ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

نئون سال، سنڌ جي ڳلن جا ڳوڙها اُگهي سگهندو؟

سال جو آخري ٿڌو سج ٿڪجي اولهه ۾ اُلهي ويو!! نئين سال جي صبح جو ساڳيو چهرو هن سماج جو مقدر بڻيل هوندو. زندگي زمين تي مايوسين جي مدار ۾ رِڙهندي ئي رهندي. ڪجهه به بدليل نه هوندو. نئين سال جي لهندڙ سج جي منظر کي ڏسندي، مونکي اسانجي دلبر دوست حسن درس جون سِٽون شدت سان ياد اچڻ لڳيون آهن.
اوهان مُرڪي، مِلي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
اسانجي ڳالهه جي ڳَل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
سنڌ جي سياسي يتيميءَ جا ڳل ڳوڙهن سان پُسيل ئي رهندا. سال مُرڪي، موڪلائي ڀلي ويندا رهن. سالن جي تبديلي ته فطري ڳالهه آهي. وقت جي ڪانٽن کي روڪڻ جديد سائنسي ايجادن جي به وس جي ڳالهه ناهي رهي. اهڙي طرح اسان سڀني لاءِ سال جا سمورا ڏينهن ۽ موسمن جا مهانڊا هڪجهڙا ئي هوندا آهن. هن دردمنديءَ جي ديس مٿان لهندڙ سمورين شامن جا رنگ به هڪجهڙا ئي هوندا آهن. سنڌ جي حصي ۾ آيل سياسي سرديون ۽ گرميون به ساڳيون آهن. سال جي تبديليءَ سان سنڌ جي تقدير جي تبديلي سلهاڙي نٿي سگهجي. بندوق اڳيان سنڌ جون بهارون بي وس بڻيل آهن. سنڌ جي سياسي آئيني کي فيض جي سِٽن سان ڏسي سگهجي ٿو.
زرد پتون کا بن، جو ميرا ديس هي،
درد کي انجمن، جو ميرا ديس هي.
اُهو ديس جنهن جي دل سياسي آهي، پر اُن دل کي کوٽن سِڪن سان خريد ڪري کسيو ويو آهي. اُها سنڌ جيڪا نسلن تائين سياسي ويڙهه جي مورچي تي بيٺل هُئي، سا پنهنجي ڪارپت ۾ ايتري ڪِري ناڪاره نعرن جهڙي بڻجي پئي آهي. جو هر ماڻهو اندر ۾ عدمِ اعتماد کڻي جِي رهيو آهي. سماج کي بدلائڻ جي ابتدا آخر ڪٿان ٿيندي؟ ماضيءَ ۾ هڪ سياسي چوڻي عام هوندي هُئي ته : ”دُنيا جا سمورا رستا پنهنجي گهر جي در کان شروع ٿين ٿا.“ شروعات ”ايڪي“ کان ٿيندي آهي. ابتدا هميشه اقليت ڪندي آهي. وڏو باهه جو مچ به هڪ چڻنگ مان ئي پئدا ٿيندو آهي. سنڌ کي اهڙي تيليءَ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. اهڙي سياسي تبديليءَ جي ابتدا هڪ فرد کان ئي ٿيڻي آهي. اُن لاءِ ليڪو ڪڍي بيهڻ جي ضرورت آهي. جهڙي طرح هر حڪومت ”جون“ جي مهيني ۾ سال جي ”مالياتي بجيٽ“ پيش ڪندي آهي. اهڙي طرح سنڌ جي سياسي پارٽين کي نئين سال جي شروعات ۾ ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪرڻ گهرجي. اُها سياسي بجيٽ نه، جنهن کي اپوزيشن پارٽيون ”مالياتي بجيٽ“ دوران سرڪار مٿان طنز ڀريون تنقيدون ڪندي چونديون آهن ته اها ”سياسي بجيٽ“ آهي.
