ڇا خاص عدالتون رياستي رِٽ بحال ڪري سگهنديون؟
جڏهن مُلڪ اندر جهادي گروپن جا هزارن جي تعداد ۾ ٽولا پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ ٽارگيٽيڊ ڪاررواين جون تياريون ڪري رهيا آهن. تڏهن مُلڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادتن کي خاص عدالتن جي قيام دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست ڌُرين کي، پنهنجي واضح حڪمت عمليءَ سان اعتماد ڏيارڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته عوامي اعتماد جي بحاليءَ کانسواءِ انتهاپسنديءَ جو خاتمو ممڪن بڻجي نه سگهندو. عوام جنهن کي تقدير ماري، تشدد ماري يا سياسي نفرت ماري ڳالهه ساڳي آهي. صوبن جي اندر خاص عدالتن ۾ ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته انتهاپسند جهاد ۽ پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکڻ ۾ فرق آهي. جيڪڏهن ڪنهن به آپريشن ۽ خاص عدالت جو رُخ انتهاپسند جهادي تنظيمن کي جَڙ کان اُکيڙڻ بجاءِ، پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکندڙ سياسي پارٽين طرف موڙيو ويو ته پاڪستان مان ڪڏهن به عُروج تي پُهتل انتهاپسنديءَ جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ واريون سموريون ڪوششون ڪي نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين سڄي دُنيا ۾ پاڪستان جي بدناميءَ جو باعث جهادي گُروپ ئي رهيا آهن. تنهن ڪري اِها ڳالهه انتهائي حساس حيثيت رکي ٿي ته خاص عدالتن کي فقط ۽ فقط اُن سوچ جي خاتمي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گُهرجي. جيڪا سوچ داعش، بوڪو حرام، طالبان ۽ ٻين جهادي گُروپن جي آهي. جيڪي مذهبي آزاديءَ جا مُنڪر آهن. جيڪي پنهنجي مخصوص سوچ کي مڙهڻ لاءِ، ڪنهن به مذهب جو احترام ڪرڻ کي خراب خيال تصور ڪن ٿا. جيڪي فتح ٿيل علائقن ۾ عورتن سان بيحُرمتين کي عيب نٿا سمجهن. جيڪي ٻارڙن کي ذُبح ڪندي، پنهنجي دلين ۾ حِساسيت نالي ڪو به جذبو نٿا رکن. جيڪي پنهنجي مخصوص سوچ مڙهڻ لاءِ مُلڪ جي سمورن شهرن کي نشانو بڻائي، پنهنجي سوچ سان قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اُن لاءِ حُڪومتي سطع تي سنجيدهه عمل تڏهن نظر ايندو، جڏهن مُلڪي استحڪام سان گڏ پاڙيسري انسانن جي امن ۾ رُخنو وجهندڙن جي خراب نيتن کي سمجهي اُنهن جي خاتمي لاءِ به اهڙا اُپاءَ ورتا ويندا. ڇاڪاڻ ته جيستائين پنهنجي گهر جو ڪِچرو پاڙي ۾ اُڇلائبو ته هڪ ڏينهن اُن جي بدبوءِ گهر تائين به پُهچي سگهي ٿي. امن خاطر رُڳو عمل جي ئي نه پر نيتن جي صفائيءَ جي به ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن خاص عدالتن جي قيام سان ئي امن جي اُميد ڪئي وئي ته شايد اِها وڏي غلطي هوندي، رياستي رِٽ تڏهن قائم ٿي سگهندي جڏهن پنهنجي گهر جي گند کي پاڙي ڏانهن اُڇلائڻ واري نيت ختم ڪئي ويندي. پُرامن ۽ سيڪيولر سياسي سوچ کي هٿي ڏئي، جهادي ۽ انتهاپسند دهشتگردن ۽ پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکندڙن جي وچ ۾ فرق رکيو ويندو. تڏهن ئي هن مُلڪ مان جهادي تنظيمن جون جڙون هميشه ختم ٿي سگهن ٿيون.