سنڌ سياسي اڪيلائپ مان ڪڏهن نڪرندي؟
پاڙي ناهي پروڙ، ته رات به رنجائي گُذري. (شاهه رح)
اهڙو جياپو، جنهن لاءِ دُنيا جا سمورا ڏاها ۽ عقلمند مُتفق هُئا ته: ”جيئڻ سڀ ڪجهه ناهي، جيئن ته جانور به ٿا.“ ليڪن سڙندڙ سينن جي اندر ڪنهن وڏي سياسي اُتساهه آڻڻ لاءِ، انقلابي سياست جو هُجڻ لازمي آهي. جنهن لاءِ گائيڊيڊ انقلاب جي ضرورت ناهي هوندي. ايتري وڏي معاشي انياءَ جي باوجود به معاشرن ۾ ڪنهن تبديليءَ جي پئدا نه ٿيڻ جو ٻيو مطلب اهو بيهي ٿو ته گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان مروج سياسي حالتن سبب سياسي سماج بيٺل پاڻيءَ وانگر بڻجي پيو آهي. جنهن ۾ تحرڪ اچڻ جهڙي اُميد نظر نٿي اچي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ عوام ۽ سياستدان ٻئي اهڙي ئي سياسي ڪلچر جا عادي بڻجي چُڪا آهن. جتان سماج ۾ سواءِ نعريباز سياسي ڪلچر جي ڪا تبديليءَ جي تمنا نٿي ڪري سگهجي. پر چرچل چيو هو ته: ”ڪاميابيون هميشه ناڪامين جي ڪُکِ مان ڦُٽنديون آهن.“ پر سنڌ لاءِ ڪڏهن اُهو سج، پيار وانگر پرهه جي پُڪار بڻجي اُڀرندو.؟ جڏهن سنڌ جا ماڻهو ڳريون سياسي قيمتون ڀرڻ کان پوءِ به سُڪون سان ساهه کڻي سگهندا. سنڌ هزارين سياسي ناڪامين کان پوءِ به پنهنجي سياسي واٽ جو تعين طئي ڪري ناهي سگهي. سنڌ جيتوڻيڪ پنهنجي قومي ڪردار ۾ اڄ به اجتماعي قومي شعور جا صحيفا سانڍي رکيا آهن. پر پنهنجي عملي اظهار ۾، اُن جي اُبتڙ سياست ۾ اڃان تائين ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه واري واٽ ورتي آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌي سماج، انتهائي خطرناڪ نفسياتي اثرن سبب اپاهج پڻي پاسي وڃي رهيو آهي. هڪ پاسي نظرياتي سياسي سوچ ۽ فڪر جو زوال آيو آهي. ٻئي پاسي، سنڌي سماج بي عمل ۽ اجتماعي قومي شعور مخالف سياسي قيادتن ۽ پارٽين جو عادي بڻجندو پيو وڃي. ٽين اهم ڳالهه جيڪا سنڌي سماج کي اُڏوهيءَ وانگر اندر کان کوٽي کائي رهي آهي. سا آهي ڪرپشن ۽ بي ايمانيءَ واري مزاج جو هيٺين سطع ۽ عام ماڻهن تائين مُنتقل ٿي وڃڻ. جيڪا ڳالهه ڪنهن به طرح سنڌي سماج جي بهتر شڪل ۽ صورت جوڙي نٿي سگهي. جهڙي طرح گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ مالي بي قاعدگين جو گراف عروج تي رهيو آهي. نتيجي طور اُن جا اثر سنڌ جي سموري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر سميت، سڄي سنڌ جي بُنيادي سهولتن جي اڻهوند جي طور تي سامهون آيا آهن. اُن جي هلڪي جهلڪ سنڌ جي شهرن جي تصويرن مان پسي سگهجي ٿي. جيڪي لاوارثيءَ سبب گٽرن ۾ تبديل ٿيندي نظر ايندا. اهڙي سڄي صورتحال ۾ جتي نه فقط اهڙي ڪرپشن جي بيماريءَ وارو مرض مٿين سطع تائين محدود رهيو آهي پر اهڙو مرض سنڌ جي مجموعي اجتماعيت لاءِ پڻ انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. ڪالهه تائين جنهن عمل کي سماجن لاءِ انتهائي بُرائي ۽ شرمناڪ ڳالهه تصور ڪيو ويندو هو. اڄ اهڙي عمل کي فخر واري انداز سان نه فقط ڪيو وڃي ٿو. پر اهڙي عمل