دراصل ”سياسي بجيٽ“ جي وصف کي مخالف ڌُرين مُنجهائي وڌو آهي. جرمني جي چانسلر ”اوٽو وون بسمارڪ“ جيڪو دراصل پروشيائي هو. جنهن آسٽريا کانسواءِ جرمني جي ڪيترين ئي رياستن کي پنهنجي سياسي حڪمت عملين جي ذريعي متحد ڪري، جرمني شهنشاهيت کي پروشيائي قيادت جي ڪنٽرول هيٺ رکيو هو. تنهن سياسي بجيٽ کي ”سياسي تصور“ قرار ڏنو هو. اهڙو تصور جيڪو سماجن ۾ ناممڪن تبديلي کي ممڪن بڻائي سگهي.
تنهن ڪري نئين سال ۾ سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون جيڪي سنڌ کي نظرين ۽ عقيدن کان مٿانهون سمجهن ٿيون. سي نئين سال ۾ نئين سنڌ تعمير ڪرڻ لاءِ پنهنجا سياسي تصور واضع رکن. اُها سياسي بجيٽ پنهنجي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين کي عوام اڳيان رکي پيش ڪرڻ گهرجي. جيئن گُذريل سال ۾ سياسي خساري کي جرئت سان پيش ڪري، ۽ ايندڙ سالن ۾ اهڙي خساري مان نڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙي سگهجي.
ان ۾ ڪا اچرج جهڙي ڳالهه ناهي ته مايوسيون، ناڪاميون ۽ نا اُميديون انساني دلين کي ڪمزور به ڪنديون آهن. اها فطري ڳالهه آهي. پر اُنهن ناڪامين ۽ نااُميدين کي مضبوط طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سان سماجن ۾ سياسي سگهه پئدا ٿي پوندي آهي. حقيقت جي دُنيا جا پردا هٽائڻ سان ان ڳالهه جا ڳُجهه به ڳولي لهڻ ۾ سولائي ٿيندي ته دراصل سياسي محرومين سبب سماج ڪمزور ٿيندا آهن. اُنهن جون اوليتون تبديل ٿينديون آهن. پر جيستائين سنڌي سماج جي بنيادي سياسي مسئلن کي سمجهي نه سگهبو. تيستائين اُن جو علاج ممڪن بڻجي نه سگهندو. سياسي پارٽين کي عوام سان جُڙڻ لاءِ پنهنجون اوليتون سنڌي قوم جي بنيادي سياسي مسئلن سان سلهاڙڻيون پونديون. جيئن هر نئون سال گُذريل سال وانگر گهڙيال جي ڪانٽن سان گڏ روايتي طرح ۽ بي معنى گُذري نه سگهي.
طويل سياسي جدوجهد جي باوجود به سنڌ جا مسئلا ”ڍڳو پير پيران“ وانگر حل پاسي وڌن ئي نٿا. اهڙي مايوسيءَ جي ٻوڙيندڙ ڪيفيت ۾ ڪا آس هٿ پڪڙي وٺي ٿي ته سنڌ جي اکين ۾ تري آيل سمنڊ جي پاڻيءَ جهڙا نمڪين ڳوڙها ضرور سُڪندا. خوشين کان نظر انداز ٿيل چپن تي ٻيهر نئين ترنگ سان مُسڪراهٽون موٽي اينديون. اُداس دليون نئين ترنگ ۽ نئين ڌُن سان ڌڙڪڻ لڳنديون. جيڪي ورهين کان وسامي ويل شمع وانگر اُجهامي رهيون هُيون. سنڌ کي سياسي پارٽين کان اهڙي اُميد جو آسرو آهي. جيڪا اُميد ڪنهن انگريزي شاعر جي انهن سِٽن وانگر ئي سمجهڻ گهرجي ته: ”زندگي اُميد آهي، ڇا اها اُميد ناهي ته اُهو ساهه جيڪو مان ٻاهر ڪڍان ٿو. واپس مون ڏانهن موٽي ايندو؟، جيڪڏهن مونکي اها اُميد نه هُجي ها ته مان پنهنجو ساهه پنهنجي چپن تان ڇو اُڏاريان ها!؟“
