ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

سياسي زوال، سماج جي بگاڙ جو ڪارڻ بڻجي ٿو...

مون پنهنجي گُذريل مضمون ۾ سياست اندر ڪرائيم جو ڪاهي پوڻ تي تفصيلي بحث ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سياست ڏوهن جي مضبوط پناهگاهن ۾ تبديل ٿي چُڪي آهي. هاڻ ته حالتون اهڙو رُخ اختيار ڪري چُڪيون آهن جو ڪي ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر به پنهنجي آدرشي دوستن اڳيان پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪندي اهڙو اعتراف ڪندي نظر اچن ٿا ته ”کين خبر ئي نٿي پوي ته سياست جو سرحدون ڪٿان کان شروع ٿين ٿيون ۽ ڏوهن جي دنيا جا دروازا ڪٿي بند ٿين ٿا؟؟؟“ اڪثر پارٽي ورڪر ٿاڻن جي حد بندين وارا بورڊ سفيد رنگن جي ذريعي مِٽائي پنهنجي سياسي اڳواڻن جي شان ۾ لکيل سلوگن يا پنهنجي قائد جا قول لکي ٿاڻن جون حد بنديون ئي مِٽائي ڇڏين ٿا. اُتي ڏوهن جي هنجهه ۾ هلي ويل سياست هن سماج کي تبديليءَ طرف وٺي وڃي اُن ڳالهه جا پري تائين به امڪان نظر نٿا اچن.
هن مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي سياست کي ڏوهن جي دنيا ۾ ڌِڪي ڇڏڻ وارين سازشن جي شروعات ٿي وئي هُئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڏوهه ۽ سياست گڏ گڏ هلڻ لڳا. هن مُلڪ جي سموري سياسي خمير ۾ هاڻ ڏوهه مڪمل مافيا بڻجي ڪاهي پيو آهي. واعده خلافي جنهن مُلڪ ۾ سياسي ڊپلوميسي جو حصو بڻجي وڃي اتي عوامي راءِ جي احترام ڪرڻ وارا راڳ هاڻ خواب بڻجندا پيا وڃن. چون ٿا ته جڏهن آمريڪا ۾ شهري آزادين جو اعلان ٿيو هو ته هڪ ماڻهو پنهنجي آڱرين سان لٺ ڦيرائيندي ”جمهوريت جو راڳ“ الاپيندو وڃي رهيو هو ته ٻئي واٽهڙو جي نڪ سان اُن جي لٺ ٽڪرائجي وئي ۽ هن جوابي ڪارروائي ڪندي اُن جي چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ هو هيٺ ڪِري پيو. هُن اُتان ئي رڙ ڪندي چيو ته ” اڙي جاهل انسان! توکي خبر ناهي ته هاڻ آمريڪا آزاد ٿي چُڪو آهي ۽ هڪ آزاد آمريڪي حيثيت سان مونکي پورو پورو حق پهچي ٿو ته مان سرِعام پنهنجي لٺ سان کيڏندي پنهنجي مرضيءَ جو گيت ڳايان...“ اُن جي جواب ۾ ٿڦڙ هڻندڙ همراهه کيس چيو ته ”تون پنهنجي لٺ سان ڀلي کيڏندو رهه... پر تنهنجي لٺ جي حد منهنجي نڪ کان پري هجڻ گهرجي. ڇو ته جتان منهنجو نڪ شروع ٿئي ٿو اُتان کان منهنجي آزاديءَ جي حد شروع ٿئي ٿي.“ اسان جو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته سياست جي لٺ هميشه قانون جي نڪ سان ٽڪرائجندي رهي آهي. نتيجي ۾ سُٺا پوليس آفيسر به ڪرپٽ ڪلچر جو حصو ٿي وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ دنيا جي سياست ۾ وقت سان گڏوگڏ سُٺين روايتن کي اوليت ڏني ويندي آهي. پر اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اُتي سياست ۾ منفي ماحول جا رستا ايترا ڪشادا ڪيا وڃن ٿا، جو جيڪڏهن ڪو محقق مُلڪي سياست جي زوال تي تحقيق ڪرڻ جي ابتدا جو عزم ڪري ته ان جي تحقيق واري تحرير انهن لفظن کانسواءِ مڪمل ٿي نه سگهندي ته ”سڀ سياسي پارٽيون ناجائز آمدنيءَ جي آڌار تي پنهنجي ذاتي سيڙپڪاريءَ کي مُلڪي ۽ غير مُلڪي سطع تي ان حد تائين هٿي ڏئي رهيون آهن. جو اُتي گناهن جي وهندڙ گنگا جي ميري پاڻيءَ سان اُجرا ۽ شفاف تعارف وارا فرد به ڦاٿل آهن. جن جا دامن به سلامت رهي ناهن سگهيا. ڪنهن آمريڪي ليکڪ لکيو هو ته ”گن کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ حملو گولڊ سان ٿيندو آهي.