خواب وڏا ڏوهاري آهن...
جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي قيام ۽ نظرياتي بُنيادن تي بحث ڪرڻ هن مضمون جو مقصد ناهي. پر پاڪستان جي قيام تي مولانا ابوالڪلام آزاد جي سياسي بصيرت کي نظر انداز ڪرڻ به تاريخ جي اصل حقيقتن کي لڪائڻ جي برابر هوندو. جنهن 1946ع ۾ شورش ڪاشميري جي رسالي ”چٽان“ کي تفصيلي انٽرويو ڏيندي انتهائي اهم پيشنگوئيون ڪيون هُيون. جنهن چيو هو ته: ”فقط مذهب جي بُنياد تي قومن جي الحاق سان جُڙندڙ رياست اندر قومي سوال وارو تضاد ايتري شدت اختيار ڪري ويندو، جنهن جو اندازو مُسلم ليگ قيادت کي بلڪل به ناهي. جتي ننڍڙا حادثا ۽ لقاءَ وڏن المين جا دروازا کولي ڇڏيندا. جتي تشدد جي اهڙي باهه ٻرندي، جو عوامي سياست جو سينو هميشه سنگينن سان چيريو ويندو.“ پُراڻو پاڪستان جنهن جا بُنياد پوڻ وقت ورهاڱي جي صورت ۾ رت جا درياءَ وهيا.. پر جناح اُن رت جي پويان صُبحِ آزاديءَ جا سپنا پئي ڏٺا جيڪي سپنا اُن سياست جي خاتمي جا سپنا هئا. پر افسوس جو سياست کي مذهبي رنگ ڏئي، وڏي انساني آباديءَ جي اکين مٿان پٽيون چاڙهي رت جون نديون وهايون پئي ويون. جڏهن ته جناح پاڪستان جي سياست کي پاپي هٿن کان پري رکڻ لاءِ خُطبن جا طويل سلسلا شروع ڪيا هُئا. پر هُن کي ڪهڙي خبر ته هُو جيڪو پاڪستان چاهي ٿو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهڙي پاڪستان کي پنهنجي مُڪمل ڪنٽرول هيٺ رکي هلائڻ چاهي ٿي. اڄ جناح جا خُطبا ته ڪنهن ميوزيم ۾ به مِلي نٿا سگهن. پر اُن جا ايڊٽ ٿيل ايڊيشن اسان جي نئين نسل جي نصاب ۾ ضرور مِلي ويندا ۽ پوءِ جناح جو پاڪستان ته اُن جي علالت واري عرصي ۾ ئي پُورو ڪيو ويو.
نجات ديده و دل کي گهڙي نهين آئي
چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي.
(فيض)
سائين جي ايم سيد به يونان جي ”سولون“وانگر، ”قَسمَ کان وڌيڪ شخصيتن جي شرافت ۽ وقار ۾ ڀروسو رکندو هو.“ سيد جو اُهو يقين ايسيتائين قائم رهيو جيسيتائين شخصيتن جي شرافت ۽ وقار جون تشريحون ئي تبديل ڪيون ويون. جڏهن جناح جي نُقطهءِ نظر مٿان ئي ڌرم فروش فرد حاوي بڻجي ويهي رهيا. جن اڳيان جناح خود بيوس بُت بڻيل رهيو. اُن جي بيوسيءَ جي باري ۾ جناح جي آخري ايامن تي ڏهاڪو سال اڳ ”ڊان“ اخبار ۾ ماهر عليءَ جو مضمون The vision we lost جنهن ”اليگز وون تنزلمين“ جي ڪتاب ”انڊين سمر“ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ” علالت جي آخري ڏهاڙن ۾ هڪ ڀيري جناح، لياقت علي خان ڏانهن نهاري، بيحد مايوسيءَ ۽ ڌيمي لهجي ۾ چيو ته: “Pakistan was the biggest blunder of his life” جناح جو اُهو پڇتاءُ ممڪن آهي ته ورهاڱي کان پوءِ وجود ۾ آيل مُلڪن مٿان حاوي ٿي ويل اُها سياسي قيادت هُجي، جيڪا ٻنهي مُلڪن جي تباهيءَ جو سبب بڻي. جن مُلڪن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڌرم فروشيءَ واري ڌنڌي کي اُڀاريو ۽ ڌرم جي نالي تي سياسي سرمائيدارن جي سيڙپڪاري ڏسي ۽ اُنهن جون نيتون پرکي جناح اها