سنڌ جي قومپرست قيادت مُتبادل بڻجي سگهي ٿي..؟
سوال اهو آهي ته رُڳو 2013ع وارين چونڊن جو ئي جائزو وٺجي ٿو ته پاڪستان سطع تي پيپلزپارٽي ٻئي نمبر جي پارٽي بڻجي وئي ۽ توقع کان وڌيڪ ووٽ کڻي پاڪستان تحريڪِ انصاف، پاڪستاني سياست ۾ ٽين قُوت طور اُڀري آئي. جڏهن ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي ته آئي. پر پيپلز پارٽيءَ جي مُخالفت ۾ پيل ووٽن جي تناسب جو جائزو وٺي ڏسبو ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ اندر به سخت مُقابلي سان مُنهن ڏيڻو پيو هو. جڏهن ته هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي ساک سنڌ اندر رُڳو خراب حُڪمرانيءَ سبب ئي نه، پر پنهنجي اقتدار کي مُستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اجتماعي قومي مُفادن مٿان مُسلسل سوديبازيون ڪرڻ ۽ پنهنجي سمورين سياسي پاليسين ۾ سنڌي عوام جي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مُفادن کي بنهه نظرانداز ڪري، سنڌي سماج کي ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي ڌِڪي ڇڏڻ به اُن جو وڏو ڪارڻ آهن. قومون جڏهن پنهنجي ”سياسي هينگ اوور“ واري دور مان اک پٽي اُٿنديون آهن. تڏهن اُنهن کي قيادت جي ضرورت هوندي آهي. اُها قيادت جيڪا کين عوامي امرت رس پيئارڻ لاءِ، پنهنجي رت جا ڏيئا ٻاري سگهڻ جي صلاحيت رکندي هُجي. هن وقت سنڌ اندر پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي به سنڌ جا ساڃاهه وند حلقا سنڌ اندر مُتبادل سياسي قُوت جي طور تي بحث جو موضوع بنائي رهيا آهن. جيڪا اُنهن جي اجايو خوشفهمي ئي هوندي. ڇاڪاڻ ته تحريڪِ انصاف پنهنجي سموري طاقت هاڻ خيبر پختونخواهه ۾ ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي سياست جو مرڪز پنجاب کي رکندي. ڇاڪاڻ ته عمران خان به ائين ئي سمجهي ٿو ته جيڪڏهن کيس پنجاب مان مينڊيٽ مليو ته هُو مُستقبل جو وزيرِاعظم هوندو.ٻيو ته عمران خان ۽ سنڌ جو رشتو هڪ ٻئي لاءِ اوپرو به آهي. جنهن کي سنڌ ايترو جلد قبول نٿي ڪري سگهي. اُن لاءِ عمران خان کي سنڌ جي اندر ۾ جهاتي پائي جاچڻو پوندو. سنڌ جي سياست کي سمجهڻو پوندو. فقط ڪنهن فيڊ بيڪ جي بُنياد تي ڪو فيصلو ڪرڻ اُن لاءِ ڏُکيو بڻجي پوندو. اُن لاءِ عمران خان کي وقت لڳندو. پر سنڌ اندر پارليماني واٽ تي هلندڙ قومپرست سياسي جماعتن کي مُتحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هن وقت سنڌ جي قومپرست قيادت ڪنهن مضبوط اتحاد جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي ۽ ماضيءَ جي ڪيل غلطين کان سِکي نئين سِر شروعات ڪري ٿي ته ڪنهن حد تائين اُن جو ازالو ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ جي قومپرست سياسي قيادت پارليماني سياست واري ڪلچر ۾اهڙي معصوم ۽ اڻڄاڻ آهي جو سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر يا چالاڪ سياسي حرفتن کان بنهه اڻواقف بڻيل آهي. يا اُن جي سامهون پاڻ کي حقير سمجهڻ واري نفسياتي سياسي ڪيفيت جو شڪار آهي. سنڌ جي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جي اندر جيتريون اوڻايون آهن، اُن جو تفصيل ڪنهن ٻئي ڀيري پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته هُو جنهن به پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا آهن، اُهي پارٽيءَ جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل بڻجي، ٽڪيٽن جي ورهاست کان وٺي وزارتن جي ويڙهه تائين، جيستائين به اُن پارٽيءَ سان سلهاڙيل هوندا آهن ته ڪنهن سياسي مرڪزيت جي فيصلي جا پابند رهندا آهن. سنڌ جي قومپرست قيادت جي ڪمزوري اِها آهي ته اُها اتحادن ۾ ئي اختلافن جي اُن حد تائين هلي ويندي آهي، جو کين ڪنهن سياسي مرڪزيت واري ڌارا ۾ رهي نبيري جا رستا به ملي ناهن سگهندا. ان حد تائين جو ڪن انفرادي فيصلن ڪرڻ لاءِ اتحادن جي ضابطن جو به احترام ياد ناهي رهندو. جيڪڏهن پارليماني سياست ۾ دلچسپي رکندڙ قومپرست پارٽيون پنهنجي گڏيل پليٽفارم کي مضبوط ڪري هاڻي کان ئي سخت محنت ۽ پورهيو ڪن ۽ سنڌي ماڻهن جي اُن راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙين. جيڪا راءِ سنڌي عوام اُنهن لاءِ رکي ٿو ته اُهي اتحادن کان اڳ ئي انتشار جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. سنڌي ماڻهن جي سياسي اعتماد کي بحال ڪري، اُنهن جي سياسي سگهه سان اڳتي وڌن ٿا ته شايد سنڌ اندر اڳين چونڊن ۾ ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ قومپرست ڌُر ٻي قُوت طور اُڀري اچي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اُن لاءِ قومپرست ڪئمپ ۾ ويٺل جماعتن جي گڏيل اتحاد جي سخت پورهيي جا نتيجا سنڌ جي سياست کي تبديل ڪري سگهن ٿا. پر اُن لاءِ سنڌ جي قومپرست قيادت کي هاڻي کان ئي پنهنجا بُنياد مضبوط رکڻا پوندا ۽ چند اهم نُقطن تي توجهه ڏيڻو پوندو.
1 . قومپرست قيادت پاران سنڌ سطع تي گڏيل سياسي پليٽفارم جوڙي هاڻي کان ئي مُتحرڪ ٿي وڃڻ گُهرجي.
2 . اتحاد جي نظم وضبط لاءِ مرڪزيت جوڙي، جيڪا مرڪزيت هر پارٽيءَ لاءِ قابلِ قبول هُجي.
3 . سنڌ جي سمورن تڪن جو رڪارڊ گڏ ڪري داخل ووٽن جي تعداد کي رڪارڊ تي رکي ۽ داخل نه ٿي سگهيل ووٽن جي اندراج لاءِ ڪوششون ڪري.
4 . اتحاد جي پليٽفارم تان ورڪنگ ڪميٽي قائم ڪري، مضبوط حڪمت عملي جوڙي، جيڪا تعلقن ۽ يونين ڪائونسلن تائين انگن اکرن جا تفصيل گڏ ڪري.
5 . گڏيل پليٽفارم تان سڄي سنڌ مان مضبوط مڊل ڪلاس قيادت جا نالا ذهن ۾ رکي، خاڪو جوڙڻ گُهرجي.
6 . گڏيل پليٽفارم تان قيادت پنهنجي پارٽيءَ جي انائن ۽ مٿڀرائپ وارن احساسن مان نڪري، اجتماعي قومي مُفادن خاطر، تڇ ۽ حقير قسم جي اختلافن کان پاسو ڪري: مثال طور تقرير فلاڻي پوءِ ڇو ڪئي؟ پهرين ڇو نه ڪئي؟ وغيرهه.
7 . سنڌي ماڻهن جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطع تائين ڪارنر گڏجاڻين ۽ لڳاتار رابطاڪاري مُهم کي برقرار رکي وڌيڪ مُنظم ڪجي.
8 . سنڌ جي قومپرست سياسي قيادت سڄي سنڌ ۾ سرگرميءَ سان ماڻهو ميڙڻ لاءِ مضبوط سياسي موبلائيزيشن جهڙي سهاري کي هٿان نه وڃائي.
