پيپلزپارٽيءَ جي اوليت تي سنڌ جا مسئلا ناهن.
جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌي ماڻهن کي ڪالاباغ ڊيم واري اشو کي هميشه دفن ڪري ڇڏڻ جهڙو عظيم تحفو ڏئي ڇڏيو آهي ته اوچتو ئي پنجاب هاءِ ڪورٽ طرفان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت وارو معاملو اُڀريو آهي. شايد سنڌي ماڻهو گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان نان اشوز تي پنهنجي سياست چمڪائيندا هُجن پر اپوزيشن ۾ ويٺل پيپلز پارٽيءَ جو سڄو دور اهڙن ”نان اشوز“ تي سياسي جدوجهد ۾ قومپرستن سان گڏ رهيو هو. سنڌ جي جائز چِڙ کي ”نان اشوز“ تي سياست چمڪائڻ وارو ليبل هڻندڙ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ اهو ٻڌائي سگهندا ته هنن ڪالاباغ ڊيم جي اشو تي ڪهڙو دستاويز تيار ڪري پاڪستان جي سمورين اسيمبلين ۾ بِل طور پيش ڪري پاس ڪرايو هو ۽ پاڪستان جي سمورين صوبائي اسيمبلين اُن بِل کي پاس ڪري ڇڏيو هو؟ هن وقت سنڌ جيڪا نه کپي جا نعرا کڻي پنهنجي پوري چڙ ۽ غصي سان روڊن ۽ رستن تي پُرامن سياسي جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهي. تنهن جو مقابلو اهڙي جمهوري حڪومت سان آهي جنهن لاءِ ول ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب ”پليئرس آف فلاسافي“ ۾ ”اڪثريت جي آمريت“ جي عنوان سان پورو باب لکيو آهي. جنهن ۾ هُن اهو به ڄاڻايو آهي ته آمريت رڳو لانگ بوٽن وارا ناهن آڻيندا نه ئي سنگينن جي سائي ۾ عوام مٿان مسلط ڪئي ويندي آهي. پر آمريت ته اُها به آهي جنهن کي انبوهه آڻيندو آهي، اُهو انبوهه جيڪو عوام ناهي هوندو ڇو ته عوام پڙهيل لکيل معاشرن جي اُن خدائي خلق کي چيو ويندو آهي جيڪا خلق باشعور هوندي آهي. جيڪا ڪنهن جاگيردار ۽ وڏيري جي خوف ۾ مبتلا ٿي ووٽ ناهي ڏيندي نه ئي جِي ٿِري جي گرم گولين جي خوف سبب پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندي آهي، نه ئي ٽڪي جي مفادن خاطر پنهنجي قسمتن جا فيصلا انهن وڏيرن جي حوالي ڪندي آهي. جيڪي پرڏيهي قوتن کي اهو تاثر ڏيندا رهن ٿا ته، هو عوام جي اڪثريت سان چونڊجي آيا آهن. پر انبوهه اُهو هوندو آهي جن کي ووٽ جي صحيح استعمال جو شعور ته وڏي ڳالهه آهي پر انهن کي اِها به خبر ناهي هوندي ته جنهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ هو پنهنجا آڱوٺا ڪارا ڪرائڻ لاءِ پولنگ تي پهتا آهن اُنهن جي ووٽ سان اهو اُميدوار وري چونڊجي سگهي ٿو جنهن سنڌ وطن جي جاگرافيائي سرحدن جا سودا ڪرڻ کان وٺي، هر اهو عمل ڪيو آهي جنهن سان سندن ايندڙ نسل رڻ جي راتين ۾ رُلي ويندا. اهڙي سماج ۾ ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته انبوهه جي ووٽن سان چونڊيل حڪومتون آمريتن کان به وڌيڪ بدترين حڪمرانيءَ جو سبب بڻبيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اها دعوى نٿي ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ اڪثريت سان چونڊجي ايندڙ حڪومتون پنهنجو پاڻ کي جمهوريت جون علمبردار سڏائي، باقي سياسي پارٽين تي طنز ڪنديون رهن ته انهن جي ضمانت ضبط ٿي ويندي.