ڳالهه ڪئي هُجي. ليڪن اها حقيقت آهي ته هندستان جي اندر ورهاڱي کان اڳ ئي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اندر Penetrateٿي ويل ماڻهن سياست ۽ مذهب کي گڏي هلائڻ ۽ ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي هُئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ته اُهو ڪاروبار عُروج تي پُهتو. پر اهڙين سياسي حالتن کي ورهاڱي کان اڳ ئي سائين جي ايم سيد سمجهي ورتو هو. اُهو ئي سبب هو جو سائين جي ايم سيد مُسلم ليگ کان پنهنجا سياسي رستا جُدا ڪيا هُئا. جنهن تي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به ان معاملي کي بُنياد بڻائي سيد مٿان الزام هڻندا آهن ته: ”جناح پاران سيد کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ سبب جي ايم سيد ناراض ٿي مُسلم ليگ کي الوداع چيو هو.“ جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد ته ڪانگريس سان به ساڳئي سياسي تضاد ۽ نُقطهءِ نظر جي بُنيادن تي اختلاف رکيا هُئا. جيڪي مُسلم ليگ سان رکيا هُئا. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پارٽين وٽ ازاديءَ کان پوءِ قومن جي آزاد ۽ خودمُختيار هُجڻ جو ڪو واضع ۽ جامع پروگرام نه هو. هڪ پارٽيءَ مٿان لياقت علي خان واري مُسلم انتهاپسند ذهنيت حاوي هُئي ته ٻي پارٽيءَ مٿان ولڀ ڀائي پٽيل جهڙا انتهاپسند هندو حاوي هُئا. جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ورهاڱي کان پوءِ واري سياست ۾ مذهبن کي مُلڪي قانون جي حيثيت ڏني وئي.
اڄ جڏهن مُلڪي سياست اندر انقلاب آڻڻ ۽ آزادي مارچ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن تڏهن اها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته هن مُلڪ جو وڏو الميو سياسي ناهي پر سياست اندر مذهب کي شامل ڪري، اسٽيبلشمينٽ سڄي سياست کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ چاهي ٿي. تنهن ڪري اڄ جڏهن انقلاب ۽ آزاديءَ جا قافلا اسلام آباد روانا ٿي رهيا آهن. تڏهن تحريڪِ انصاف جو سربراهه عمران خان هڪ ئي نُقطي کي بار بار ورجائي رهيو آهي ته: ”هي مارچ پاڪستان جي آزاديءَ جو مارچ آهي. اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا. اسان اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا. جنهن پاڪستان جي اندر اليڪشنن جي ذريعي ڌانڌليون نه ٿينديون هُجن... جنهن پاڪستان ۾ خوشحالي هوندي، انصاف هوندو. اهڙي آزادي ڪو به عوام کي پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪندو اهڙي ”آزادي“ فقط آزادي مارچ سان ئي ممڪن آهي. وغيرهه وغيرهه“ عمران خان جا اِهي لفظ پاڪستان جي اندر پاڪستان مُخالف قومپرست تحريڪن جا اُهي اڳواڻ به مُختلف وقتن تي ورجائيندا رهندا آهن. ليڪن، آزادي ۽ انقلاب ائين ناهي ملندو، جو ڪو اوهان کي مُهذب انداز ۾ آزادي ڏئي ڇڏي. اُن آزاديءَ جي حاصلات لاءِ طويل سياسي ويڙهه وڙهڻي پوندي آهي. عمران خان جي نئين پاڪستان ٺاهڻ ۽ پاڪستاني