سنڌ به هر نئين سال سان گڏ اُميد جي آڱر پڪڙي هلڻ لڳي ٿي. ايندڙ سال جي وقت جون آڱريون سنڌ لاءِ پُراڻن خوابن تي نين تعبيرن جا ڀرت ڀرينديون. ڪهڙي ليڊر ڪهڙي سياسي بي وفائي ڪئي؟ اُن کي ”سياسي بجيٽ“ جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ڪوڙن آسرن ۽ دلفريب دلاسن سان ڪنهن ڪنهن پنهنجي ووٽن وٺڻ جو انگ وڌائي، کٽي وڃڻ کان پوءِ پوئتي ڪنڌ ڦيرائي به نه ڏٺو ته اُنهن علائقن ۾ رهندڙ انساني آباديون ڪهڙي حال ۾ آهن؟ سنڌ جي سمورن شهرن جو جائزو وٺي ڏسو ته هر گهٽيءَ ۾ گٽر وات کولي ويٺل آهن. جيڪي روزانو راند ڪندڙ معصومن کي ڳڙڪائيندا رهن ٿا. اسان جو پورو نسل اُنهن گٽرن سان وڙهي وڏو ٿئي ٿو. پر اُنهن شهرن جون بجيٽون خُدائي کاتو سمجهي کاڌيون وڃن ٿيون. ڪنهن به ترقياتي ڪم جي بجيٽ ڪم مڪمل ٿيڻ کان پهرين پوري ٿي وڃي ٿي. نوان ٽينڊر پاس ٿين ٿا. ائين سٻاجهي سنڌ جا ماڻهو وقت جون سختيون سهندا رهن ٿا ۽ جيئندا رهن ٿا.
اسان جي تعليم جنهن جو ڪو به پاسو کڻو. هر پاسو ڪمزور آهي. سنڌ جي تعليم اهڙي ڀُريل ۽ ڪمزور ٻيڙي آهي، جيڪا مُقابلي جي هلڪي هوا جي سَٽ به سهي سگهڻ جي حالت ۾ ناهي رهي. جيڪڏهن سنڌ جون سياسي پارٽيون پنهنجي ”سياسي بجيٽ“ جي پلاننگ ڪن ۽ نئين سال ۾ سماجي شعبي ۾ ترقيءَ جا ڪم ڪن. ۽ سماج کي ترقي پسند نُقطهءِ نظر سان اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪن ۽ پيار سان پورهيو ڪن ته سنڌ جي ماڻهن جي ڳلن جا ڳوڙها خُشڪ ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي چپن تي صدين کان ويٺل سرد آهون ختم ٿي سگهن ٿيون. سياسي ۽ سماجي ڳانڍاپي سان سنڌ ۾ پکڙيل قبائلي تڪرارن جي باهه مٿان به امن جي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي وسائي سگهجي ٿو ۽ نفرتن جي کڙي ڪيل ديوار ۾ ڏار وجهي سگهجن ٿا. صحيح ۽ حقيقي سياسي اڳواڻ مُستقبل جي نسلن جي آجپي جي جنگ وڙهندا آهن. سياست کي ڪاروبار سمجهندڙ ماڻهو وقتي ووٽ جي حاصلات تائين محدود هوندا آهن. نئون سال سياسي اڳواڻن جي ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪرڻ جو سال هُئڻ گهُرجي. جتي اهو طئي ٿيڻ گُهرجي ته سنڌ کي سياسي يتيميءَ مان ڪڍڻ لاءِ سڙي ويل سمورن سالن جا نتيجا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ ڪيئن سنڌ جي ڪنفيوزڊ (مُنجهيل) سماج کي مسئلن جي محور مان ڪڍي دُنيا جي مثالي سماجي حالتن جي مدِ مقابل بيهاري سگهجي ٿو؟ انتها پسندي ڏانهن وڌندڙ سنڌي سماج کي لبرل سوچ جي ڪُشادين گهٽين ۾ گُهمائي، فرقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي سنڌ جي تصوف جي فڪري سوچ پاسي مائل ڪري سگهجي. نئين سال ۾ پارٽيون پنهنجي سياسي فلسفي جي بجيٽ ۾ اُهي اهم نُڪتا به شامل ڪري سگهن ٿيون ته معاشي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن مٿان قابض قوتن جي هٿن کي ڪيئن ڪمزور ڪري، نئين سال ۾ اُن جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سياسي بجيٽ دراصل پنهنجي سموري سياسي ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي هُئڻ گهرجي. جيڪي سرڪاري پارٽيون پيش ڪري نٿيون سگهن. سرڪاري سياسي پارٽين جي وس ۾ ته رُڳو اهڙي ڪمزور مالياتي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ ئي هوندي آهي. جيڪا بجيٽ ايندڙ ڪيترن سالن تائين عوام جي هڏن تي بچيل ماس به روڙي وٺندي آهي. پر سياسي بجيٽ اُهي سياسي پارٽيون پيش ڪري سگهن ٿيون جن جا جوڳَ، عوامي جذبي ۽ سياسي سچائي ۽ ارادي جي پُختگيءَ سان سرشار هوندا آهن. برٽرينڊ رسل چيو هو ته: ” دنيا سان اها وڏي ٽريجڊي آهي ته: ”احمق مڪمل اعتماد سان آهن ۽ عقلمند شڪي مزاج بڻيل آهن.“ پاڻ ۾سياسي پُختگي ۽ عوام ۽ قيادت جي وچ ۾ اعتماد وارو رِشتو ۽ سچائي بحال تڏهن ٿيندي. جڏهن عملي سياسي حڪمت عملي جوڙي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
سنڌ لاءِ هر ويندڙ ۽ ايندڙ سال آخر ساڳيا ڇو آهن؟ ڇو ايندڙ سال جي پُڄاڻي اسان جي پيشانيءَ تي پشيمانيءَ جون ريکائون ڇڏي گُذري وڃي ٿي؟ سنڌ کي عجيب و غريب روحاني انقلاب نٿا گُهرجن. سنڌ کي فقط پُختي سياسي تبديليءَ جي ضرورت آهي. جنهن جي انتظار ۾ ڪيترائي سال ٻري ۽ اُجهامي ويا آهن. ڇا سنڌ هن سال اها اُميد رکي سگهي ٿي ته سنڌ جون سياسي پارٽيون پنهنجي پليٽ فارمن تان عوام اڳيان ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪنديون.؟ جيڪا بجيٽ گُذريل سمورن سالن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ٺاهي ويندي. سنڌ جا ته سوين مسئلا آهن. پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين سنڌ جن به مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. سا لسٽ پنجن سالن جي ٻارڙن کي به ياد ٿي چُڪي آهي. پر هن نئين سال جي گِهٽين ۾ گهڙڻ کان پهرين اهو سوچڻ به گُهرجي ته هاڻ سنڌ جو مسئلو فقط هڪ ئي بچيو آهي. سنڌ ۾ سموريون پارٽيون هن نئين سال ۾ ان مسئلي تي غور ڪن. تفصيلي لسٽ ته رٽجي ياد ٿي چُڪي آهي. سنڌ سان ويساهه گهاتين جا اڇا ڪارا چٺا ته هاڻ اسان جي ٻارڙن کي به ياد ٿي چُڪا آهن. پر هاڻ سنڌ جو فقط هڪڙو ئي مسئلو آهي. جنهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. نئين سال ۾ ان مسئلي تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو هڪ ئي اهم مسئلو آهي. جيڪو مسئلو ئي اهو آهي ته سنڌ جو ڪو مسئلو حل ئي نٿو ٿئي.!!!