پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچستان معاملو...
اُهي ڪهڙا ڳُجها هٿ هُئا جيڪي هن مُلڪ جي لبرل سوچ، قومن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل ٿيندڙ قومن واري حيثيت جا انڪاري هُئا. جن نه پئي چاهيو ته محمد علي جناح جي تصور وارو پاڪستان زندهه رهي سگهي. جن قطعي به قومن جي خودمختياريءَ واري سوال کي هميشه اُلجهائي، جناح جي پاڪستان واري تصور کي ماري اسلامي نظرياتي مُلڪ جي حيثيت برقرار رکڻ پئي چاهي.
جمهوريت دُشمن قوتون هن مُلڪ جي اڇي ڪاري جون مالڪ ٿيڻ لاءِ قومن جي بنيادي انساني حقن ۽ برابريءَ جون شروعات کان ئي مخالف رهيون آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ڀاءُ جي وڇوڙي کان پوءِ عملي سياست کان پري رهندڙ فاطمه جناح کي 2 جنوري 1965 جي صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان جي مقابلي ۾ ڳري اُميدوار طور آڻڻ لاءِ جمهوريت پسند قوتن شهيد حسين سهرورديءَ جي گهر ۾ گڏجاڻي ڪري، هڪ ڊڪٽيٽر اڳيان، اُميدوار طور بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا مولانا ڀاشانيءَ جي اسرار تي آخرڪار راضي ٿي هُئي. جنهن کي جمهوريت مخالف قوتن ئي بُري طريقي سان ڌانڌلين ذريعي ايوب هٿان شڪست ڏياري هُئي.
جمهوريت دُشمن قوتن ڪڏهن به ناهي چاهيو ته پاڪستان اندر قومن جي بنيادي حقن کي تسليم ڪري انهن جي مُعاشي وسيلن جي صحيح معنى ۾ ورهاست ٿي سگهي. جمهوريت مخالف قوتن جي دُشمنيءَ جا معيار ۽ ماپا مُلڪي وسيلن کي اک ۾ رکندڙ دُشمن قوتن کي ڌوڪو ڏئي وسيلن کي بچائڻ بجاءِ هن مُلڪ کي هميشه عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ کي مُلڪ دُشمني پئي سمجهيو آهي. انهن وفاق جي نالي تي قومن جي بنيادي حقن کي پنهنجي بوٽن هيٺان لتاڙڻ کي اعزاز سمجهي هميشه اُهي عمل ڪيا آهن. جيڪي هن مُلڪ کي ڪنهن صبح پاسي وٺي وڃڻ بجاءِ رات جي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان جي 162 سيٽن مان عوامي ليگ 160 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ فقط 87 سيٽون حاصل ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هُئي. اُن وقت به جمهوريت دُشمن قوتن پاور شيئر جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ جو ارادو ڪيو هو. جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ جو حق شيخ مجيب جو هو. اُنهن ئي سازشي هٿن ڀُٽي جي پُٺي ٺپي کيس ميدان ۾ لاهي بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪري ڀُٽي کي وزيرِاعظم بڻايو هو. اُن حساب سان ڏٺو وڃي ته ڀُٽو جمهوريت جو علمبردار نه هو پر اسٽيبلشمينٽ هٿن ۾ اهڙو رانديڪو بڻيل هو. جيڪو جمهوريت جو نامِ نهاد راڳ الاپي عوامي اڳواڻ جي نالي تي خود جاگيرداريت جو حامي هو. جنهن جي ڀڙڪيدار تقريرن بنگالين جي احساسن سان کيڏڻ شروع ڪيو هو. 18 فيبروري 1970ع ۾ مينارِ پاڪستان تان ڀُٽي جي اُها ڀڙڪيدار