سنڌ سان ٿيندڙ شيطاني شرارتون...
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ سنڌ جي وڏن شهرن جي سياسي صورتحال ڪيئن بيهندي؟
سنڌ جي وڏن شهرن ۾ مستقبل جي سياسي صورتحال ڪجهه ائين بيهندي ته ”عوامي نيشنل پارٽي“ متحده قومي موومينٽ جي مدِ مقابل ٻيو نمبر پارٽي ٿي بيهندي. هڪ پاسي ”نيشنل عوامي پارٽي“ اها دعوى ڪندي نظر به اچي ٿي ته سنڌ ته سنڌي ماڻهن جي آهي. اسان ته مڙيئي هتي ترسيل آهيون. پر ان ”مڙيئي“ جي پٺيان ٿيندڙ سياست جا نتيجا اُگرا نظر اچن ٿا. هڪ پاسي پختون آبادي سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، پختون آبادي سمجهي ٿي ته سنڌي ماڻهن جي ذهن ۾ متحده قومي موومينٽ خلاف جيڪا نفرت آهي ( جيئن متحده جي ڪردار سبب ٿيو آهي) اُن نفرت کي پاڻ ڏانهن همدرديءَ ۾ تبديل ڪن. اُن همدرديءَ جي آڙ ۾ سنڌ جي شهرن مان متحده جي سياسي هڪ هٽي ختم ڪري اُن تي پاڻ قابض ٿي وڃن ۽ بين الاقوامي ادارن سان بارگيننگ جي پوزيشن تي پهچي، ڪيمپن ۾ ويٺل پختون آباديءَ کي سنڌ ۾ مستقل اجهو ميسر ڪري سگهن ۽ انهن جي روزگار جا مناسب ذريعا ڳولي سگهن. نتيجي طور اهڙي سياسي شطرنج ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ٿي رهيا آهن جو سنڌي ماڻهو جيتري نفرت متحده قومي موومينٽ کان ڪري ٿو ايتري نفرت شايد ٻي ڌاري آبادڪاريءَ کان نٿو ڪري. ان حد تائين جو ڪراچيءَ ۾ وڏي اڪثريت سان رهندڙ پنجابي آبادي جنهن جو ڪراچيءَ جي اهم ڪاروباري مرڪزن تي قبضو آهي سنڌ جي ساڃاهه وند حلقي جو ڌيان اُن پاسي ڇڪجي ئي ناهي سگهيو.
ان سڄي سياسي راند ۾ نظر اچي ٿو ته سنڌ جا وڏا شهر مستقبل ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحده جي وڏي ووٽ بئنڪ طور اُڀري ايندا. مان قطعي طور متحده جي نيتن کي سنڌ لاءِ صاف نٿو سمجهان پر ”نيشنل عوامي پارٽي“ به سنڌ ۾ حصيداريءَ جي دعوى ڪري؟! ان کان وڌيڪ سنڌ لاءِ ٻيو ڪهڙو وڏو حاڃو ٿي سگهي ٿو؟
سنڌي سماج جيئن ته زرعي معشيت تي دارومدار رکي ٿو. انڪري ان جو مزاج به ڳوٺاڻين روايتن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل آهي. جيتوڻيڪ تعليمي شعور اچڻ سبب گهڻي قدر وڏيرڪي ڪلچر مان آجو ٿيڻ جي باوجود به هن سماج جو گهڻو حصو يا ته سياست ۾ عدمِ دلچسپي رکي ٿو يا ته قومي مفادن خاطر ننڍڙن ننڍڙن مفادن کي اوليت ڏئي ٿو. مثال طور هڪ تڪ مان ڪي به ٽي اميدوار اليڪشن ۾ بيهن ٿا ته ووٽر کي چونڊ ته هڪڙي اميدوار جي ئي ڪرڻي آهي. پر بدقسمتيءَ سان اُهي ٽئي اُميدوار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ ساڳيا ئي آهن. انهن جون نيتون ۽ ڪردار قطعي به سنڌ لاءِ فائديمند ناهي،انهن مان سنڌ جي اشوز تي سڌو ٿي بيهڻ وارن جو انگ زيرو جي برابر آهي. مجبورن ڪنهن هڪ اميدوار جي حصي ۾ وڌيڪ ووٽ پون ٿا ۽ هو سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽن تي يا حڪمران ڌُر سان ويٺل هوندو يا اپوزيشن سان. پر انهن جي سياسي بصيرت ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ترقيءَ جو تصور ڪيترو واضع آهي؟ اُن جو اندازو پاڪستان جي گذريل 65 سالن جو تجزيو ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
يونان جي ڏاهي ”سولون“ سچ چيو هو ته:
Put more trust in nobility of character than in oath.