هن وقت جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت سنڌ ۽ خيبرپختونخواه طرفان واريل اعتراضن کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ سياسي قرارڏئي اهو موقف اختيار ڪيوآهي ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو فيصلو ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکي ٿيڻ کپي، جڏهن ته سياسي اعتراضن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، موسمي تبديلين (گلوبل وارمنگ) سبب 2010ع کان برساتون ۽ ٻوڏون اچڻ هاڻ معمول بڻيل آهي، جن کان بچڻ لاءِ به نون ڊيمن جي اڏاوت ضروري آهي، عدالت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڊيمن جي اڏاوت تي صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرائڻ وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي، اهو عدالت جو ڪم ناهي ته اها طئي ڪري ته ڊيم ٺهڻ کپي يا نه کپي، اسان کي قانون پٽاندر فيصلو ڪرڻو آهي، جڏهن ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم اڏجڻ سان منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي عمر وڌي ويندي. ٻڌڻي دوران پٽيشنرن جي وڪيل اي ڪي ڏوگر دليل ڏيندي چيو ته: ”لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مولوي انوار الحق ڪالاباغ رٿا جي اهميت کي سامهون رکي 2004ع ۾ ڊيم جي اڏاوت جو حڪم ڏنو هو. پر انهي حڪم تي اڄ تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، هن ڄاڻايو ته ڊيم نه ٺهڻ سبب اڄ سڄو ملڪ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي. وڪيل اهو پڻ موقف اختيار ڪندي چيو ته جڏهن ايوب خان جي حڪومت هُئي ته اُن وقت ذوالفقارعلي ڀٽو پرڏيهي معاملن وارو وزير هو ۽ ان وقت ٿيل سنڌ طاس معاهدي ۾ واضع چيو ويو هو ته تربيلا ۽ منگلا کان اڳ ڪالاباغ ڊيم اڏيو ويندو. جڏهن ته ذوالفقار ڀٽي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي جو افتتاح پڻ ڪيو هو، اڄ به ڊيم جي سائيٽ تي اهڙي افتتاحي تختي لڳل آهي. ڪالاباغ ڊيم کي مضبوط معاشي منصوبو قرار ڏيندي ائين چيو ويو ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي سياسي اعتراضن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.“ جڏهن ته دستاويزي مشاهدي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي سربراهه نثار کهڙو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اقتدار هوندي ڊيم نه ٺهندو. ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته اهو تڪراري ڊيم هميشه دفن ڪري ڇڏڻ واري شرجيل ميمڻ جي دعوى ۾ ڪا صداقت ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کان پوءِ ڪو ٻيو اقتدار ۾ آيو ته اُهو اُن جو معاملو هوندو. سوال اهو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ڪالاباغ ڊيم تي ڊبيٽ ٿيو آهي اُن سڄي ٻُڌڻيءَ مان ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته هن ڊيم جي اڏاوت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ئي وڏو ڪردار رهيو آهي جيڪو مسلسل ريفرنس طور استعمال ٿيندو رهيو آهي.
سنڌ جيڪا گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪالاباغ ڊيم تي پنهنجي اعتراضن تي سنڌ جي تباهه ٿي وڃڻ جا تفصيل وفاق ۾ اُٿاريندي رهي آهي، سا سنڌ لاهور هاءِ ڪورٽ واري فيصلي جي انتظار کان پوءِ پنهنجو ردِ عمل ڇا ٿي ظاهر ڪري اهو ته 30 آڪٽومبر تائين پتو پئجي ويندو. اُن سلسلي ۾ سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن جو ڪو تڪڙو ردِ عمل ناهي آيو نه ئي ان معاملي تي ڪنهن مضبوط تحريڪ هلائڻ جو موقف سامهون آيو آهي ڇو ته سنڌ آڏو مسلسل نون مسئلن وارا مونجهارا ايتري تعداد ۾ ايندا رهن ٿا جو سنڌ کي هاڻ انهن سمورن مسئلن تي هڪ ئي وقت جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي. البته ساڳئي ڏينهن تي عوامي نيشنل پارٽيءَ جي صوبائي اڳواڻ سينيٽر افراسياب خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته: ”اهڙو فيصلو پاڪستان جي فيڊريشن لاءِ هاڃيڪار هوندو جو ٽن اسيمبلين جي پاس ڪيل بلن کان پوءِ به به تختِ لاهور ڪالاباغ ڊيم جي هوڏ تان هيٺ نٿو لهي. هن ڪالاباغ ڊيم کي مُئل مسئلو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ٽن صوبائي اسيمبلين هن معاملي کي فني ۽ سياسي طور هاڃيڪار قرار ڏيندي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آهي.“ هن عدالت کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جي ذريعي درخواست ڪئي ته اها هن معاملي کي مڪمل ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته خيبر پختون خواهه کي مڪمل ٻوڙي ڇڏڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ان معاملي کي وڌايو ويو ته صوبن ۾ نفرتون پئدا ٿينديون. جيڪي وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻبيون.