تقرير اڄ به رڪارڊ تي آهي. جنهن ۾ هُن چيو هو ته ”جنهن به اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي ڳالهه ڪئي ته مان اُن جون ٽنگون ٽوڙي ڇڏيندس” ۽ پوءِ ڀُٽي نه رُڳو مِلٽري اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل ڪري ورتو هو. پر اُنهن ئي هٿن ڀُٽي کي نئين برانڊ سان هن مُلڪ جو اقتدار سونپيو هو. شيخ مجيب جي 6 نُڪاتي ايجندا تي ويچارڻ بجاءِ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي پهرين ٻن نُقطن کانسواءِ باقي چئن نُقطن مان بغاوت جي بوءِ اچڻ لڳي هُئي. عوامي ليگ جي انهن 06 نُقطن تي بحث ڪرڻ لاءِ عوامي ليگ کي انتظار جي ڌوڪي ۾ رکي. بنگلاديش جي سِڻيءَ جا سَلا ساڙڻ جا سانباها شروع ٿي ويا هُئا ۽ هڪ هڪ ڏينهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ بنگالين کي بيهاري پنهنجا نشانا سُڌارڻ جي پريڪٽس ٿيندي رهي ۽ سانورن سينن ۾ سنگينون کوڙيون ويون. سرچ لائيٽ آپريشن ۾ 30 لک بنگالين جي رت جي عيوض بنگال مان جمهوريت دُشمن قوتن آخرڪار گوڏا کوڙيا ۽ اوڀر پاڪستان غير جمهوري قوتن جي غلطين ۽ پنهنجي ئي مُلڪي عوام کي ڌوڪي ڏيڻ جي نتيجي ۾ آزاد مُلڪ بنگلاديش جي صورت ۾ سامهون آيو. پاڪستان آرمي چٽاگانگ ۾ پاڪستاني فوج جي اڳواڻ جنرل نيازيءَ ڀارت جي فوجي اڳواڻ جنرل اروڙا جي پيرن تي پئي سرينڊر ڪري ڇڏيو. پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪيل غلطين تي پڇتاءَ ڪرڻ جي بجاءِ ۽ انهن غلطين مان سکڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ رهيل پاڪستان ۾ لڳاتار پنهنجي جُنوني طاقت جي مظاهري کي برقرار رکندي، پنهنجي بندوقن جا رُخ اُن پاسي موڙي ڇڏيا. جيڪو پاڪستان جو بيحد پٺتي پيل ۽ زندگيءَ جي تمام تر سهولتن جي اڻهوند جو شڪار صوبو بلوچستان هو. 1973ع واري بلوچستان آپريشن جي ابتدا به اسٽيبلشمينٽ هٿان ڀُٽي کي استعمال ڪري جنرل ٽڪا خان جي سربراهيءَ ۾ بلوچن کي سبق سيکارڻ هو. پنهنجي ئي مُلڪ جي عوام مٿان فوجي طاقت جي استعمال جا نتيجا اهڙا اُگرا نڪتا جو باغي بلوچ مسلسل هن رياست جي پاڇي ۾ پناهه وٺي رهڻ بجاءِ موت کي وڌيڪ ترجيع ڏيندا رهيا. اُن کان اڳ 1959ع ۾ بلوچستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ، ناراض بلوچن کي پهاڙن تان پاڪ ڪتابن جا واسطا ڏئي هيٺ لاٿو ويو هو پر ڳالهين بجاءِ، کين حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪرڻ کان پوءِ ڦاسيون ڏنيون ويون هُيون اُن وقت به بلوچ مزاحمت تحريڪ ڌوڪي جو شڪار بڻجي وئي هُئي. جنهن جو پاڪستان جي حڪمرانن تان اعتماد کڄي ويو هو. 90 سالن جي ”نوروز خان“ کي قيد کان پوءِ ڦاسي ڏيڻ سان بلوچن کي ڳالهين لاءِ آمادهه ڪرڻ واري وٿي به حڪمرانن پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي. اُها ڌار ڳالهه آهي ته باوجود ايترن، مفاصلن جي بلوچ قيادت سياسي مصلحتن کان ڪم وٺندي، وري به ڳالهين جي آڇ کي دل سان قبول ڪندي