سنڌ ڪنهن جو فتح ٿيل قلعو ناهي...
هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان مختلف دوستن جي معرفت دل کي دُکائيندڙ خبرون به دلين جي درن کي کڙڪائينديون رهن ٿيون. جيڪا صورتحال سنڌ کي مُستقبل ۾ ڪو شفاف سياسي رستو ڏيڻ ۾ رُڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. اهڙا خدشا سماجن جي سياسي تبديليءَ ۾ وڏي رُڪاوٽ وجهي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ لڳاتار سياسي تجربن جي آڌار تي هاڻ ڪنهن به تجربي ڪرڻ جي حالت ۾ ناهي رهي. جيڪي سماج لڳاتار غلطين مان سکڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ به تجربن جون فيڪٽريون کوليو ويٺا هوندا آهن. انهن جي قسمتن ۾ ڪڏهن به بهتر سياسي مستقبل جي واٽ لکيل ناهي هوندي. اهڙا سماج هميشه گهري ننڊ جي اهڙي درياءَ ۾ غوطا کائيندا آهن جيڪو دراصل ڪو درياءُ ئي ناهي هوندو. اهو اسانجي ڪمزور دلين جو وهم هوندو آهي. ساميءَ چواڻي ته:
مايا ڀُلائي وڌا جيءَ جهان جا،
اڻ هوندي درياءَ ۾ غوطا نت کائي.
اها فقط انساني سماجن جي ڪيفيت هوندي آهي. جو اُهي ڪنهن مُصيبت کي منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي مصيبتن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. جن جا نظريا مايا جي موهت تي ڇڪجي ويندا آهن. پر باشعور انسان سڄي زندگي هن سنسار کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڏيندا رهيا آهن. کين دوکي جي دڳ تان موٽي اچڻ جو درس ڏيندا رهيا آهن. جنهن درس کي سمجهندڙ سماج ترقيءَ جون تڪڙيون منزلون ماڻيندا آهن. هن وقت سنڌي سماج جي هيٺئين طبقي ۾ آيل سياسي شعور کي سرهائيءَ جي اک سان ڏسڻ بجاءِ ڪالهه تائين اُهي سنڌ پرست ورڪر جيڪي سنڌ جي سياسي معاملن تي هلچل جي متل ميدان ۾ سنڌ پرستيءَ جون دعوائون ڪري رهيا هُئا. اُهي اوچتو ڪُوڙن سِڪن تي هن سماج کي ساڙڻ لاءِ ڳُجهه ڳوهه ۾ اهڙن اُميدوارن سان سِڪن جا سودا ڪري رهيا آهن. جنهن سبب اٻوجهه عوام ٻيهر اڪيلائپ جي اوڙاهه ۾ ٻارڻ بڻجي ٻرندو رهندو. جنهن اوڙاهه مان هي سماج صدين تائين نڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته اعتماد جون تندون ڏاڍيون نازڪ ٿينديون آهن. جيڪڏهن ڪالهه تائين هن اٻوجهه عوام جي نظر ۾ ايماندار نوجوان، جيڪي اٻوجهه عوام کي سياسي سمجهه ڏيڻ لاءِ کين گهرن مان ڪڍي سنڌ جي ازلي سياسي مفادن خاطر رستن تي نڪري آيا هُئا. ۽ پنهنجي تقريرن ۾ اهو درس ڏئي رهيا هُئا ته نسلن کان هن سماج تي مسلط ٿيل سياسي قيادتن جي چونڊ بجاءِ عوام دوست اُميدوارن کي اڳيان اچڻ گهرجي ۽ ووٽ اُميدوار جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيڻ گهرجي. جنهن تي مذاحمتي مُشاعرا به ٿيندا رهيا ۽ سڄي سنڌ ۾ عوامي سياسي سُجاڳيءَ سبب سياسي بحثن جا بنياد پيا ۽ ماڻهن اهو سوچڻ جي شروعات ڪئي جنهن جو ردِعمل هاڻوڪي مذاحمت جي صُورت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ عوام خراب ڪارڪردگي رکندڙ اُميدوارن جي آجيان ڦٿل ٽماٽن ۽ ڪِنن آنن سان ڪئي.