پر سنڌ جيڪا گُم ٿيندڙ سياسي ماڻهن جي ملندڙ لاشن، اين ايف سي ايوارڊ واري معاملي، ڌاري آبادڪاري، ذوالفقار آباد، سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارن معاملن سميت سوين ٻين معاملن ۾ اڃان تائين اُلجهيل ئي هُئي ته اوچتو ڊيم جو دفن ٿيل اشو( پيپلزپارٽي اڳواڻن چواڻي) اُڀريو آهي. موجودهه حڪومت جي اهڙي دعوى دُرست هجي ها ۽ هن حڪومت ڪالاباغ ڊيم کي هميشه دفن ڪري ڇڏيو هجي ها ته ڊيم جي سائيٽ تي ذوالفقار ڀٽي طرفان اُن افتتاحي تختي کي به هٽايو وڃي ها. جيڪا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻُڌڻي دوران ريفرنس طور بار بار سامهون آئي آهي. پر جيئن ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي اها انبوهه واري اڪثريت مسلسل پيپلز پارٽيءَ جي ڪُوڙن آسرن تي رڻ ۾ رُلي وڃڻ کان باز نٿي اچي.
جيتوڻيڪ سنڌ جي عوام جي اڪثريت چاهي ٿي ته اُهي ڪارا قانون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي غلاميءَ جو سبب آهن. تن جي خاتمي لاءِ پنهنجي سموري چِڙ ۽ ڪاوڙ جو اظهار احتجاجن ۽ هڙتالن ۾ ڪن ٿا. انهن سمورن مسئلن جي ڊگهي لسٽ آهي جن لاءِ هر جاءِ تان نه کپي جا نعرا ٻُڌجي رهيا آهن. ليڪن انبوهه جي اڪثريت سان گڏ بيٺل اڳواڻ، جيڪي مسلسل ”کپي“ جي راڳ سان سنڌ کي ريجهائي رهيا آهن ۽ ڪوڙن آسرن ۾ سنڌ جا سودا ڪندا رهن ٿا. سنڌ گهڻ قومي مسئلن سبب کپي ۽ نه کپي واري ويڙهه پاسي وڌي رهي آهي. ڏسجي ته پنجاب هاءِ ڪورٽ جي اهڙي ”کپي“ واري فيصلي اچڻ کان پوءِ سياسي طور آئسوليشن واري احساس ۾ هلي ويل سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سهارو هُجڻ جي دعوى ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جا نمائندهه ڪهڙو موقف اختيار ڪن ٿا؟ ان جو اندازو جلد ئي ٿي ويندو. پر سنڌ سياسي طور نه کپي واري هلچل ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي؟ اُن جو اندازو لڳائڻ لاءِ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو ته ڇا انبوهه..... عوام بڻجي سگهيو آهي.؟ پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن کي اهو سمجهڻ گُهرجي ته اُهي جنهن جمهوريت جي بار بار دعوا ڪن ٿا سا اصل ۾ اڪثريت جي آمريت ئي آهي. جيڪا آمريت سنڌ جي ڀوتارن ۽ وڏيرن ڀُٽوز جي نالي تي سنڌ مٿان مڙهي ڇڏي آهي.