سياست ۾ ڏوهن جو عنصر ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار
اڪثر اُداس رهندڙ اُهو سياسي نسل پنهنجي سُفيد وارن تي هٿ ڦيرائي، ٿڌن ساهن سان اهو سوچيندو ئي رهي ٿو ته ڇا هن مُلڪ جي سياست کي ڏوهن جي دُنيا کان ڌار ڪري سگهجي ٿو؟ پر نظرياتي بحثن جي گود ۾ پلجي وڏو ٿي ويل اُن نسل کي اڄ به اهو سوال ستائيندو رهي ٿو ته سياست جي گنگا ڏوهن جي دنيا ۾ ميري ٿي ويندي؟! اُنهن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته سندن سياسي رومانس کي ڏوهن جي دُکندڙ دنيا ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.؟
دنيا ۾ سياسي غلطين جا ازالا ٿيندا آهن ۽ غير يقيني سياسي حالتن جي دور ۾ اُنهن موقعن مان فائدو ورتو ويندو آهي. جيڪي موقعا پارٽين ۽ تنظيمن کي سماج سان جوڙي هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. پر اسان اڄ به پنهنجي سياسي صفن کي سڌو رکڻ بجاءِ ڪو ليڪو پائي بيهڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ نه سماجي سياسي حالتن کي سمجهندي بهتر تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ سنجيدهه آهيون. اڄ به مذهبي جنونيت تي ڇتي تنقيد ڪندڙ پارٽيون پنهنجي صفن ۾ جهاتي پائي ڏسنديون ته اُنهن ۾ اهڙا ڪيترائي ڏوهي نظر ايندا جيڪي نظرين ۽ آدرشن جي آڙ ۾ انفرادي مُعاشي مُفادن جي حاصلات لاءِ سياسي پارٽين جي پناهه هيٺ ويٺل نظر ايندا. هڪڙو اهڙو به دور هو جو چندا سياسي پارٽين کي هلائڻ لاءِ ڪيا ويندا هُئا ۽ سياسي پارٽيون ان حد تائين پنهنجي آدرشن ۽ نظرين سان وفادار رهنديون هُيون جو اُنهن چندن جو به حساب ڪتاب رکنديون هُيون. هاڻ ته سياسي پارٽين جي ننڍي کان ننڍي ورڪر جو گهر به اُنهن چندن تي هلي رهيو آهي. اڄ مُلڪي ۽ غير مُلڪي ناڻي جي گناهن جي وهندڙ گنگا جي ميري پاڻيءَ ۾ شفاف تعارف وارا سياسي اڳواڻ به پنهنجي دامن کي داڳن کان بچائي ناهن سگهيا. پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن پئسو پاڻيءَ وانگر وهڻ لڳي ته چڱن ڀلن جا پير به کسڪي وڃن ٿا. جڏهن نظرياتي سياسي رستا ئي بچيل نه هُجن ته جدوجهد فقط پينافليڪس جي بينر کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ هاڻ سياست فقط اشتهار، بينر ۽ وال پوسٽر جو دڪان ۾ بڻجي وئي آهي. اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين جي ورڪرن جا مزاج آجياڻن، پارٽين ۽ وڏن پينافليڪس جي سيڙپ کان پوءِ ٺيڪن، نوڪرين ۽ جائيدادن جي حاصلات جي ڪاروبار تائين محدود آهن. جڏهن ته اقتدار کان پري رهندڙ پارٽين جا ورڪر، ورسي تقريبن، جلسن ۽ ڌرڻن ڪرائڻ جي آڙ ۾ منظم رٿابنديءَ سان لينڊ مافيا جو حصو بڻجي پيا آهن. جيڪڏهن گهرائيءَ سان غور ڪجي ته اسان بنيادي سياسي فلسفي جي واٽ وڃائي، اُن پاسي وڃي رهيا آهيون. جتي سياسي صبح ٿيڻ جي ڪا به اُميد نظر نٿي اچي. گُذريل ٽن ڏهاڪن کان اسان مذهبي بنياد پرست ونگز کي واچ ڪندا رهياسين. ۽ اهو سوچيندا رهياسين ته ڪنهن به طرح سنڌ کي هڪ لبرل ۽ مڊل ڪلاس سياسي جماعت جي ضرورت آهي، جيڪا ڪنهن به طرح سنڌ جي مجموعي سياسي مُفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪري سگهي. سنڌ جي سياسي مُفادن جي ايجنڊا کي اوليت جي بنيادن تي رکي. هن وقت جڏهن سنڌ جي سياسي مُفادن جي جدوجهد جو سوال آهي ته هر پارٽي ۽ تنظيم اهو ڏيکاءُ ته ڏيندي رهي آهي ته سنڌ سان اُنهن جو غير مشروط رشتو آهي. پر ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان به اُنهن مذهبي بنياد پرست قوتن وانگر سنڌ جي سياسي نعرن جي آڙ ۾ اهڙي ئي ڪاربان ڪاپي ڪلچر کي اُڀاريو آهي. جيڪو ڪلچر مذهبي جماعتن سان ملندڙ جُلندڙ آهي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته ته مذهبي جماعتن جي پويان، بين الاقوامي سياسي هٿ هُئا. جيڪي اُنهن جي پُٺي ٺپيندا رهيا. ڪشمير، افغانستان، عراق ۽ ٻين مُلڪن جتي جتي به مذهبي جماعتن بين الاقوامي راند ۾ حصو وٺڻ چاهيو، جتي پنهنجي هٿياربند جٿن کي استعمال جي لائق سمجهيائون، اُنهن اُن جو ڀرپور استعمال ڪيو. اُنهن اُهو سڀ ڪجهه مذهب جي مقدس نالي تي ڪيو. روس افغان وار ۾ ڇا ٿيو؟ ڪجهه جماعتن ڊالرن تي ويڙهه ڪئي ڪن روبل تي راند رچائي.
پر سوال اهو آهي ته سنڌ جون سياسي حالتون هن وقت ڪهڙي پاسي وڃي رهيون آهن؟ ڇا سنڌ جي سياسي پارٽين جي صفن ۾ به ساڳيون روايتون جيئن جو تيئن برقرار ناهن؟ جن جي زبان تي هر وقت سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو راڳ هوندو آهي. جيڪي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي سراپا احتجاج ڪنديون رهن ٿيون، پر ڇا اُهي سنڌ کي مُڪمل سياسي تنظيم ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيون آهن؟ ڇا پيپلز پارٽي جنهن جي دامن تي ڪيترا ئي داڳ آهن، اُن جو نعمل بدل نه ئي صحيح پر ڪا اهڙي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي پوري ڪمٽمينٽ سان پنهنجي صفن مان اهڙن سياسي ورڪرن جو صفايو ڪري سگهي. جيڪي فقط پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سياسي پليٽ فارم استعمال ڪن ٿا. جيڪي منظم طور تي ڏوهن جي دُنيا کي سياسي پارٽين جي سهاري تي آباد رکندا اچن پيا. ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن به طور تي ايستائين سنڌ دوست نٿي بڻجي سگهي، جيستائين اُها پنهنجي صفن مان اهڙن مفاد پرست ٽولن کي ڪڍي، مُڪمل طور ڪميٽيڊ ۽ نظرياتي سياسي ورڪرن جو تعداد نٿي وڌائي. جيڪڏهن سنڌ جي سياسي پارٽين جي تنظيمن جي بنيادي سياسي ورڪرن تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته هر پارٽيءَ جو ورڪر خود هڪ سياسي پارٽي نظر ايندو. جيڪو ڪنهن به طرح سياسي ۽ تنظيمي ضابطن ۽ اصولن جو پابند ناهي. اهڙن ڇڙواڳ سياسي ورڪرن جي سهاري تي سنڌ ۾ سياسي جدوجهد جو تصور ائين آهي. ڄڻ انڌن کي آئينو ڏيکارڻ. گُذريل هڪ ڏهاڪي کان سنڌ جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿيون آهن. جن ۾ وڏو عمل دخل سياسي پارٽين جي ڪمزور سياسي اسٽرڪچر جو آهي. جيئن جيئن مواصلاتي نظام ترقي ڪئي آهي. تيئن تيئن سنڌ جي سياسي تنظيمن کي، اهڙي مواصلاتي نظام مان فائدو وٺندي، پنهنجي سياسي ورڪرن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرجي ها ۽ اُن تربيت جا اولڙا اُنهن جي نظرياتي فڪر، فهم ۽ ادراڪ مان نظر اچڻ گُهرجن ها. پر افسوس جو سموريون سياسي پارٽيون ڏوهارين جي نرسري بڻجڻ کان پاڻ کي بچائي ناهن سگهيون. اهڙين حالتن ۾ ويجهي مستقبل ۾ سنڌ ۾ ڪنهن وڏي سياسي ڀونچال اچڻ جي اُميد ناهي رهي. جيڪڏهن سنڌ جي 80ع واري ڏهاڪي تي نظر وجهبي ته اهو ورڪر هن وقت صحافت، اين جي اوز ۽ ٻين ڪاروباري ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جيڪا نئين نرسري پئدا ٿيڻ گهرجي ها سنڌ ۾ اُن جو وڏو ويڪيوم آهي. اڄ ان سچائيءَ کان نفي نٿي ڪري سگهجي ته سنڌ جي سياست گليمر جي دنيا ۾ اچي گُم ٿي وئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جون سياسي تنظيمون پنهنجي نظرياتي، سياسي ورڪر جي صحيح معنى ۾ نشاندهي ڪري وٺن ته سنڌ موجودهه سياسي بحران مان نڪري سگهي ٿي. شرط اهو آهي ته سياست ۽ ڏوهه جي وچ ۾ فرق رکي سگهڻ سان