خراب حُڪمراني ئي بدعنوان سماجن جو بُنياد آهي...
پر بُنيادي ڳالهه ئي اها آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ئي نماڻا، اٻوجهه ۽ ويسارا آهن، جو سالن تائين اسيمبلين ۽ ايوانن جي بهاني سان عوام کان مُنهن موڙي مُراقبي ۾ ويٺل چونڊيل نُمائندا رُڳو هڪ ڀيرو ئي سندن ڳوٺن پاسي هٿين خالي دم دلاسن سان ئي پُهچندا آهن ته سنڌي ماڻهو ٻيهر پنهنجون سموريون پريشانيون ڀُلائي، نئين سِر ساڻن ووٽن جا واعدا ڪري ويهندا آهن. اڄ جي جديد دور ۾ جتي ميڊيا جا مورچا مضبوط هُجن ۽ سوشل ميڊيا مُلڪن ۾ انقلابي تبديلين جو سبب بڻجي وڃي، سنڌ ۾ انفرادي آواز کي مُنظم اجتمائي آواز جي شڪل ۾ تبديل ڪرڻ اڳيان، ڪهڙيون رُڪاوٽون آهن.؟ اُن جا سبب ڪهڙا آهن؟ جو سنڌي سماج گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان اهڙي سياسي يتيميءَ جي پيرن هيٺان لتاڙبو رهيو آهي ۽ اقتدار حاصل ڪندڙ قُوتون ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائي ناهن سگهيون. اُن جا ڪجهه ڪارڻ هيٺيان آهن.
سنڌ ۾ وڏيرڪو سياسي نظام.
پڙهيل لکيل سوچ جي مٿان وڏيرڪو اثر.
پيٽي/انفرادي مُفادن خاطر اجتماعي مُفادن کان لاتعلقي.
سنڌي سماج ۾ هيٺئين طبقي تائين بدعنوانيءَ جو ڦهلاءُ.
وڏيرو هُجڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. سنڌ جون پنهنجون شاهوڪار روايتون رهيون آهن. اهڙين روايتن جي روشنيءَ ۾، ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ڪنهن مُخلص ۽ ايماندار ماڻهوءَ جي اهڙي چونڊ ڪندا هُئا. جيڪو پنهنجي مزاج ۾ مُخلص، ايماندار، حيادار ۽ سمجهدار هوندو هو. اهو ضروري نه هوندو هو ته اُن وٽ پنج سو ايڪڙ زرعي زمين به هُجي. اُهو بي زمين به ٿي سگهي ٿو. جيئن سماجي يا علائقائي معاملن کي سُلجهائڻ لاءِ مقامي سطع تي معاملن کي حل ڪري سگهجي. جيڪا ڪا بُري ڳالهه ناهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي اندر اهڙا سوين مثال موجود رهيا آهن ته اهڙن مُخلص ۽ چڱن ماڻهن جي چونڊ سان، علائقائي مسئلن کي مقامي سطع تي ئي حل ڪيو ويندو هو. پر جڏهن مادي ضرورتون وڌڻ لڳيون ۽ ماڻهن جا مزاج هر معاملي ۾ ذاتي مُفادن طرف جُهڪڻ لڳا. تڏهن وڏيرڪي تشريح به تبديل ٿيڻ لڳي. جيڪا تبديل ٿي جاگيرداريت جي جاڙي ڀيڻ وانگر بڻجي پئي. تڏهن وڏيرڪي سوچ به جاگيرادارانه ذهنيت وانگر خود مطلبيت ۽ ذاتي مُفادن جي حاصلات کانسواءِ هلي نه سگهي. جاگيرداريت جي اثرن کان مُتاثر ٿي وڏيرڪي سوچ به اُن جي ڪاربان ڪاپي بڻجي پئي. جنهن نه رُڳو سياست ۾ اچي پاور ۽ پئسي کي گڏ ڪيو. پر عوام جي اهنجن ۾ عدمِ دلچسپي رکي پنهنجي اوطاقن جا خرچ عوام جي ترقيءَ وارن فنڊن سان هلائڻ شروع ڪيا. عوام جي پئسي جو نه رُڳو ناجائز استعمال ڪيو پر اُن پئسي کي پنهنجي ذاتي اڪائونٽس ۾ مُنتقل ڪرائي، پرڏيهه ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي سوچ ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جو مُقدر بڻيل رهي آهي. پنهنجي مزاج ۾ رعب تاب جي عنصر کي شامل ڪري عوام کي پنهنجي تابع رکيو ويو.
