انتهاپسندن سان نواز حُڪومت جون ڳالهيون...
اهڙي سڄي صورتحال ۾ نواز ليگ جا اڳواڻ بار بار پنهنجو موقف ورجائيندا رهيا آهن ته طالبان سان ڳالهين ۾ کين پاڪستان جي عسڪري طاقتن جي به حمايت حاصل آهي. جڏهن ته فوج جي ڪنهن به ترجمان جو واضع موقف طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين تي سامهون ناهي آيو. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خود گهرو معاملن وارو وزير چوڌري نثار خود ڪيترو با اختيار آهي؟ طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين مان معاملا ڪافي حد تائين واضح ٿي سامهون آيا آهن ته هن مُلڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادتن جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ صحافيءَ جو سياسي تجزيو ته اهو به ٻُڌائي رهيو هو ته”اسلام آباد جي ذريعن موجب سويلين حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلاف ان سطع تي پُهچي چُڪا آهن جو هاڻ معاملا ڊراپ سين تي پُهچڻ وارا آهن.“ نامياري صحافيءَ ته پنهنجي صحافتي ۽ سياسي اک سان انهن معاملن کي تمام گهڻو ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هوندو. پر جنهن ڪمزور پوزيشن ۾ طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان جي پويان ڪي بين الاقوامي سياسي معاملا به سلهاڙيل نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته 2009ع کان پاڪستان ”ڪيري لوگر بل“ ۾ پنهنجو حصو پتي اٽڪائي سگهڻ ۾ ڪامياب ويو هو ته اُن ۾ وڏو ڪردار مُشرف جو هو. جنهن آمريڪا کي اعتماد ڏيارڻ ۽ مُسلسل انتها پسند قُوتن کي بظاهر ڏنڊو ڏيکاري ”ڪيري لوگر بل“ واري خيرات پاڪستان جي کيسي ۾ وڌي هُئي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته 2009ع کان ڪيري لوگر بل هيٺ ايندڙ امداد زرداري حڪومت، خُدائي کاتو سمجهي ڪٿي پئي استعمال ڪئي؟ اُن جو ڪو به پتو ناهي. پر جڏهن 2014ع جا سياسي ِسڙهه سبجي رهيا هُئا ته عوام جي اکين ۾ اُميدن جو سج اٽڪي پيو هو. جن کي اهو آسرو هو ته شايد هن مُلڪ جي جاگيردار دل کان وري به سرمائيدار سوچ شايد عوام کي پاڻ ڀرو ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. جيڪا لاقانونيت جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري عوام جي اکين ۾ بدامنيءَ جي هاريل تيزاب کي روڪي سگهي. پر پاڪستان اندر ٻين شهرن کي ڇڏي اسلام آباد جا رهواسي ئي محفوظ ناهن. جڏهن ته غربت، تعليم، صحت ۽ بيروزگاريءَ جي انگن اکرن کي ڏسجي ته گُذريل 25 سالن جي ڀيٽ ۾ حالتون وڌيڪ بدتر صورتحال اختيار ڪري چُڪيون آهن. پر هن مُلڪ جي بااثر قوتن وٽ جيڪو ڪِشتو آهي ڀرجي ئي نٿو. اُن ڪِشتي کي ڀرڻ لاءِ ايندڙ امداد هن مُلڪ جي حڪمرانن کي ڪهڙن شرطن تي حاصل ٿئي ٿي؟ اهڙن شرطن کان عوام اڄ تائين لاتعلق بڻيل آهي. سعوديءَ جي ريالن پويان ڇا ماجرا آهي؟ آمريڪي امداد جي ڪٽوتيءَ پويان ڪهڙا سبب لڪيل آهن. ان جو اندازو ته هن مُلڪ کي هلائيندڙ هٿن کي ئي هوندو. البته طالبان سان ڳالهين وارو نواز ليگ جيڪو نئون دروازو کوليو آهي. اُن دروازي جي پويان سياسي بازيگر ڪهڙيون ڪهاڻيون لڪائي ويٺا آهن؟ اُهي ڳالهيون ته جلد ئي منظر عام تي اچي وينديون.