جيڪڏهن ايوانن ۾ اقتداري ڌُر جي ڪردار کي ڏسبو ته انهن جي شرافت جي انتها اتي بيٺل آهي ته پٽيواليءَ جي نوڪريءَ لاءِ به لکن جا واڪ لڳن ٿا. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اندر عوام جون اڃان تائين اهڙيون شڪايتون سامهون ناهن آيون. ساڳي طرح متحده اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي روزگار ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي ڪم ڪندي رهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوارن جي تڪن ۾ ماڻهو بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پاڻ کي ساڙيندا رهن ٿا. سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين جي صورتحال اها آهي جو ٻن مها ٻوڏن ۾ تباهه ٿي ويل زرعي معشيت ۽ انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ لاءِ پيپلزپارٽي حڪومت وٽ ڪا بجيٽ ناهي پر 2005 ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي جي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ ۾ اربين رپيا رکيا وڃن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن جو جائزو وٺبو ته اهي کنڊرن جو ڏيک ڏيندي نظر ايندا. پر اُنهن شهرن ۽ ڳوٺن جي ترقيءَ بجاءِ 100 ارب رپين جي لاڳت سان ذوالفقارآباد جهڙيون سنڌ دشمن رٿائون جوڙيون پيون وڃن. جنهن سان چيو پيو وڃي ته سنڌ خوشحال بڻجي ويندي. دراصل ترقيءَ جي ڪنهن به ماڊل تي اختلاف نه هجڻ گهرجي پر جنهن طريقي سان هن منصوبي ۾ هٿ وڌو ويو آهي اُن سان سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خدشو آهي. ڇو ته هن رٿا مان به اهي ئي طاقتور ڌريون فائدو وٺي سگهن ٿيون جيڪي مسلسل سنڌ جي شهرن تي قابض رهڻ جي نيت رکيو ويٺل آهن. انهن ڌرين لاءِ ئي روزگار جا نوان رستا ۽ راهون هموار ٿينديون ۽ سنڌي ماڻهن کي شعوري طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارن جو خواب ساڀيا ماڻيندو.
سوال اهو آهي ته سنڌ سياسي طور اهڙي يتيميءَ واري صورتحال مان آخر ڪيئن نڪرندي؟ ڇو ته بين الا قوامي ادارا سنڌ جي ڪيس تي ڳالهائڻ لاءِ به چونڊيل نمائندن کي اهميت ڏين ٿا ۽ سنڌ جي بدقسمتي آهي جو هتي ووٽ بئنڪ انهن پارٽين جي هٿ ۾ آهي جن مان سنڌ جي سنجيدهه اشوز تي ڪنهن به چڱائيءَ جي اُميد رکي نٿي سگهجي. ائين سمجهجي ته سنڌ ۾ ڪا وڏي سياسي بصيرت رکندڙ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت اُڀري ايندي ان جا امڪان مستقبل قريب ۾ ته نظر نٿا اچن. ڇو ته پاور پاليٽڪس هڪ اهڙو نشو آهي جنهن جي ملڻ کان پوءِ عوامي خدمت وارا جذبا ختم ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ائين گُهرجي ته جيڪي قومپرست هن وقت اها دعوى ڪندي نظر اچن ٿا ته اُهي ايندڙ اليڪشنن ۾ هر تڪ تي پنهنجا اميدوار بيهاريندا. انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهن جي مزاج، ڪلچر ۽ انهن ۾ موجود لاڙن کي مدِ نظر رکي پنهنجا اميدوار بيهارين، جيڪي وڏيرن جي هڪ هٽي کي مڪمل ٽوڙڻ لاءِ سگهه رکندا هُجن ۽ يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺاڻي سطع تائين عوامي سجاڳيءَ جي سگهه رکندا هجن. نه ته هن وقت تائين جي تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته اهڙيون قيادتون سنڌي ماڻهن جي نصيب ۾ رهيون آهن جيڪي هميشه ايوانن ۾ پهچڻ کان پوءِ سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين شيطاني شرارتن کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن شرارتن جو حصو ٿي، سنڌ جي سيني ۾ نوان خنجر کوڙينديون رهيون آهن. سنڌ کي هن وقت اهڙي سياسي تنظيم جي ضرورت آهي جيڪا مڪمل طور منظم هجي جيڪا سنڌ جي مفادن تي اقتدار جي عارضي عياشيءَ کي قربان ڪري ۽ ڌاري آبادڪاريءَ سميت سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سمورين شيطاني شرارتن سامهون پنهنجو مضبوط موقف رکڻ جي صلاحيت رکندي هجي. ڇو ته سنڌ کي هاڻ اهي تاريخي مثال بچائي نٿا سگهن جن ۾ اهو چيو ويندو هُجي ته سنڌ ڪنهن دور ۾ ڪيتري نه خوشحال هوندي هُئي!! ڏسڻو اِهو آهي ته شاندار ماضيءَ مٿان ته مقبرا جُڙي ويا. هاڻ جيڪڏهن حال جي حقيقتن تي نظر رکي ڪا سياسي رٿابندي نه ڪئي وئي ته مستقبل جي توبن جي نشاني تي هونداسين.
وطنن جي سالميت قومن جي طاقتن ۾ ئي هوندي آهي، ڪمزور قومون پنهنجا وطن وڃائي ويهنديون آهن.... (ڪنفيوشس).