نواز ليگ _ ايس يو پي اتحاد، سنڌ کي ڇا ملندو؟
ان کان پهرين سنڌ جي ڏهيسر سنڌ نيشنل فرنٽ کي اُن پارٽيءَ ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪڏهن به سنڌ جي معاملن تي ڪو واضع موقف ناهي رکيو. ڪالاباغ ڊيم واري اشو تي سواءِ روايتي بيان ته ”ڪالاباغ ڊيم سمورن صوبن جي راضپي سان ٺاهيو ويندو“ واري موقف جهڙو اڻچٽو موقف پئي رکيو آهي. پر اُن کي مڪمل رد ڪري ڇڏڻ جهڙو واضع موقف پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ڪڏهن به نه رکيو هو. جڏهن ته پنجاب ۾ سندس پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سمورا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڪالاباغ ڊيم جا حامي آهن. اهڙي وفاق پرست قوت جيڪا پيپلز پارٽيءَ کان ڪنهن به طرح مختلف ناهي. سنڌ ۾ قومپرست ڌرين طرفان اُن جي آجيان ڏسي، سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو مايوس ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جن نقطن تي مسلم ليگ (ن) سان چونڊ اتحاد ڪيو آهي اچو ته انهن نقطن جو جائزو وٺون.
نمبر هڪ: آئين جي دائري ۾ رهي صوبائي خود مختياري ڏني ويندي.
نمبر ٻيو: سنڌ جي سرحدن ۾ ڪنهن به طرح ردوبدل نه ڪئي ويندي.
نمبر ٽيون: نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي وڌ ۾ وڌ حق ڏنا ويندا.
نمبر چوٿون: پاڻيءَ جي 1991 واري معاهدي تي عمل ڪيو ويندو.
نمبر پنجون: عوام جي مرضي ۽ ملڪ جي ضرورت مطابق آزاد ۽ غير جانبدارانه پرڏيهي پاليسي جوڙي ويندي.
نمبر ڇهون: سنڌ ۾ هر طرح جي دهشتگردي، مذهبي، لساني فسادن جو خاتمو ڪري عوام جو تحفظ ڪيو ويندو. نمبر ستون: ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهڻ خلاف اُپاءَ ورتا ويندا.
جيڪڏهن تفصيلي طور انهن نقطن جو جائزو وٺبو ته مٿي ڄاڻايل نقطن تي عمل ڪرائڻ پاڪستان جي ڪنهن به وزيرِاعظم يا صدر جي وس جي ڳالهه ناهي. هن ملڪ جي سڄي سياسي اتهاس کي اُٿلائي ڏسڻ گهرجي ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪمزور صوبن جي ڪلهن تي مضبوط وفاق جون حامي قوتون نالي ماتر به صوبائي خود مختياريءَ تي راضي هجن. ائين هجي ها ته هن وقت تائين بلوچستان جون پهاڙون انهن ويڙهاڪن جون پناهگاهون نه هجن ها جيڪي خودمختياريءَ جا خواب ڏسي بلوچستان جي اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيا هئا ۽ مايوس ٿي موٽيا هُئا. نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي حق ڏيارڻ وارو راڳ فقط اليڪشني الاپ آهي. اُن جي ضمانت مسلم ليگ (ن) ڪنهن سادي پني تي ڪيئن ڏئي سگهندي؟ اهڙيون سوين ضمانتون پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي صوبن کي ڏنيون وينديون رهيون آهن پر عمل ڪنهن به ٺاهه تي ٿي ناهي سگهيو. سنڌ جي سرحدن رستي پرڏيهين جي داخلا واري معاملي تي مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي اچڻ کان پوءِ ڪهڙي ضمانت ڏئي سگهي ٿي؟ ته اُهي سنڌ ۾ داخل ٿي نه سگهندا. سنڌ ۾ لساني گروهي سياست جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) وٽ ڪهڙي ضمانت آهي ته سنڌ ۾ لسانيت کي هٿي نه ڏني ويندي؟؟ جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان جهڙيءَ ريت ۽ جنهن طريقي سان لساني گروهن کي سرگرم ڪيو ويو آهي. اُن جي نتيجن کان سنڌ جا ماڻهو واقف آهن ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي جيڪا بدترين صُورتحال جُڙڻي آهي اُن جو اڳواٽ اندازو لڳائي به سگهجي ٿو. ٻئي پاس اُن جو اندازو بين الاقوامي سياسي قوتن جي ايجنڊائن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي پاڪستان جي حڪمران ڌُرين کي پنهنجي مقامي ايجنٽ طور استعمال ڪنديون رهيون آهن. اها شايد اسان جي سياسي ناسمجهي هوندي جو اسان سنڌ جي ورهاست واري سوال تي اُن وفاقي پارٽيءَ کان ضمانتون وٺي رهيا آهيون. جنهن پارٽيءَ سان سلهاڙيل اڪثر اسيمبلي ميمبرن جو سنڌ سان ڪنهن به طرح جذباتي لاڳاپو ناهي رهيو. نقطو نمبر چوٿون: پاڻيءَ جي 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ وارو آهي. ڇا قومپرست سياسي پارٽيون اڃان تائين اهو سمجهي ناهن سگهيون ته 1991ع پاڻيءَ وارو معاهدو مڪمل طور سنڌ جا سنجيدهه حلقا رد ڪري چڪا آهن. جيڪو پاڻي ٺاهه ڄام صادق هٿان اسٽيبلشمينٽ انڪري ڪرايو هو ته جيئن هو وڏي ڀاءُ جي مفادن کي تحفظ فراهم ڪري سگهي. ان ٺاهه تحت ئي سنڌو دريا ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ ڄاڻائي ٽنهي صوبن جي پُورت ڪرڻ هو. جنهن مان وڌيڪ حصو وڏي ڀاءُ جو رکيل آهي. اهو پاڻي ٺاهه سنڌو دريا تي اهڙو ڌاڙو آهي. جنهن سان سنڌ مڪمل طور سوڪهڙي جي ور چڙهي سگهي ٿي.
باقي 7 نقاطي ايجنڊا جا 3 اهڙا نُڪتا آهن. جن تي ايس يو پي مسلم ليگ (ن) سان ٺاهه ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جا اهم معاملا هن ٺاهه جو حصو ناهن ڄاڻايا ويا. مثال طور: ڪالاباغ ڊيم جو مڪمل خاتمو، ذوالفقارآباد جو خاتمو، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي وغيرهه سميت سنڌ جا اهم معاملا هن ٺاهه کان ٻاهر آهن. جن کان سواءِ هي ٺاهه مُنجهيل شڪل ۾ سامهون آيو آهي. ذوالفقارآباد هڪ اهڙي شهر جي اڏاوت آهي. جنهن کي ڪاغذي ٺاهه سان ختم نٿو ڪري سگهجي. اهڙو شهر جنهن کان پوءِ سنڌ جي ورهاست واري بين الاقوامي سازش جي شروعات ٿيڻي آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سپر پاورطاقتن جون اکيون کُتل آهن جن وٽ ماڻهن جي نه پر سيڙپڪاريءَ واري هنڌ/جاءِ جي اهميت هوندي آهي، اهڙن اهم اشوز کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ وارو معاملو ڇا معنى ٿو رکي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جي پوٽي طور سيد جلال محمود شاهه جي ايمانداريءَ تي ڪنهن کي تِر جيترو به شڪ نه هُجڻ گهرجي. پر سياست جون پنهنجون تقاضائون به ٿينديون آهن. جيڪا سياست سنڌ وطن جي بچاءَ ۽ تحفظ جي ڪم اچي نه سگهي. اهڙي سياست ۽ ڪاروبار م ڪهڙو فرق آهي؟ اهڙو ڪاروبار ته پيپلز پارٽي ۽ ٻيون وفاق پرست پارٽيون عرصي کان ڪنديون پيون اچن. تنهن ڪري هن ٺاهه مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي قسمت جا فيصلا وري به انهن هٿن ۾ آهن جيڪي پيپلز پارٽيءَ کان گهڻا مختلف ناهن. پر مسلم ليگ (ن) ته اُن وقت ئي پنهنجي عوامي مينڊيٽ واري ساک ڪيرائي وڌي هُئي. جڏهن ان جي قيادت ڏکين گهڙين ۾ خفيا معاهدن ذريعي پرڏيهه ۾ پناهه ورتي هُئي. مشرف جي شروعاتي سالن جي اخبارن کي اُٿلائي ڏسبو ته پاڪستان جي سمورين اخبارن مان مسلم ليگ(ن) ڪيموفليج نظر ايندي. سوال سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار طبقي جو آهي جنهن جو قومپرست قيادت ڏانهن سافٽ ڪارنر جُڙيو هو ۽ جيڪا همدردي پئدا ٿي هُئي. ان کي جلد بازيءَ وارن ٺاهن ۾ ختم ڪيو ويو آهي. سنڌ فقط ٻن پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻي ئي هُئي ته پوءِ سنڌ کي قومپرست پارٽين طرفان آسري واري لالي پاپ ۾ ڇو ريجهايو ويو؟ سنڌي ماڻهن جي وڏي اڪثريت پيپلز پارٽيءَ کان مايوس هجڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) کي سيڪنڊ آپشن طور به سليڪٽ نه ڪيو. پر انهن چاهيو پئي ته قومپرست قيادت کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو اسپيس ملڻ گهرجي جيئن اُهي سنڌ جي ڪيس کي ايوانن اندر آڻي ڪو سياسي طوفان کڙو ڪري سگهن. ڇو ته سياست ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ سنڌ جي قومپرست قيادت جو جمهوري حق آهي. پر اهڙي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ قيادتون ئي جڏهن پنجاب جي نمائنده پارٽيءَ سان ٺاهه ڪنديون رهنديون ته پوءِ سنڌ ۾ سياسي مايوسيءَ جي لهر جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.
مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڇا ٿي چاهي؟
جيئن ته مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نمائندهه جماعت هجڻ جي ڪري سڄي دنيا وٽ اُن لاءِ اهو عام تاثر جُڙي رهيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي باقي صوبن ۾ عوامي سطع تي ڪو وڏو مينڊيٽ نٿي رکي. پر پنجاب ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود به مضبوط اپوزيشن کي منهن ڏيندي رهي ٿي. اهڙي سياسي صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) بحيثيت وفاقي پارٽيءَ جي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ پنهنجا اتحادي ڳولڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف آهي. بلوچستان اندر مختلف ڪاغذي ٺاهن ذريعي هن پنهنجا اتحادي جوڙي ورتا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وڃائجندڙ عوامي ساک سبب ماڻهن جو قومپرست قيادت ڏانهن لاڙي سبب مسلم ليگ (ن) چاهي ٿي ته قومپرستن سان گڏجي ڪنهن حد تائين سنڌ مان ڪجهه سيٽون ڪَوَر ڪري سگهجن ته جيئن وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سيٽن جو گهربل تعداد پورو ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف شهيد بشير خان جي پونئرن ڏانهن تعزيت لاءِ لڙي ويو. جيتوڻيڪ کيس اها خبر هُئي ته سنڌ ۾ قومپرست سياست ۾ ٻن لاڙن وارا ماڻهو موجود آهن. هڪڙا اُهي جيڪي، اهو سمجهن ٿا ته اسيمبلين ۾ وڃي سنڌ جا حق وٺي سگهڻ وارو نقطهءِ نظر فضول آهي. جيڪي ڪنهن به اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي وڃڻ به پسند ناهن ڪندا. جن ۾ شهيد بشير خان قريشي ۽ ان جي پارٽي سميت جيئي سنڌ هلچل جا ٻيا گروپ ۽ ڌڙا شامل آهن. اُن جي باوجود به هُو فقط رتيديري جي مٽيءَ جو واس وٺڻ انڪري به لَڙي ويو جو هن کي خبر هُئي ته سندس اهڙي عمل سان سنڌ ۾ اُن لاءِ سافٽ ڪارنر جُڙندي سگهندو. جڏهن ته ٻئي نقطءِ نظر واري قومپرست سياسي ڪيمپ ۾ اُهي پارٽيون ۽ گروپ اچي وڃن ٿا جيڪي ايوانن ۾ وڃي سنڌ جي تقدير بدلائڻ جي دعوى ڪن ٿا. جن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون ۽ گروپ شامل آهن. جن سان اتحاد ۽ معاهده مسلم ليگ (ن) جي مجبوري آهي. ڇو ته وفاق جي علامت بڻيل پارٽيءَ لاءِ چئني صوبن ۾ موجودگي ۽ سيٽن جو سيٽ اپ هجڻ ضروري آهي.