نواز ليگ جيتوڻيڪ پنهنجي پُراڻين پاليسين کان پاسيرو رهندي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ کان پهرين مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو اعتماد ضرور حاصل ڪندي. پر هن وقت تائين پرڏيهي معاملن کان وٺي طالبان سان ڳالهين وارن معاملن ۾ اڃان تائين اهڙي ڪا به پيشرفت نظر نٿي اچي، جنهن مان محسوس ٿي سگهي ته هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادتن جي وچ ۾ اعتماد جا پڪا رشتا قائم آهن. ڇاڪاڻ ته طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ جيڪي حُڪومتي شرط آهن، اُنهن ۾ اهو واضع طور طئي ناهي ٿيو ته طالبان مُڪمل طور هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستان کي امن جو تحفو ڏيندا. بلڪه طالبان ته وڏي ۾ وڏو ۽ اهم شرط حُڪومتي ڌُرين کان مڃائي به ورتو آهي ته هُو پنهنجي عسڪري قيدين کي جن ۾ اهم ويڙهاڪ به شامل آهن، آزاد ڪرائي وٺندا. جڏهن ته عجيب فلاسافين تي اتفاق ڪيو ويو آهي. جنگبندي جاري رکڻ جو ڇا مطلب؟ عسڪري قيدين جو ڇا مطلب؟ ڇا طالبان ڪنهن الڳ رياست جو حصو هُئا؟ جن سان ڳالهيون ان انداز سان ڪيون پيون وڃن؟ ڄڻ ٻن مُلڪن جي وچ ۾ جنگ هلندڙ هُئي. جنهن ۾ قيدين جي مٽا سٽا ۽ فائربندي تي اتفاق ڪيو ويو هُجي. اهڙن اسٽريٽجڪ معاملن ۾ مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ wait and watch واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار کي به ان ڳالهه جو اندازو هوندو ته جنهن ڪميٽيءَ کي وزيرستان جي سرحد سان ملندڙ علائقي ”ٽل“ جي هڪ ڳوٺ ڏانهن موڪلي رهيو آهي. اُها ڪيتري بااختيار آهي؟ اها ڳالهه ڪنهن به طرح نظراندازيءَ جي نشاني تي ٽِڪي نٿي سگهي ته جنگ جي شروعات اڃان هاڻ ٿيڻي آهي. قانون جي خاموشيءَ مان اهو سنيهو سمجهڻ گُهرجي ته حالتون بِگڙڻ ۾ دير نه ڪنديون. ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جي سياست مڪار مرد جو اهڙو رُوپ آهي. جنهن جي اندر جو پتو اذيت سهڻ کان پوءِ ئي پوندو آهي.
جڏهن ته آمريڪا پنهنجا پير پوئتي ڪري پنهنجي مُفادن جي جائزي وٺڻ کان پوءِ ئي امداد ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. جنهن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڪستان کي ملندڙ امداد جن بُنيادن تي پاڪستاني عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏني وئي هُئي ۽ اُنهن جي معيارِ زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان جيڪي شرط رکيا ويا هُئا. اُنهن جو استعمال صحيح ناهي ٿيو. اُن امداد ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جا کاتا کولي،عوامي نمائندن آمريڪي امداد کي انفرادي کيسن ۾ وجهي عوام جي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جو ذري جيترو به فرق ناهي آندو. بجلي ۽ توانائيءَ جي بحران تي ضابطي اچڻ بجاءِ هن حُڪومت جي دور وارا واعدا به وفا ٿي ناهن سگهيا. جڏهن ته بجليءَ جي بِلن ۾ اضافي سبب عوام بِلن جي ادائگيءَ جي سگهه به وڃائي چُڪو آهي. 2015ع تائين بين الاقوامي ادارن جي مليل امداد جي مُڪمل اسيسمينٽ ڪرڻ لاءِ طئي ٿيل اصولن جي Outcome Indicators کي ڏسڻ کان پوءِ ئي آمريڪا پاڪستان جي وڌيڪ امداد جي ڪا اڳڀرائي ڪري سگهي ٿو. پر جڏهن به آمريڪا کي اها خاطري ٿي وئي ته هاڻ پاڪستان کانسواءِ به آمريڪا پنهنجا مُفاد حاصل ڪري سگهي ٿو. تڏهن پاڪستان جي ڪِشتي جي حصي ۾ امداد جي هر سال ڪٽوتي شامل هوندي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو“ پر اڃان ته ڪم لٿو ئي ناهي ته ڊکڻ مان هٿ ڪيئن ڪڍبا؟ نواز ليگ حڪومت لاءِ آمريڪا، سعودي سرڪار، طالبان ۽ اندروني اسٽيبلشمينٽ اهڙا معاملا آهن. جن کي سياڻپ واري طريقي سان سُلجهائڻ سان ئي مصيبت جو وقت گُذري سگهي ٿو ۽ قانون جون بند پيل اکيون کُلي سگهن ٿيون.