کي پڇتاءَ وارو پاپ سمجهڻ بجاءِ، اهڙي عمل ڪرڻ تي پنهنجو قانوني حق تصور ڪيو وڃي ٿو. اهڙو لاڙو سنڌي سماج لاءِ مستقبل ۾ انتهائي حاڃيڪار ثابت ٿيندو. جنهن جا اثر هاڻي کان ئي ظاهر ٿي چُڪا آهن. جو هاڻ شفافيت واري واٽ اُڀن شيشن تي پنڌ جو نالو بڻجي پئي آهي. جڏهن ته مختلف پارٽين جي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي سياسي سگهه تي نفسياتي حملو ڪرڻ جهڙي مُنظم منصوبا سازي ڪئي وئي آهي. جنهن تي گُذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ ڪم ٿيو آهي. جنهن سان نظرياتي سياسي ڪارڪنن کي معمولي سِڪن ۽ ٺيڪن جو عادي بڻائي سنڌ جي رهيل سهيل مزاحمتي سياسي سگهه کي بنهه ڪمزور ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪڏهن سنڌ نظرياتي سياسي فڪري بُحران ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي ته ان ۾ وڏو عمل دخل اُنهن پارٽين ۽ تنظيمن جو به آهي، جن سنڌ جي نالي تي سنڌ جي نظرياتي سياست کي سِڪن عيوض خريد ڪري ورتو آهي. جنهن سبب سنڌ جي رُڃ مان رڙ اچڻ وارا انديشا ختم ٿي چُڪا آهن.
سنڌ لاءِ هلندڙ دور سنڌ جي سياسي سرينڊر جو دور آهي؟ جي ائين آهي ته سنڌي سماج جي سنجيدهه حلقن کي سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي لقاءَ ۽ حادثا سامهون اچي رهيا آهن. اُنهن سمورن لقائ ن ۽ حادثن مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سنڌي سماج سياسي سرينڊر جي دور مان گُذري رهيو آهي. اُهو سنڌي سماج جنهن کي گن اٽيڪ به جُهڪائي نه سگهي سو گولڊ اٽيڪ سبب پنهنجي مزاحمتي سياسي سگهه وڃائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته وفاق جون علامت بڻيل سياسي پارٽين جي موجودهه صفبنديءَ جو مُتبادل بڻجڻ جون خواهش رکندڙ قومپرست سياسي جماعتون به پنهنجي ڪمزور سياسي حڪمت عملين، غير سنجيدهه ۽ موقعي پرست سياسي ڪارڪنن سبب سنڌي ماڻهن جي اعتماد کي بحال ڪري سگهڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي ويون آهن. مسلم ليگ (ن) به کين آسرن جي ڦاٽل ڇٽي ڏيکاري، 7 نُڪاتي ايجنڊهه تي کين پنهنجي جهولي آڇي ٿي. جڏهن سمجهي ٿي ته اُنهن وٽ سياسي بارگيننگ ڪرڻ جيتري قُوت ناهي ته کانئن کِلي موڪلائڻ جيتري به مُهلت نٿي گُهري. اُن ئي مُسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ قومپرستن جي اتحاد جو بُرو حشر ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جي قومپرست سياسي سگهه جو اندازو لڳائي ورتو هو. تڏهن اُنهن آسانيءَ سان سمجهي ورتو هو ته ايوانن ۾ وڃڻ جي خواهش ڏيکاريندڙ، سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن جي سياسي سگهه ڪيتري آهي؟ نتيجي طور ايوانن ۾ وڃڻ واري رستي جي چونڊ ڪندڙ قومپرست جماعتن جي 7 نُڪاتي ايجنڊا کي مُسلم ليگ (ن) پنهنجي پارٽيءَ جي ڪنهن فائيل جو حصو به بڻايو آهي يا نه؟ پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر اها راءِ ضرور جُڙي آهي ته وفاق ۾ ويساهه رکندڙ سنڌ جي قومپرست پارٽين سنڌ جي مليل ٿوري گهڻي مينڊيٽ کي داءَ تي لڳائي، سنڌ جي سياسي راءِ جو احترام ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياسي حڪمت عملين سبب ئي پنهنجو پروفائيل خراب ڪري ڇڏيو. اُن پروفائيل جو تعلق سڌي طرح سنڌ آهي. سنڌي ماڻهن جهڙي طرح گُذريل چونڊن ۾ قومپرستن کي موٽ ڏني هُئي اُن جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. پر جيڪڏهن گُذريل سال ڏيڍ ۾ سنڌ جون اُهي قومپرست جماعتون، جيڪي وفاق ۾ وڃڻ ۽ ايوانن جي ذريعي سنڌ جي قسمت تبديل ڪرڻ جي خواهش کڻي جدوجهد ڪري رهيون آهن، سي سنڌ جي سنجيدهه حلقن جي راين، تنقيدن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾ پيش رفت ڪن ها ته شايد کين سنڌي سماج جي سياست جو وسيع ميدان ميسرٿي ملي ها. ليڪن قومپرست سياست جي اندر به وفاق جي وڏين پارٽين وانگر غرور ۽ تڪبر وارو عنصر ان حد تائين ڪاهي پيو آهي جو ڪنهن به تجويز ۽ تنقيد کي تحمل سان سهڻ بجاءِ اُن کي سوشل ميڊيائي مُهم جو حصو بڻايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ عرصي کان تبديليءَ واري سفر جي خُواهش رکي ٿي پر اهڙي تبديلي ڪهڙي ڪم جي جيڪا کين رستي جو صحيح تعين ڪرڻ ۾ مددگار بڻجڻ بجاءِ کين وڌيڪ تابعدار معاشري پاسي وٺي وڃي.
سنڌ جي سياسي ضمير کي سنجيدهه بڻجي سوچڻو پوندو ته سنڌي ماڻهن کي جاگيردار يا وڏيرڪي ڄار مان ڪڍڻ ۽ نظرياتي، فڪري سياسي سگهه ڏيڻ لاءِ اهڙي ڪنهن به روايتي رستي جي چونڊ کان پاسو ڪرڻو پوندو جنهن رستي تي هلڻ سبب ورهين کان سنڌي ماڻهو تابعدار معاشري واري زندگي جِي رهيا آهن، جنهن سبب اُنهن مان مزاحمتي سياسي ڏنگ به نڪري چُڪو آهي. اُن لاءِ اهو به ضروري آهي ته ڪنهن به ليگ يا تحريڪِ انصاف يا قادريءَ جي نامِ نهاد انقلاب جو آسرو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياسي سگهه جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ پنهنجي سياسي سگهه جي واضع رستي جي تعين سان ئي اڳتي قدم رکڻو پوندو. پنهنجي سياسي صفن کي سڌو ڪرڻ سان ئي گُهربل نتيجا نڪري سگهن ٿا. سنڌي ماڻهو تاريخ جي انتهائي سفاڪ حالتن ۾ جهڙيءَ ريت منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي عمل ۾ رُڳو نعريباز سياسي ڪلچر ئي ڪافي ناهي. پر پنهنجي پارٽين ۽ تنظيمن جي سياسي سگهه جو نئين سِر جائزو وٺڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪي اڄ سنڌ جون اقتدار جي آسري تي ويٺل قومپرست سياسي پارٽيون سوچي رهيون آهن دُنيا اُن کان گهڻو اڳتي سوچي رهي آهي. سياسي صنعتن ۾ نيون مصنوعات مارڪيٽن ۾ متعارف ٿي رهيون آهن. ائين نه ٿئي جو اسان ڪنهن جو نعم البدل ٿيڻ بجاءِ پنهنجي چال هلڻ به وساري ويهون. ايلون ٽافل ”فيوچر شاڪس“ ۾ صحيح لکيو هو ته: ” سياسي طاقت طور اُڀرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان جديد دور سان گڏ جيئون.“ دُنيا ۾ ايندڙ نين تبديلين لاءِ اسان ڪيترو تيار آهيون؟ اهو سمجهڻ لاءِ سياسي نظرياتي واٽ واري رستي کي وڃائڻ نه گُهرجي.