“ اڄ اهڙيون پاليسيون پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو بڻجي رهيون آهن، جنهن سان گوليون ضايع ڪرڻ بجاءِ سرمايي ۽ لالچن سان لابنگ ٿئي ٿي ۽ سرمايي سان فتح ڪيل سياسي اڳواڻ عوام سان ڪيل واعدا وساري ويهن ٿا.
هن وقت سڀ کان سستي منڊي سياست جي آهي، جتي چند اصولن واريون روايتون به رهي ناهن سگهيون. جنهن سبب سياسي ادارن جي تباهي ۽ تنزل جا رستا هن سموري معاشري کي ڪنهن اهڙي اوڙاهه پاسي ڌڪي رهيا آهن جتي هن سماج جي اوسر جا امڪان ئي نظر نٿا اچن. اقتدار جا خواب عوامي ڀلائي، سماجي ترقي، قومي خودمختياري يا سُٺي حڪمرانيءَ بجاءِ، پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي حاصلات لاءِ ڏٺا وڃن ٿا. مسلسل ادارن جي تباهي ۽ تنزل ڏسندي، عوام هاڻ هنن حڪمرانن مان نئين سماج جي اڏاوت واريون اميدون وابسته رکڻ ڇڏي ڏنيون آهن. جتي سياست مفاهمت جي مُڏين ڪاتين سان ڌرتيءَ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ اهڙا آرڊيننس آڻيندي هجي، جنهن سان ڌرتي ڌڻي قومي غلاميءَ وارن احساسن جي ور چڙهي وڃن. جتي نئين آئين سازيءَ جي ذريعي سنڌ کپائڻ جا سودا ٿيندا هُجن ڇا اهڙي حڪمرانيءَ مان اها توقع رکي سگهجي ٿي ته پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي نشي ۾ ڌُتُ، هي حڪمران عوام کي بهتر مستقبل ڏئي سگهن ٿا؟
هن وقت سڄي سنڌ جو ساهه سُڪل آهي، احتجاجن ۽ ميڙاڪن جو اڻکٽ سلسلو آهي، ميڊيا جي اک هر لمحي کي پنهنجي ڪئمرائن ۾ محفوظ ڪري رهي آهي. اديبن صدارتي ايوارڊ وٺڻ ڇڏي ڏنا آهن، سڄي سنڌ پيپلز پارٽيءَ کي هر ضلعي ۽ تعلقي تي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي. جن ماڻهن جي ووٽن سان پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا 5 سال پورا ڪرڻ وارا آهن. انهن جي ووٽن جي توهين ڪري اهڙو آرڊيننس آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سان فقط شهري جماعت کان سواءِ ڪا به پارٽي خوش ناهي. اقتدار خاطر سنڌ کي آرڊيننس جي باهه ۾ اڇلائڻ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جون سُرخ اکيون نظر نٿيون اچن؟ سنڌ اڃان ته اُن مهل جي منتظر آهي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا پنهنجي تڪن ۾ ويندا ۽ ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ ورڪ ڪندا. هاڻي واري صورتحال ته اهڙي آهي جو پيپلز پارٽيءَ کي مستقبل قريب ۾ اهڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. جيڪا مزاحمت هنن پُرامن ۽ اٻوجهه ماڻهن ضياءَ خلاف ڪئي هُئي. سنڌ اهو سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي فقط پنهنجي اقتدار خاطر اهڙي آرڊيننس کي آندو