8 . سنڌ جي لڳ ڀڳ 1100 يونين ڪائونسلن (شهري/ٻهراڙي) جي سطع تي قومپرست قيادت جا 07 سگهارا اڳواڻ هڪ مهيني ۾ 13 ڏينهن به سياسي طرح سرگرم رهن ۽ سياسي طرح مُتحرڪ ڪردار ادا ڪن. تڏهن به اُهي هڪ سال جي اندر سڄي سنڌ سان رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي پيغام ۽ سياسي پرچار ۽ سرگرميءَ سان سنڌ کي پنهنجائپ جا ڀاڪر آڇي سگهن ٿا.
اهڙيءَ ريت اُهي ڪنهن به اُٻهرائپ ۾ اچڻ ۽ لالچ جو شڪار بنجڻ بجاءِ لڳاتار صبر ۽ جدوجهد رستي سنڌ جي وڏي اڪثريت کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهن ٿا. تنهن ڪري ذاتي طور تي مان ان راءِ جو آهيان ته سنڌ ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي رشتي تي ويچارڻ بجاءِ سنڌ جي قيادت فقط سنڌ جي رُوح مان ئي ڦُٽي سگهي ٿي. جيڪا ڪنهن مضبوط مُتبادل قُوت طور سنڌ جي ڀوتارڪي سياست جي لهندڙ سج کان پوءِ، رات جي ڪُک مان صبح جو وهنتل سج بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن عمران خان جي هٿان سنڌ کي سياسي مُڪتي مِلي ها ته، سنڌ ۽ عمران جي وچ ۾ اوپرائپ جهڙو انداز لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ نظر نه اچي ها. سنڌ جي قومپرست ڌُرين لاءِ پنهنجي تجزياتي راءِ تبديل ڪرڻ گُهرجي. لاتعداد اوڻاين جي باوجود به جيڪڏهن سنڌ پنهنجي سياسي وجود جي بقا جي ويڙهه وڙهي سگهي ٿي ته اُها پنهنجي مِٽيءَ جي طاقت سان ئي وڙهي سگهي ٿي. جلسن جي طلسم ۾ ڦاسي پنهنجي سياسي طاقت کي ڪمزوريءَ جي اوڙاهه پاسي اُڇلائڻ جا ارادا ترڪ ڪري پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي ٻانهن جي ٻل سان اڳتي وڌڻ گُهرجي. سنڌ جي ڪمزور قومپرست سياسي اتحاد کي وڌيڪ مُنظم شڪل ڏيڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته هِن وقت ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کان مايوس سنڌ جا ماڻهو، سنڌ اندر به تبديليءَ جي تمنا رکن ٿا. اهڙي تبديليءَ جو فائدو وٺندي، سنڌ جي قومپرست سياست پنهنجي هيڻي حال سان مضبوط مُتبادل قُوت طور اُڀري سگهي ٿي. اُهي نوجوان جن عمران خان جي ڳچيءَ ۾ پنهنجي پيار جا لاڪيٽ لاهي وڌا آهن. تن عمران خان کي اُڀارڻ لاءِ پنهنجي محدود وسيلن آهر ۽ سوشل ميڊيا جي مُهم سان پاڪستاني سياست جي وڏن هاٿين جي پيرن ۾ زنجيرون وجهي ڇڏيون آهن. اُهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني سياست جو نقشو تبديل ٿيڻ لڳو آهي. شفاف چونڊن جي چرچي جي هُل کان پوءِ، مُستقبل ۾ ڌانڌلين جي ذريعي کٽي اچڻ جا خُواب ساڀيائن جي سيج ماڻي نٿا سگهن.
