امن جو نوبل انعام ۽ ٻن مُلڪن جو امن...
جڏهن پاڪستان آرمي سوات جي اُنهن علائقن تي آپريشن ڪيو جتي مُولانا فضل الله ۽ اُن جي حامي گروپن جو اثر هو ۽ سوات جي سمورن علائقن کي مُولانا فضل الله ۽ اُن جي حامين جي ڪنٽرول کان آجو ڪيو. تڏهن ”گُل مڪئي“ جي فرضي نالي سان ڊائري لکندڙ ملالا جو نالو سامهون آيو. جنهن ڪيترن ئي صحافين کي انٽرويوز به ڏنا. جڏهن سندس اصل سُڃاڻپ سامهون آئي ته سائوٿ آفريڪا جي سرگرم تنظيم پاران کيس ”انٽرنيشنل چلڊرينس پيس پرائيز“ لاءِ نامزد ڪيو ويو. هُن سوات ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي مولانا فضل الله جي حامين جي نشاني تي اچي وئي. ملالا جي زندگيءَ جو اُهو موڙ ڪنهن کان وسري نه سگهندو. جڏهن آڪٽومبر 2012ع تي مولانا فضل الله جي حامين ٻارڙين جي اُن اُسڪول ويگن مٿان فائرنگ ڪئي. جنهن اسڪول ويگن ۾ ملالا سوار هُئي. اُها ملالا جيڪا سنگدل دلين مان روشنين جي عظمتن جو مينار بڻجي اُڀري. جيڪا ڳالهه انتها پسند قُوتن کي نه وڻي ۽ اُنهن پنهنجي انتقام جو بُزدليءَ سان مُظاهرو ڪندي مٿس حملو ڪيو. ليڪن ملالا ۽ سندس ٻي ساٿي شاگردياڻي به زخمي ٿي پيا. جڏهن ته انتها پسند گروپ پاران ان واقعي ۾ ملالا کي مارڻ جي ذميواري قبول ڪندي چيو ويو ته: ملالا مٿان ٻيهر حملو ڪيو ويندو. اُها ملالا جنهن مولانا فضل الله ۽ اُن جي حامين جون ننڊون قلم جي سگهه سان ڦٽائي ڇڏيون. اُنهن جي ڪلاشنڪوفن جي دهشت قلم جي هڪ جهٽڪي سان ئي ختم ٿي وئي. اُنهن جون ڪلاشنڪوفون قلم اڳيان بيحد ڪمزور بڻجي ويون. جيڪي سوات کي بي لغام گهوڙي وانگر لتاڙيندا هُئا سي پنهنجي هار ڏسي انتقام جي جنون ۾ اُن ملالا مٿان حملو ڪري سندس معصوم آواز کي هميشه ختم ڪرڻ چاهيو. اُن مٿان ٿيل حملي جو ردِعمل ايتري شدت اختيار ڪري ويو جو، مُلڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ کان وٺي سمورا سياسي اڳواڻ مذمتي بيان جاري ڪندا رهيا. آمريڪي صدر باراڪ اوبامه کان وٺي اقوامِ مُتحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ۽ دُنيا جي سمورن سياسي اڳواڻن تائين، آمريڪن سنگر ميڊونا کان وٺي بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي اداڪارن ۽ اداڪارائن تائين سموري دُنيا اڳيان ملالا معصوميت جو مُجسمو بڻجي پئي. جنهن کي ڪي به انتهاپسند قُوتون هارائي سگهڻ جي همت نه ڪري سگهيون، اُها ڇوڪري مينگورهه مان سوات جو آواز بڻجي اُڀري جنهن اقوامِ مُتحده ۾ تقرير ڪندي چيو ته: ”هڪ ڳالهه ياد رکي وڃي ته ملالا جو ڏينهن منهنجو ڏينهن ناهي. اُهو ڏينهن هر عورت، هر مرد، ڀاءُ، ڀيڻ، اُهي جيڪي انساني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا. اُنهن جو ڏينهن آهي. هزارين ماڻهو انتهاپسنديءَ جي بٺيءَ ۾ سڙي چُڪا آهن، لکين ماڻهو زخمي بڻجي اپاهج ٿي ويا آهن. مان ته اڪيلي ملالا آهيان. پر مان سڀني جو گڏيل آواز آهيان. مان عورتن ۽ ٻارڙن جي تعليم، امن، عزت ۽ وقار جي جياپي ۽ برابريءَ خاطر اُٿاريل اهڙو آواز آهيان جنهن کي انتهاپسند قُوتون خاموش ڪري نٿيون سگهن.“
پاڪستان ۽ هندستان عرصن کان جنهن جنونيت جي جنگ ۾ رُڌل آهن اُتي ٻن مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل پرائيز ڪنهن خوشگوار خبر کان گهٽ ناهي. پر ڇا ”ڪيلاش ستيارٿي“ ۽ ”ملالا يوسف زئي“ جي منٿ سان مُودي سرڪار ۽ نواز ليگ اُن امن کي واپس ورائي سگهن ٿيون؟ جنهن امن لاءِ ٻنهي مُلڪن جو عوام ورهاڱي کان وٺي مُنتظر آهي؟ ڇا پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ نه نبري سگهجندڙ معاملا ڪنهن نبيري جي نتيجي تائين پُهچي سگهن ٿا؟ جيڪي هميشه ڪشمير اشوءَ تي اٽڪيل رهندا آيا آهن. جيڪي هڪٻئي مٿان پنهنجي مُلڪن ۾ مُداخلتن جا الزام مڙهيندا رهيا آهن. پر هي اهڙو موقعو آهي جنهن موقعي تي ٻنهي مُلڪن جا وزيرِاعظم اُن تقريب ۾ ضرور شرڪت ڪن. جنهن جي خُواهش ملالا ۽ ڪيلاش ظاهر ڪئي آهي. پر ڇا اُهي قُوتون چاهينديون ته ٻنهي مُلڪن جا سربراهه مُلڪن جي وچ ۾ وڌيل وڇوٽين جي خاتمي لاءِ عوامي خُواهشن جو احترام ڪن؟ جيڪو عوام چاهي ٿو ته انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ امن جي فضا آسمانن تي انڊلٺي رنگن جيان اُڀري پوي. پر برِصغير جي بيمار سياست ۾ بارود جي بُوءِ ايتري ڦهليل آهي. جنهن کي ملالا ۽ ڪيلاش گڏجي ختم ڪري نٿا سگهن. اُن لاءِ کين ٻنهي مُلڪن جي عوام جو ساٿ به گُهربل هوندو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل انعام نه رُڳو ٻنهي مُلڪن جي عوام لاءِ امن جا بند پيل دروازا کولي سگهي ٿو. پر اُن جا اثر سڄي دُنيا تي پئجي سگهن ٿا. اُن لاءِ ٻنهي مُلڪن جي ساٿ سان امن مُخالف قُوتن جي حصي ۾ شڪست اچي سگهي ٿي. جيڪي قُوتون عرصن کان امن جي سفيد پکين جي اُڏام جون حامي ناهن رهيون. ليڪن ٻنهي مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل انعام اُنهن ڪروڙين ماڻهن جي مٿان ڇانيل بارود جي ڪڪرن کي هٽائي سگهڻ جي آخري اُميد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته امن خاطر انتقام جهڙي سياسي نفرت کان آزاديءَ جي ضرورت آهي.