آهي. جنهن سان سنڌي ماڻهن جي شهرن ۾ داخلا بند ٿي سگهندي. جڏهن سنڌي ماڻهن لاءِ اهڙا بِل ۽ قانون ٺاهي انهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي ته ڇا اُهي پيپلزپارٽيءَ کان اهو به پُڇڻ جو حق نٿا رکن ته هنن پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث ٿي رهڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ نه ڏنا هئا نه ئي ان لاءِ ووٽ ڏنا هئا ته کين ڪفن ڪارڊ جهڙين ننڍڙين لالچن ۾ ريجهائي سنڌ وطن لاءِ اُهڙي آرڊيننس کي آڻين جنهن سان سموري سنڌ احساسِ محروميءَ جي باهه ۾ سڙندي رهي.
هي سنڌ جيڪا تصوف جي اُجري اجرڪ وانگر آهي. تنهن ڳڙهي خدابخش سان پنهنجي جذباتي وابستگي جوڙڻ ۾ ڪنهن ڪيلڪيوليٽر جو سهارو ناهي ورتو نه ئي ووٽ جي بدلي ۾ هنن حڪمرانن سان وڏيون اميدون وابسته ڪيون آهن. هنن ماڻهن ڀُٽي کي سنڌي سمجهي ووٽ ڏنو. بينظير کي سنڌ جي مظلوم نياڻي سمجهي اقتدار تائين پهچايو ۽ کيس خراجِ تحسين لاءِ ”شهيد راڻيءَ“ جو لقب ڏئي ڇڏيو ۽ ان شهيد راڻيءَ جي ڏک ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو. پر جڏهن سنڌ وطن جي وحدت جو سوال اُٿيو آهي ته اهو سمجهڻ گُهرجي ته سنڌ جي ماڻهن ماڻهن لاءِ وطن کان مٿي ڪا به شخصيت ناهي. سنڌ کان مٿي نه ڀُٽو آهي نه ئي شهيد راڻي آهي جنهن جي نالي کي پيپلزپارٽيءَ وارا ڪارڊ طور استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ سنڌي ماڻهن کي جذباتي نعريبازين ۾ اُلجهائي اقتدار حاصل ڪري پوءِ کين ڏينهن جا تارا ڏيکاريندا رهن ٿا.
وطن جي عظمت جون انڪاري قوتون هميشه پاور ۽ پئسي خاطر سياسي اصولن ۽ ضابطن کي لتاڙي وينديون آهن. جيڪي شعوري طور ناهن چاهينديون ته انهن جي پاور ۽ پئسي ۾ گهٽتائي اچي. پاور ۽ پئسي خاطر وطن کي وڪڻڻ انهن لاءِ معمولي ڳالهه هوندي آهي. تنهن ڪري سنڌ تي سياسي حملو، سنڌ جي وحدت مٿان وار سمجهيو وڃي ٿو اها ڳالهه ڀلي پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن لاءِ معمولي هجي پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي موت جي وارنٽن مٿان صحيح ڪرڻ جي برابر آهي. سنڌي ماڻهن جو اهڙو ردِعمل اُنهن قوتن ڏانهن اهو پيغام به آهي ته: جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي نعم البدل سياسي پارٽي ناهي پر عوامي سطع تي پيپلز پارٽي پنهنجي هن اقتدار واري عرصي ۾ سياسي طور تمام گهڻي ڪمزور ٿي آهي. جنهن سبب ايندڙ چونڊن ۾ پنهجي اتحادي پارٽين سان چونڊ اتحاد ڪرڻ کانسواءِ کٽي اچي سگهڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙا اتحاد ڪهڙن شرطن تي ڪيا ويندا؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو سياسي اتحادن، مفاهمتن ۽ ڳُجهن ٺاهن ذريعي اهڙا عمل ڪيا وڃن. جنهن سان سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جو اختيار چند ادارن تائين محدود ٿي وڃي.هن وقت به رستن تي نڪتل سنڌ اهو سوچي رهي آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سموري اقتدار واري عرصي ۾ سنڌ کي سواءِ محرومين ۽ مايوسين جي ڪجهه ۾ ناهي ڏنو.