جڏهن ته سوال اهو آهي ته مسلم ليگ (ن) سان قومپرست قيادت جي ويجهڙائپ هجڻ سبب ڇا قومپرست سياسي قيادت کي مليل سنڌ ۾ ٿوري گهڻي موٽ تي منفي اثر نٿا پئجي سگهن؟ ڇا هڪ عرصي کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ مان بيزاريءَ کان پوءِ سنڌي ماڻهن جو قومپرست سياست ۾ بحال ٿيل ويساهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌچڪو نه رسندو؟ ڇا سنڌ جي اهم سياسي اشوز جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم ۽ ذوالفقارآباد تي مسلم ليگ قيادت اڻچٽي ناهي؟ ڇا قومپرستن جي سيٽن جي اهميت تڏهن گهٽجي نه ويندي جڏهن وفاق ۾ مسلم ليگ(ن) کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل تعداد جي ضرورت هوندي؟ ڇا تڏهن انهن ٺاهن جي ڪا اهميت رهندي جيڪي مسلم ليگ (ن) جي سياسي ڊپلوميسي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهن؟ ٿوري دير لاءِ اهو مڃي به وٺجي ته قومپرستن جي چند سيٽن جي (جيڪڏهن کٽي اچن به ٿا ته) مسلم ليگ (ن) کي ضرورت پوندي. پر ڇا انهن سيٽن جي اهميت به ائين نه هوندي جيئن مير حاصل بزنجو جي آهي؟ جنهن وٽ سيٽ ته آهي رڙيون به ڪندو ٿو رهي پر کيس ٻڌڻ وارو ته ڪوئي ڪونهي.
تنهن ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته پنجاب جي نمائنده جماعت مسلم ليگ(ن) سان ٺاهه جو نتيجو اهو ئي نڪرندو ته قومپرست پنهنجي بنيادي سياسي پيش رفت ۾ ئي سنڌي ماڻهن کي مايوسيءَ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي وجهندا. جنهن جو ازالو صدين تائين ڪرڻ ممڪن نه هوندو.ان کان وڌيڪ چڱي ڳالهه ته اها هُئي ته اهي سمورا قومپرست گڏجي ويهن ها ۽ ڪنهن وڏي سياسي پارٽيءَ جو سهارو وٺڻ بجاءِ پنهنجو پليٽ فارم پاڻ طئي ڪن ها. ان کان قطئي به گهٻرائڻ جي ڳالهه نه هُئي جيڪڏهن هو هارائي وڃن؟! پر اهو کين سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن جي ويساهه جو ٽُٽي پوڻ ايڏو وڏو معاملو آهي. جيڪو هار ۽ جيت واري الميي کان به وڏو الميو آهي. جيڪڏهن قومپرستن مان سنڌي ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو ته سنڌ اهڙي صدمي مان ڪڏهن به نڪري نه سگهندي.