رهي. اُن کان پوءِ اڪثر بلوچ اڳواڻ اسيمبلين ۾ اعتماد رکي وفاق کان پنهنجي جائز حقن جي گُهر ڪندا رهيا. ان حد تائين جو بلوچستان جي باهه کي ڳالهين جي ٿڌي پاڻيءَ سان وسائي سگهجي ها. پر ڊاڪٽر شازيه خالد واري ڪيس جا پيرا جڏهن مُلڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ قوتن تائين پهتا ۽ نواب اڪبر بُگٽي اهڙي ڪيس تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ ساڳئي انداز سان ڳالهين جي سُئيءَ کي سورڻ لاءِ مسلم ليگ(ق) جي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين معرفت معاملا نبيرڻ لاءِ پيشرفت ڪئي، جيڪا گهڻي زور بار کان پوءِ به ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ نواب اڪبر بُگٽي جيڪو سڄي زندگي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد هيٺ رهيو. تنهن نه رُڳو بلوچستان جي مُڪمل قومي خودمختياريءَ جو مطالبو ڪيو پر مطالبي پوري نه ٿيڻ سبب ساٿين سميت 2005ع جي آخر ۾ پهاڙن پاسي هليو ويو. جتان هُن بلوچستان جي مُڪمل آزاديءَ جي گُهر ڪئي. ساڳئي انداز ۾ هڪ فوجي ڊڪٽيٽر مُشرف پاران اهو به بيان به جاري ڪيو ويو ته ”هي ستر جو ڏهاڪو ناهي پر هي 2006ع آهي. بلوچن کي خبر ئي نه پوندي ته مٿن حملو ڪٿان کان ٿيو آهي.“ جيتوڻيڪ بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ سردار نواب اڪبر بُگٽيءَ کان پهرين فقط بالاچ خان ۽ اُن جي ساٿين جي هٿ ۾ هُئي. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين لاءِ تيار نه هُئا. پر جڏهن سردار نواب اڪبر بُگٽي خود به پهاڙن جو پنڌ ورتو ته بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ وڌيڪ مُنظم ۽ متحرڪ ٿي وئي. جيتوڻيڪ 2006 ع ۾ نواب اڪبر بُگٽيءَ کي پاڪستان آرميءَ جي آپريشن ۾ ماريو ويو ۽ اُن جا ڪيترائي ٻيا ساٿي شهيد ٿي ويا پر باوجود اُن جي سردار خيربخش مريءَ جي پُٽ بالاچ خان اُن تحريڪ جي سرواڻي ڪرڻ شروع ڪئي. پر2007ع ۾ بالاچ خان جي شهادت کان پوءِ اهو عام تاثر اُڀريو ته بلوچ مزاحمتي تحريڪ هاڻ ڪمزور ٿي چُڪي آهي يا ڪنهن قدر ختم ٿي چُڪي آهي. اهو تاثر تڏهن غلط ثابت ٿيو جڏهن برهمداغ بُگٽيءَ جا انٽرويو ۽ بيان ميڊيا تي اچڻ لڳا. جنهن سوئزرلينڊ ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته: ”هاڻ بلوچستان معاملي تي ڳالهيون فقط هڪ ايجنڊا تي ٿينديون. ”ون پوائنٽ ايجنڊا“ جيڪا بلوچن جي آزاديءَ جي هوندي.“ جيتوڻيڪ برهمداغ جي بيانن، انٽرويوز ۽ سردار خيربخش مري جي بيانن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بلوچن جو ناراض نسل ڪيترو اڳتي نڪري چُڪو آهي؟ بظاهر بلوچستان معاملو ايترو سنگين بڻجي ويو آهي، جنهن تي مسلم ليگ (ن) تيستائين ڪجهه به ڪري نه سگهندي جيستائين قانون نافذ ڪندڙ ادارن طرفان گُمشدگين جو سلسلو ختم نه ٿيندو ۽ گُم ٿيل بلوچن جي واپسيءَ جا رستا صاف نه ٿيندا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊاڪٽر مالڪ بلوچ سياسي ساڃاهه رکندڙ شخصيت آهي. پر سياسي ساڃاهه جي رستي تي پوکيل انيڪ ڪنڊن وارا رستا صاف ڪرڻ جي وٽس طاقت به آهي يا نه؟ اهو خود هڪ وڏو سوال آهي. جيڪو اڪثر سياسي تجزيي نگارن جي ذهنن ۾ گردش ڪندو رهي ٿو.ڇاڪاڻ ته قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن مٿان سپريم ڪورٽ به ڪيترائي نوٽيس ڪڍي چُڪي آهي. پر گُم ٿيل بلوچن جو معاملو ايترو اُلجهي ويو آهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ مسلسل سخت ٻولي استعمال ڪندي رهي، پر معاملو سُلجهڻ بجاءِ اُلجهندو ئي رهيو آهي. هن وقت مسلم ليگ (ن) معاملي کي سُلجهائڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿي؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو. پر گُذريل چئن ڏهاڪن کان هلندڙ ويڙهه ۾ بلوچن کي سياسي رستي ڏيکارڻ جي آڙ ۾ هميشه ڌوڪا مليا آهن. هن ڀيري جڏهن مسلم ليگ (ن) اهڙو ڏکيو معاملو هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ هُن وٽ ڪيترائي آپشنس به موجود هُئا. پر جيڪڏهن بلوچ باغين سان ڳالهين لاءِ پهرين پيشرفت ٿيڻ لاءِ گُم ٿيل ماڻهن جا معاملا نٿا سُلجهايا وڃن ۽ کين پهاڙن تان واپسيءَ جا رستا ڪليئر ٿي نٿا ملن، تيستائين بلوچستان جي باهه وسائڻ نواز ليگ جي وس جي ڳالهه نظر نٿي اچي.
شاگرد سياست کان وٺي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه تائين جي سياسي سفر ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ بلوچستان جا مختلف دور ڏٺا آهن. اُن کي ان ڳالهه جو اندازو يقينن هوندو ته بلوچستان جون حالتون ڪنهن تڪڙي معاشي پئڪيج سان سلهاڙيل ناهن جو جلد سُلجهائي سگهجن. معاشي پئڪيجن تي پيشرفت تڏهن ٿي سگهندي آهي. جڏهن ماڻهو نفسياتي خوف واري الميي مان نڪرندا آهن. بلوچستان جا ڪُلها لاش ڍوئي ڍوئي ساڻا ٿي پيا آهن. لاشن جو اُهو سلسلو رُڪجڻ کان پوءِ ئي بلوچستان معاملي جو سياسي ۽ معاشي حل تلاش ٿي سگهندو. ٻي صورت ۾ معاشي پئڪيج ۽ ترقياتي رٿائن وارا قدم بلوچستان مسئلي جو حل ناهن. سڀ کان وڏو حل هزارن جي تعداد ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي واپسيءَ جي معاملي سان سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن اُن معاملي کي نظرانداز ڪري ترقياتي رٿائن، معاشي پئڪيجز جا اعلان ڪيا ويا ته، بلوچستان جو مسئلو وڌيڪ اُلجهي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن مُلڪ جي اندر ڪجهه اهڙيون قوتون به آهن جيڪي، ڪنهن به طرح نٿيون چاهن ته معاملا ڳالهين جي ذريعي ۽ سياسي طريقن جي رستي حل ٿي سگهن. پاڪستان اندر قومي سوال جي تضادن کي سمجهڻ ۽ قومن جي حقِ خوداراديت واري سوال جي لتاڙ جهڙي طرح هن مُلڪ ۾ ٿيندي رهي آهي. اهڙو مثال ڪٿي به نه ملندو. گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين جي سياسي تاريخ ته اهڙن وڏن المين ۽ حادثن جو مجموعو نظر اچي رهي آهي.