندا ۽ رُڳو عوام کي شهيدن جي رت ۽ قُربانين جي بُنياد تي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد کيس مايوسيءَ سان مُنهن ڏيڻو پوي. اُن لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته کيس پارٽيءَ جي اندر احتساب ڪرڻوپوندو. هُو پُڇاڻو ڪري پنهنجي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تا کٽي آيل اُنهن عوامي نُمائندن کان ته اُنهن جي تَڪ جا ڪيترا اسڪول بند آهن؟ ڪيترا صحت مرڪز آهن؟ جتي عملو ۽ دوائون فائيلن جا پيٽ ڀري رهيون آهن. هُو پنهنجي جيالن کان اهو به پُڇي سگهي ٿو ته جيڪي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اهليت ۽ معيار تي ڏنيون ويون آهن يا پنهنجي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ کين ڏنيون ويون آهن يا وڪڻيون ويون آهن؟ هي وقت آهي پيپلز پارٽيءَ لاءِ، جنهن کي بلاول ڀُٽو زرداري احتساب جي ذريعي ئي بچائي سگهي ٿو. پر ڪنهن به اهڙي نعري سان عوام جون دليون فتح ڪري سگهڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي. جيڪو نعرو فقط پارٽيون تڏهن هڻنديون آهن جڏهن سندن مُفاد خطري ۾ هوندا آهن. پر هن وقت عوام خطري ۾ آهي. احتساب جو نعرو ئي پيپلز پارٽيءَ جي نئين زندگي ۽ آخري سهارو بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪي پارٽيون خود احتسابي عمل کان ڪيٻائينديون آهن. سي عوامي احتساب کان بچي ناهن سگهنديون.