عوام کي خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي دعوى تي پاڪستان جي اڪثريتي عوام کي تعجب آهي ته آخر عمران خان وٽ اهڙو ڪهڙو علاءُ الدين جو چراغ آهي. جيڪو پاڪستان جي ورهين جي سياسي ڪلچر کي رُڳو نواز ليگ جي وزيرِاعظم ميان نواز شريف جي استعيفى سان ئي تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ پاڪستان ۾ معاشي انقلاب اچي ويندو. پاڪستان جي ڪنهن به گهر ۾ ڪو به انسان بُکئيي پيٽ نه سُمهندو. مُلڪ اندر ايڏي وڏي تبديلي اچي ويندي، جو قومن جي بُنيادي سياسي تضادن وارا سوال به نئين پاڪستان ٺهڻ سان ئي ختم ٿي ويندا. امن امان جي صورتحال اهڙي بڻجي ويندي جو شينهن ٻڪريءَ جي ڪن ۾ سُسِ پُس ڪري، کيس لطيفا ٻُڌائي پيو کِلائيندو. ادارن مان ڪرپشن جو مُڪمل ۽ تڪڙو خاتمو اچي ويندو. ڪاميٽين مٿان ٺهندڙ ڪاميٽيون به ڪرپشن جو حصو بڻجڻ بجاءِ مُلڪي ناڻي کي امانت سمجهي استعمال ڪنديون. جيڪڏهن اهڙو نئون پاڪستان ٺهي ٿو ته ڀلا اهڙي پاڪستان تي اعتراض ڇو ٿيندا؟
پر تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي ڪير سمجهائي ته، جيڪڏهن پاڪستان کي صحيح معنى ۾ آزادي ڏيارڻي ئي آهي ته سياست کي اُنهن هٿن مان آزاد ڪرائڻو پوندو جيڪي هٿ جناح کان پوءِ پاڪستان مٿان قابض آهن. جن قومن کان اُنهن جي آزاد ۽ خود مُختيار حيثيت ئي کسي ورتي آهي. اُهي طاقتون چاهين ٿيون ته مُلڪ ۾ ڌرم فروشيءَ وارو ڌنڌو ختم ٿي ويو ته اُنهن جي گهرن جا چُلها ٻرڻ بند ٿي ويندا. اُهي ئي طاقتون آهن جن افغان وار ۾ ڊالر ۽ روبل جي راند کيڏي. اُها ئي ذهنيت آهي، جيڪا اڄ به آمريڪي امداد لاءِ مذهب کي استعمال ڪندي رهي ٿي ۽ پنهنجي آشيرواد سان آندل حُڪمرانن کان پنهنجي مرضيءَ وارا ڪم وٺندي رهي ٿي. اُهي طاقتون ڪيئن چاهينديون ته اُهي اهڙي مُلڪ جو قيام عمل ۾ آڻين جنهن مُلڪ جي سياسي طاقت عوام وٽ هُجي. عوام لاءِ جهڙو عمران خان اهڙو ئي ميان صاحب آهي. جڏهن مُلڪ جون طاقتور قُوتون عمران خان تي مهربان ٿيون ته کيس اقتدار حوالي ڪري اُن کان به اُهي ڪم وٺنديون رهنديون جيئن ماضيءَ جي سمورن حُڪمرانن کان وٺنديون رهيون آهن. تنهن ڪري مُلڪ جي عوام کي اهڙا خُواب نه ڏيکاريا وڃن جن خوابن جو وجود ئي نه هُجي. ڪنهن به حُڪومت کي پرکڻ يا سمجڻ لاءِ ڪجهه مهينا ئي ڪافي هوندا آهن. اُهو ڪم جيڪو مهينن ۾ ٿيندو آهي ساڳيو ڪم سالن ۾ به ٿيڻو هوندو آهي. جيڪڏهن اُن جي ابتدا عمران خان پنهنجي حُڪومت خيبر پختونخواهه کان ئي ڪري تڏهن به عوام کي گهڻو ڪُجهه نظر اچي ويندو. جيڪڏهن مُلڪ ۾ آزادي مارچ ڪري هڪ صوبي کي آجپو ڏياريو وڃي تڏهن به سمجهيو ويندو ته عمران خان تمام وڏي تبديلي آندي آهي. جنهن کي 5 سالن جي وڏي عرصي جي اندر هڪ صوبي جي سياسي تبديليءِ واري آزاديءَ کي مثالي آزاديءَ طور پُوري مُلڪ ۾ مُتعارف ڪرايو وڃي ها. ته شايد بهتر ٿئي ها ۽ کيس مُستقبل ۾ اُن جا تمام گهڻا سياسي فائدا حاصل ٿي سگهن ها. گهٽ ۾ گهٽ اڄ هر سطع تي سياسي انارڪيءَ جو ڦهلاءُ ۽ تماشو نظر نه اچي ها. ليڪن هڪ مهيني کان لڳاتار لاهور ۽ اسلام آباد سياسي تماشي جو مرڪز بڻيل آهن ۽ اربين رُپيا انقلاب ۽ آزاديءَ جي نالي تي خرچ ٿي چُڪا آهن. صنعتن ۽ ڪاروباري مرڪزن جو ڏيوالو نڪري چُڪو آهي. مارچ اسلام آباد ۾ پُهچي ٿو ته اُن جي پُڄاڻي ڪهڙي نتيجي تي ٿئي ٿي؟ اُن جو ڪو واضح جواب ته ڪنهن وٽ به ناهي. پر هڪ ڳالهه ته بلڪل واضع ٿي چُڪي آهي ته جيڪڏهن هن مارچ جي نتيجي ۾ ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پئدا ٿي پوي ٿي ته رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل اختر حميد گُل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪرڻو پوندو ته ”جڏهن پوليٽيڪل وِل(سياسي قُوت) ڪمزور ٿيندي آهي. تڏهن فوج لاءِ رستا کُلي پوندا آهن.“ پر اها به حقيقت آهي ته هن مُلڪ ۾ ڪڏهن به سياسي قُوتون طاقتور پوزيشن ۾ اچي ناهن سگهيون. نه ئي هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ اهو چاهي ٿي ته اُنهن جي مرضيءَ کان سواءِ سياسي طاقتون ڪي فيصلا ڪري سگهن. ان ڪري جيستائين سياست ڳُجهين طاقتن جي چنبن مان آزاد نه ٿيندي تيسيتائين اهڙا تماشا ٿيندا رهندا. مولانا آزاد ته پاڪستان جي سياسي صورتحال جو اهڙو تجزيو ته اُن جي ٺهڻ کان اڳ ئي ڪيو هو. شايد دهليءَ جي مسجد ۾ 1940ع ۾ خُطبي دوران ئي چيو هُئائين ته: ” جناح کان پوءِ پاڪستان جو سياسي مزاج تبديل ٿي ويندو. مذهبي هڪجهڙائيءَ جي بُنياد تي گڏ ٿيل قومن جي الحاق جي خاتمي جي شروعات اوڀر ۽ اولهه واري پاڪستان کان ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندن ٻولي، ريتن رسمن، رهڻين ڪهڻين کي فقط مذهبي بُنيادن تي گڏي هلائي سگهڻ جي سياسي قيادت مان سگهه ختم ٿي چُڪي هوندي.“ هُن انتهائي اهم پيشنگوئي اها به ڪئي هُئي ته صوبن جي اندر قومي تصادن جهڙا سوال ايتري حد تائين اُڀري پوندا، جنهن سبب ٻاهرين قُوتن کي مُداخلتن جا موقعا مُيسر ٿي ويندا. جيڪي سياسي قيادتن کي تماشي وانگر استعمال ڪنديون. جنهن جي ڪري مُلڪن جي حالت بلڪان ۽ عرب رياستن کان مُختلف نه هوندي.“
تحريڪِ انصاف جو مارچ عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ لاهور کي ڇڏي اسلام آباد روانو ٿي چُڪو آهي. جنهن جو نعرو نئون پاڪستان ٺاهڻ آهي. نئون پاڪستان ڪهڙو هوندو؟ هُن اُن جا تفصيل به ميڊيا کي ٻُڌائي ڇڏيا آهن. هاڻ سوال اهو آهي ته مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جناح جي پُراڻي پاڪستان کي بچائي ٿي يا عمران خان جي نئين پاڪستان جي تائيد ڪري ٿي؟ ڇاڪاڻ ته جناح جو پاڪستان ته بنگلاديش ٺهڻ سان ئي ٽُٽي چُڪو هو. موجودهه مُلڪ ته اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان هلي رهيو آهي. اهڙي مُلڪ ۾ عمران خان جو نئون پاڪستان به هڪ اهڙو خُواب آهي. جنهن لاءِ ايازچيو هو ته:
هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
خُواب وڏا ڏوهاري آهن
آزاديءَ جا خُواب، اُنهن تي
بند اڳي کان ڀاري آهن. (اياز)