اهڙي وڏيرڪي لاڙي جي اثرن کان مُتاثر ٿي، سنڌي سماج جو پڙهيل لکيل طبقو، جنهن وٽ سُٺي نوڪري يا هلڻ گُهمڻ لاءِ گاڏي هٿ اچي وئي آهي. يا هُن ٿورو گهڻو اثر رُسوخ پئدا ڪري ورتو آهي. اُن کي اندر مان کوٽي ڏسبو ته اُن جي اندر ۾ به هڪ خونخوار وڏيرو ويٺل هوندو. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ کي باقي خُدا جي خلق مٿان ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي پيو چِڙ کائيندو. پنهنجي اُٿڻ ويهڻ جي اصولن، آدابن ۽ روين ۾ ننڍڙو وڏيرو محسوس ٿيندو. جيڪو هن سماج ۾ پنهنجي انفرادي ڪردار ۽ عمل سان ته بدعنواني ۽ عوام سان ٿيندڙ زيادتين تي چِڙ جو اظهار ڪندو. پر جيڪڏهن کيس ڪٿي ڪنهن طريقي سان ڪو موقعو مُيسر ٿي سگهيو ته اُهو اُن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺندي هر ناجائز عمل کي جائز سمجهي نه رُڳو ڪندو، پر اُن جي عمل سان هن سماج تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي بلڪل پرواهه نه ڪندو. نتيجي طور سنڌي سماج کي اهڙي پڙهيل لکيل سوچ مان ڪو به فائدو ناهي. جيڪا پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ خود مطلب بڻيل رهي.
سنڌي سماج جي اندر عام ماڻهو مجموعي قومي مُفادن کي اوليت ڏيڻ بجاءِ پيٽي/انفرادي مُفادن ۾ اُلجهيل رهي ٿو. جيڪا فطري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهن جون بُنيادي گُذرمعاش جون ضرورتون پُوريون نه ٿينديون، جيڪا رياست جي ذميواري آهي. تڏهن ماڻهو سڀ کان پهرين اوليت پنهنجي گهر جي ضرورتن کي ڏيندا. جڏهن ڪنهن نوڪريءَ جو آسرو به کين نه هوندو ته پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جون سِرون به وڪرو ڪري، پنهنجون ضرورتون پُوريون ڪندا. جتي به اُنهن جو وس هلي سگهيو، اُتي هُو ننڍڙن ننڍڙن ۽ پيٽي مُفادن مٿان وسيع تر قومي مُفادن کي ڪُهي ڇڏين ٿا. جيڪا ڳالهه نه رُڳو انتهائي خراب حُڪمرانيءَ جو نتيجو آهي. پر سنڌ اندر ڪيترن ڏهاڪن کان شخصي لباسن جي مَٽا سَٽا سان ساڳي رهي آهي. اُهو ئي سبب آهي جو ماڻهن بدعنوان سياسي ڪلچر کي ڏسندي، پنهنجي سوچ جو سانچو به اهڙن مُفادن سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. جنهن جو سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن سان پري تائين به واسطو نظر نٿو اچي. گهڻي محنت جي بجاءِ سفارشي رُجحانن ۾ ويساهه واري سوچ وڌي آهي. هر شعبي ۾ اهڙي رُجحان کي هٿي ملڻ جو سبب ئي بدعنوان سياسي ڪلچر آهي. جنهن سنڌي سماج ۾ اهڙن منفي لاڙن ۽ رُجحانن کي مُتعارف ڪرائي سنڌي سماج کي اجتماعي قومي مُفادن واري سوچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي.
انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه ته اِها آهي جو هاڻ جڏهن بدعنوانيءَ جي بيماري سڄي سنڌي سماج ۾ ڪنهن ڪوڙهه وانگر ڪاهي پئي آهي. تڏهن لازمي طور تي اُن جا اثر اُن غريب ترين هيٺئين طبقي تي به پيا آهن. جنهن وٽ انساني گُڻن جا اعلى معيار ۽ ماپا هُئا. جن ڪڏهن به ”سيڻ نه مٽائين سون تي،“ وارن تصورن هيٺ زندگيون پئي گُذاريون تن جي به سنڌ جي اندر خراب حُڪمراني ۽ بدعنوان سياسي ڪلچر سبب، نفسيات ئي تبديل ٿي وئي آهي. اُن جو ننڍڙو مثال اهو به ڏئي سگهجي ٿو جو، هُو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳوٺاڻي سطع تي اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين جا ميمبر بڻجي چند ٽڪن جي عيوض، پنهنجي اسڪولن جي مرمت جا فنڊ به ڦٻائي وڃن ٿا. اُنهن کي ان ڳالهه جو قطعي به خيال ناهي ته جديد سائنسي دور ۾ سندن ٻارڙن جي مُستقبل جو ڇا ٿيندو؟ اُهي وقتي گُذاري خاطر مُستقبل جي عظيم تر مُفادن کي نظرانداز ڪري، پنهنجي اسڪولن جي فنڊن تي ٻارڙن جي تعليم جو حق ۽ اسڪول جي زبون حال عمارت جو حق سمجهڻ بجاءِ، پنهنجو قومي حق سمجهي ڦٻائي وڃڻ واري موقعي کي هٿان وڃائڻ نٿا چاهين. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته ظاهر آهي، مُستقبل ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي؟ ان جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. هر کاتي ۽ شعبي ۾ بدعنوانيءَ جي بيماريءَ مٿان ضابطي اچڻ جا امڪان ان ڪري به گهٽ نظر اچي رهيا آهن. جو هر کاتي جي بجيٽ خدائي مخلوق مٿان خرچ ڪرڻ بجاءِ سمورو ڪلچر ۽ نفسيات ئي بدعنوانيءَ جي ور چڙهي وئي آهي.