هن وقت غور سان ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ساک ڪمزور ٿي آهي. سياسي دانشورن کان وٺي ٽي وي اينڪرن تائين مڪمل مايوسي ظاهر ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جو عوام شهيد بينظير ڀُٽو جي واپسيءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ واري طويل عرصي ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي واري ڏٽي جي بجاءِ مسلسل ڪوڙي آسري جي انتظار کان پوءِ اهو سمجهي ورتو آهي ته جنهن جو کين اوسيئڙو هو اها صبح اڃان گهڻو پري آهي. ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي بحيثيت پارٽيءَ جي ووٽ ملڻ جا امڪان گهٽ آهن. پر پنهنجي پُراڻين پاليسين وانگر هاڻ آصف زرداري اُهي سياسي پَتا کيڏندو جن سياسي پتن جي سهاري ماضيءَ ۾ وننگ اميدوارن جي لسٽ ٺاهي ٽڪيٽون ورهايون ويون هُيون. جنهن لاءِ سڄي سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ جوڙيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻٽي نظام ۽ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس سبب پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ٽف ٽائيم ڏيندي. جيڪا ڳالهه پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار به چڱيءَ ريت سمجهن ٿا. اهو آرڊيننس جيڪو ڪالهه تائين ڪنهن جي نظر مان نه گُذريو هو. سو هاڻ سڄي سنڌ پڙهي ۽ سمجهي ورتو آهي. سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽيءَ مان اقتدار جي عياشين خاطر مفاهمتن کان به وڌيڪ بُراين جي اُميد رکن ٿا. پارٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ جيڪي وڏيون قدرتي آفتون آيون، عوام اها توقع رکي ته مسقل بنيادن تي سندن سرڪاري سطع تي سهائتا ٿيندي، پر جڏهن کين نصيب ۾ وطن ڪارڊ جهڙو ڪفن ڪارڊ مليو. جنهن سان جيتري عوام جي سهائتا ٿي اها به سامهون آهي. جنهن نه رڳو محنت ڪش پورهيتن ۽ مزدورن ۾ پنڻ جي عادت پئدا ڪئي پر قدرتي آفتن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن جي اڪثريت هر شعبي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا. ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ معاشي طور بدحال عوام کي رليف مِلڻ بجاءِ، هر سطع تي پيپلزپارٽيءَ جي قيادت انفرادي مُفادن خاطر اجتماعي طرح عوام جي قتل جا جيڪي مثال قائم ڪيا آهن، اُن جا ماضيءَ ۾ ڪي مثال نٿا ملن. جڏهن سياسي اصول ۽ ضابطا ئي عوام مخالف عمل جو حصو ٿي وڃن ته پوءِ ملڪي معشيت جي ترقيءَ جا خواب ساڀيا ڪيئن ٿيندا؟ ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ سياست ۽ ڏوهه جو تعلق وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي ۽ عوام جي قسمت ۾ تنزل ۽ تباهي ئي لکيل هوندي آهي.
نجات ديده و دل کي گهڙي نهين آئي
چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي
(فيض)