موقعي پرست سياسي ورڪرن جي نشاندهي:
اهي ورڪر جن گُذريل ڪيترن سالن کان پنهنجون راتيون سياسي سرگرمين ۾ روڊن ۽ رستن تي گُذاريون آهن. انهن اوچتو ئي چند ٽڪن تي موهجي ڀوتارن ۽ وڏيرن جون وڃي اوطاقون وسايون آهن ۽ انهن جي اليڪشن مهم جو حصو بڻجي ويا آهن. جيڪي ڪالهه تائين اُن جدوجهد جو حصو هُئا جنهن جدوجهد بي زبان سنڌي سماج کي زبان ڏني هُئي. جيتوڻيڪ اهڙن موقعي پرست سياسي ورڪرن جي ان عمل سان مجموعي طور تي سنڌي سماج ۾ ساک وڃائيندڙ سياسي قيادتن کي ڪو گهڻو فائدو ٿي نه سگهندو. پر اهڙي نفسيات به طويل سياسي حڪمت عملي ۾ سنڌ جي موجودهه حالتن ۾ اٻوجهه ماڻهن کي وڌيڪ مُنجهائي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ اندر مختلف برادرين، سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ مقامي سطع تي مختلف ماڻهن 500 کان1000 تائين جو ووٽ بئنڪ رکندڙ ڪيترائي نوجوان اميدوار طور مختلف تڪن تان بيٺل آهن. جيڪڏهن اُنهن اهڙين سياسي قوتن جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو. جيڪي قوتون هيٺئين ۽ پيڙهيل طبقي سان ٽڪي جي به همدردي نٿيون رکن، ته پوءِ سنڌ هڪ اهڙي سياسي آئسوليشن (اڪيلائپ) جو شڪار ٿي ويندي. جنهن مان نڪرڻ لاءِ کين وري ورهين جي انتظار جي اذيت ڀوڳڻي پوندي. هن سماج جو وڏو الميو اهو ئي ته آهي جو جڏهن هيٺئين ۽ مزدور طبقي، پنهنجي تمام تر سادگين ۽ اٻوجهائپ جي، انڪار جي جُرئت جي سزا کي سمجهڻ جي باوجود اهو سوچڻ شروع ڪيو آهي ته سنڌ انهن لاءِ غيرمشروط محبتن وانگر آهي. جنهن لاءِ هو موت ته قبول ڪري سگهن ٿا. پر ڪنهن سياسي سوداگر جي حوالي نٿا ڪري سگهن. تڏهن سماج ۾ سرگرم رهندڙ اهڙا سياسي ورڪر به سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن جن جي موقعي پرست سوچ چند ٽڪن جي محتاج بڻيل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اهڙا سياسي ورڪر ننڍڙن ننڍڙن مفادن کي اجتماعي مفادن مٿان اوليت ڏين ٿا. رُڳو سياسي قيادتن جو ئي قصور ناهي پر خود اهڙا ورڪر جن وٽ چند ووٽن جو تعداد موجود آهي، اُهي هر حالت ۾ عين موقعي تي پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سياسي قيادت جي هٿ تي بيعت ڪري وٺن ٿا. ان آسري ۾ ته جيئن کٽڻ کانپوءِ اُهي اقتدار جي عرصي ۾ انهن اُميدوارن کان فائدا حاصل ڪري سگهن. جنهن جي سڃاڻپ وقت سِر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪهڙا مُفاد اوليت تي هُجڻ گهرجن؟
جيتوڻيڪ ميڊيائي مهم، ۽ سماجي لاڳاپن جا ذريعا مُسلسل عوامي سطع تي متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پر هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ڪهڙن سياسي اوليتن جو تعين ڪري ٿي؟ ڪهڙا مُفاد اهم آهن جيڪي سنڌي سماج ۾ تبديلين جا مضبوط بنياد رکي سگهن؟. جيڪڏهن ووٽ جو هن ڀيري به استعمال گُذريل ڪيترن ڏهاڪن وانگر گونگن ۽ ٻوڙن وانگر آڱوٺا ڪارا ڪري، ڪيو ويو ته شايد سنڌي سماج جي قسمت جو ساٿ قدرت به ڏئي نه سگهي. تنهن ڪري سنڌ جي قومپرست ڌرين، جن نوازليگ کي به پنهنجو اتحادي بڻائي ڇڏيو آهي. اُنهن کي به ويچارڻ گُهرجي ته فقط جيت جي چڪر ۾ لفاظي سياسي ٻوليءَ جي استعمال سان سنڌي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ نٿو ڪري سگهجي. پر سنڌي ماڻهن جي مفادن جي ضمانت ٻين سياسي پارٽين کان به وٺڻي پوندي. جيڪي سياسي پارٽيون، مشرف جي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ وڏي مهم هلائي رهيون هُيون. هن وقت اهڙين سياسي پارٽين کي پنهنجي موقف جا بينر کُليل رکڻا پوندا. جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي ورهاست، ٻٽي نظام جو خاتمو، ذوالفقار آباد ۽ مسلسل ڌاري آبادڪاريءَ سميت سنڌ اندر بيروزگاريءَ، غربت جي خاتمي، مهانگائيءَ جي خاتمي لاءِ سائنسي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ پنهنجي اوطاقن کي اهڙن ماڻهن کان آزاد ڪرڻو پوندو. جيڪي نوڪرين جي ڪوٽا مٿان پهرين حق پنهنجي مِٽن مائٽن جو سمجهن ٿا. باقي خدائي خلق کي آسرن جا لاليپاپ ڏئي رُلائيندا آهن. سنڌ جي روڊن ۽ رستن جي بجيٽن مٿان پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق سمجهڻ واري سوچ جو پڻ خاتمو اچڻ گُهرجي ۽ اُن لاءِ جدوجهد جا ڊگهي مُدت وارا بُنياد وجهڻا پوندا. سنڌ جا شهر ۽ رستا جيڪي گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اُنهن جي رٿابندي ڪري انهن اسڪيمن جي غير سرڪاري ادارن کان مانيٽرنگ جو مڪينزم جوڙڻو پوندو ته جيئن اُنهن اسڪيمن جو پئسو ڪميشنن ۽ ڏيتين ليتين ۾ هڙپ نه ٿي وڃي. اُهي اُميدوار جن کي اهڙين تَڪُن جو خاص خيال رکڻ گُهرجي جن تڪن ۾ کين شڪست ملي هُجي. اهڙين تَڪُن جي عوام کي سياسي نفرتن جي آڌار تي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ، انهن ڳوٺاڻن جي حالتن کي به بهتر بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. انهن جي صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ به جوڳا بندوبست ڪرڻا پوندا. فقط ان لاءِ انهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته انهن تڪن ۾ هو هارائي ويا هُئا. سڄي سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ سوچڻو پوندو. جيڪڏهن مفادن جو تعين هن وقت نه ڪيو ويو ۽ عوام اهڙي قيادت جي چونڊ نه ڪئي ته شايد مُستقبل جو ڀوتارڪو ڪلچر هن سڄي سماج جي ترقيءَ واري واٽ ۾ وڏي رُڪاوٽ ثابت ٿئي ۽ اها سوچ قطعي به قابلِ قبول نه هُجڻ گهرجي ته ڪو سنڌ کي پنهنجو فتح ٿيل سياسي مورچو سمجهندو هُجي.