اُنهن سمورن معاملن تي ضابطي آڻڻ لاءِ بُنيادي شرط اهو آهي ته اسان پنهنجي انفرادي سوچ ۽ عمل ۾ جاگيرداريت جي جاڙي ڀيڻ بڻيل وڏيرڪي سياسي ڪلچر ۽ نظام کان نه فقط نفرت ڪريون پر پنهنجي عمل ۾ به اهڙا ئي شفاف نظر اچون. اسان اهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن جو مُڪمل سماجي بائيڪاٽ ڪريون. جيڪي پنهنجي اظهار ۾ ته وڏيرڪي سياسي ڪلچر جا مُخالف هوندا آهن پر عمل ۾ خود ننڍڙا وڏيرا هوندا آهن. اُنهن جي اهڙي عمل ۽ رويي تي اُنهن کي حُجت سان سمجهايون. ٻي صورت ۾ اسان سنجيدگيءَ سان اُنهن سان ميل جول ئي ختم ڪري ڇڏيون. جيڪي پنهنجي پاڻ کي مثبت سياسي ڪلچر جا حامي هُجڻ جون دعوائون ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي عمل ۾ خود منفي ڪردار جا مالڪ هوندا آهن. جتي ۽ جنهن به فيلڊ ۾ پنهنجا ڪم ڪندا رهون ٿا. اُن فيلڊ ۾ شفافيت کي نه رُڳو همٿايون پر سماج جي وسيع تر مُفادن ۾ ٿيندڙ ڪمن تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ڪريون، جتي به سمجهي سگهون ته ننڍڙن ۽ خسيس مُفادن خاطر وسيع اجتماعي سوچ ۽ قومي مُفاد خطري ۾ پئجي سگهن ٿا. اُتي ڪنهن به قسم تي پنهنجي صلاحيتن ۽ حال آهر محنتن سان اهڙن عملن کي روڪيون ۽ پنهنجي دوستن کي به پنهنجي اهڙي حلقي ۾ شامل ڪريون ۽ اُنهن جي راءِ کي اهميت ڏيون. پنهنجي ڳوٺن جي صحت گهرن، اسڪولن ۽ ادارن جي مالڪي ڪريون. پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن تائين، جتي اسانجي رسائي ممڪن آهي. اُتي اها پرچار شروع ڪريون ته خسيس پئسن عيوض وسيع تر سنڌ جي اجتماعي مُفادن کي پاسي تي رکڻ قومي جُرم آهي. جنهن جُرم جي اجازت ڪنهن کي به نٿي ڏئي سگهجي. پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار مثبت انداز ۾ ادا ڪرڻ سان به اجتماعي قومي شعور ڏانهن ويندڙ رستي وارو پنڌ ويجهو بڻائي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي ڪنهن مٿان بُهتان مڙهڻ بجاءِ انگن اکرن سان هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، سنڌ جي بدعنوان سياسي ڪلچر جو حصو بڻيل اُنهن ماڻهن جي نشاندهي ڪجي، جيڪي ڏهاڪن کان سنڌ جي فنڊن کي خدائي خزانو سمجهي ڦٻائيندا رهن ٿا. پنهنجي ڳوٺن ۾ چار چڱا ۽ ايماندار ماڻهو پئدا ڪرڻ سان ئي بدعنوانيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هن سماج کي ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ چڱو عمل ئي سوين بُراين جي بيمارين کي ختم ڪري سگهي ٿو. وک وڌائڻ سان ئي منزل ويجهو اچي سگهي ٿي.