ڪيترا ئي معاملا سُلجهائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي سياسي پارٽين اهو سمجهي ورتو ته سنڌ جي نعري هيٺ ڏوهارين، لينڊ مافيا جي ماڻهن کي سندن پارٽين جي صفن ۾ رهڻ جي گُنجائش ناهي ته منهنجي خيال ۾ تعداد ته گهٽجي ويندو پر اهڙي اقليت سامهون ايندي جيڪا غير نظرياتي ۽ غيرسياسي اڪثريت کان بهتر هوندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ دوستي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جو خواب ڏسندڙ پارٽيون ڪنهن ڏوهاري ۽ بدمعاش جي آخري آرامگاهه نه هُجڻ گهرجن. سياست جو لينڊ مافيا سان اتحاد ايترو پراڻو ناهي جو اُن کان ڌار ٿيڻ سان سياسي پارٽيون ڪمزور ٿي وڃن. پر شرط اهو آهي ته سنڌ جي مجموعي مفادن خاطر اهڙي اتحاد سان انفرادي طرح ته فائدو ملي سگهي ٿو پر سنڌ خاطر ڄمي جدوجهد ڪرڻ ممڪن بڻجي نه سگهندي.
ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي تصوير ڪجهه اهڙي ئي نظر اچي ٿي. پوءِ اهو ڀُنگ خاطر اغوا جو معاملو هُجي، يا رستي ۾ سرِ عام ڦرون ٿينديون هُجن يا قبائلي تڪرارن جا معاملا هُجن يا سنڌ جي شهرن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪلنگز هُجن، سڀني جا پيرا سياسي پارٽين جي پاسي ئي اچي کُٽن ٿا. اهڙي حالت ۾ سنڌ جي بنيادي سياسي معاملن تي جدوجهد ڪري ڪي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اهو ممڪن ناهي. سنڌ کي هاڻ سببن تي بحث نه پر جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته بهانن جو پتو پئجي چڦڪو آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ سببن ۽ نتيجن تي جدوجهد بجاءِ رُڳو بحث ڪندي رهي آهي. هر پارٽي جيڪڏهن سال جي ٻارنهن مهينن ۾ سنڌ اندر مختلف مسئلن تي انفرادي جدوجهد ڪرڻ لاءِ سنجيدهه ڪوششون وٺي، تڏهن به تاريخي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي سگهي ٿي. اتحادن جي صورت ۾ هلڻ جا تجربا به ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن اتحادن ۾ هلڻ سمورين پارٽين لاءِ ڏُکيو آهي ته انفرادي جدوجهد ڪرڻ لاءِ به پنهنجي پنهنجي حصي جي ڪم جو تعين ڪري سگهن ٿيو ۽ اثرائتي جدوجهد هلائي سگهن ٿيون.
پر شرط اهو آهي ته سياسي پارٽين جي اندر انفرادي معاشي مفادن خاطر لڪيل ڏوهاري ماڻهن کي پنهنجي صفن مان سائيڊ تي ڪرڻو پوندو. سياست ۽ ڏوهه ڪنهن به طور گڏ نٿا هلي سگهن. ڏوهاري ماڻهن جا مفاد قطعي به سنڌ جي اجتماعي مفادن سان سلهاڙيل ناهن هوندا. اها آفاقي حقيقت آهي ته ڏوهاري قطعي به پنهنجي فطرت ۾ سياست سان اتحاد ڪري، وطن جي مفادن لاءِ پنمهنجي زندگي وقف ناهي ڪندو پر سياست کي به پنهنجي مقصدن لاءِ ئي استعمال ڪندو آهي. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ماضيءَ ۾ ڪجهه قومپرست ڌُرين جا دوست، جن ڌاڙيلن کي قومپرست بڻائڻ جي هام هڻي اُنهن کي موبلائيز ڪرڻ لاءِ نڪتا هُئا. سي ڏسندي ڏسندي اُنهن جو ئي حصو بڻجي نه وڃن ها.