جيتوڻيڪ عمران خان کي پاڪستاني سياست جو ڪو گهڻو تجربو به ناهي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي سياست کي پنهنجي تجزيي جي تارازيءَ ۾ توري تڪي سياست ڪري. ليڪن نوجوانن جي مِلندڙ مُحبت کيس نئين توانائي ڏيندي رهي ٿي. اهڙو جُنون سنڌ جي جوانيءَ ۾ به موجود آهي. جنهن کي سهيڙڻ لاءِ ڪنهن سحرانگيز نعري جي ضرورت ناهي. رُڳو قومپرست سياست کي اُنهن ماڻهن ڏانهن موٽي وڃڻو پوندو. جيڪي ڀوتارڪي سياسي قيد کان بيزار آهن. اُهي بيزار آهن اهڙي نظام کان جنهن نظام اُنهن لاءِ دُنيا جا سمورا رستا پنهنجي پيرن سان پُوري رکيا آهن. اُنهن کي فقط هڪ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪي عرصن کان بي اعتمادين جي سماڌين ۾ پنهنجا ساهه جا ستارا ساڙيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ مُحبت ڪندا آهن. اُهي سياست ناهن ڪندا. اُهي رُڳو پنهنجي پيار جي پلاندن ۾ وفا جا وچن ويڙهي رکندا آهن. ليڪن گُذريل 40 سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڳڙهه ۾ عمران خان جي جلسي مان پتو پئجي ويو ته هاڻ اُها پاڪستان پيپلز پارٽي ناهي رهي. جنهن سان عوام مُحبت ڪندو هو ۽ ڀُٽوز جي سموري سياست اُن عوام مٿان هڪلون ڪري حُڪمراني ڪئي هُئي. اڄ اُن عوام جي دماغ مٿان عشق جا اثر ڏيئي جي آخري روشنيءَ وانگر مُرجهائجي رهيا آهن. جنهن مان مُسلم ليگ (ن) 2013ع جي چونڊن کان اڳ سنڌ سان رابطا مُهم شروع ڪئي هُئي ۽ سنڌ جي ڀوتارن کي آسرن جا لاليپاپ آڇيا هُئا. جنهن ۾ پنهنجي ڪمزور پارليماني تجربي سبب سنڌ جي قومپرست قيادت کي به نواز ليگ سان سياسي نرميءَ سبب پنهنجو سياسي پورهيو به داءَ تي لڳائڻو پيوهو. هن وقت اهڙن تجربن کي دُهرائڻ بجاءِ، سنڌ کي ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جي آسري ۾ ويهي پنهنجو وقت وڃائڻ بجاءِ، پنهنجو سياسي ميدان مچائڻ گُهرجي.
عمران جو وڏو الميو اهو به آهي ته هُو بُنيادي طور تي سياست جو بي سمجهه ٻار آهي. جنهن سياست جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلائي اُن ۾ حرارت پئدا ڪري محسوس ڪيو ته اُتي وڏو سياسي ويڪيوم آهي ۽ هُو سياست جي ميدان ۾ لهي پيو. جنهن کي عوامي موٽ جو مِلڻ فطري ڳالهه هو. ڇاڪاڻ ته عرصن کان عوامي مينڊيٽ جي لتاڙ جي نتيجي ۾ عوام جي اندر ۾ جيڪا جُوالا پلجي رهي هُئي. اُن کي ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻو هو. جنهن عوامي ردِعمل کي روڪڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هُئي. سنڌ جي قومپرست قيادت جيتوڻيڪ پارليماني سياست ۾ اڻ تجربيڪار آهي. پر اُها پنهنجي سياسي فڪر ۽ نظرياتي سوچن ۾ تمام گهڻي ميچوئر آهي. جيڪا ننڍڙن ننڍڙن معمولي تضادن ۽ انائن جي خول مان نِڪري، سنڌ ۾ مضبوط مُتبادل قُوت طور اُڀري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي به اهڙي يقين جي ضرورت آهي. جيڪو يقين اُن جي سياسي مُستقبل ۽ اقتصادي حالتن جي ضمانت ڏئي سگهي. جيڪو يقين سنڌ جي قومپرست قيادت سنڌ جي ماڻهن سان سگهاري رابطي رکڻ سان ئي کين ڏئي سگهي ٿي. شرط اِهو آهي ته اُن اتحاد جو حشر ”سپنا“ يا ٻين اتحادن جهڙو نه ٿيڻ گُهرجي. جن جي ختم ٿيڻ جي بُنيادي ڪارڻن ۽ تلخ تجربن مان سِکي سوچڻ گُهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام لاءِ سياست جي سُڪل نديءَ ۾ رُڳو اعتماد جو اُجرو پاڻي وهائڻ سان ئي سنڌ ٻيهر ٻري سگهي ٿي.