سنڌ جي ترقيءَ لاءِ 5 سال به وڏا آهن...
انهن سمورين حالتن ۾ جڏهن چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. تڏهن عوامي سطع تي سول سوسائٽيءَ کي پنهنجو ڪردار مضبوط طريقي سان ادا ڪرڻو پوندو ۽ عوامي سجاڳي ۽ شعور لاءِ زبردست حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن عوام ان قابل ٿي سگهي ته اهو پنهنجي پنهنجي تڪ تي اُميدوار جي صحيع چونڊ ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي هن 5 سالن واري دور جي پُڄاڻيءَ تائين به عوامي سطع تي جيڪي پيپلز پارٽيءَ سان عوام جون اُميدون وابسته هُيون، اُهي هڪ ڪوڙي آسري کانسواءِ ڪجهه به نه هُيون. جيڪڏهن اهو سلسلو ايندڙ 5 سالن تائين به رهندو ته عوام جون اقتصادي حالتون بدترين حد تائين پهچي سگهن ٿيون. اُن لاءِ خاص طور تي سنڌ جي سِول سوسائٽيءَ کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عوامي شعور هلائڻ لاءِ مضبوط مهم کي اُڀارڻو پوندو. هاڻ اهو وقت گُذري ويو آهي جو سنڌ هر ڀيري ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي زخم جي مرهم بڻجندي رهي. هن وقت سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ووٽ جو جائز حق استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو طئي ڪرڻو آهي ته اُهي جنهن اُميدوار کي ووٽ ڏين ٿا اُهي اُن کان 5 سالن جي ترقياتي منصوبي جو مطالبو ڪن ۽ لِکت ۾ وٺن ته اهو اُميدوار 5 سالن جي عرصي ۾ پنهنجي تڪ جون گهڻيون يونين ڪائونسلون مثالي يونين ڪائونسلون بڻائي سگهندو؟ ۽ سنڌ جي اهم اشوز جيڪي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن انهن تي ڪيترو واضع ۽ چٽو موقف رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟ سنڌ جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن تي پارٽيءَ جي ڊسيپلين کان مٿانهون موقف رکڻ جي جنهن اُميدوار ۾ صلاحيت هُجي ۽ لِکت ۾ عوام سان وچن ڪري ته اهڙي اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ گهرجي.
باشعور عوام طرفان سياسي پارٽين کان وچن وٺڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ۽ سنڌ جو عوام اُميدوارن اڳيان پنهنجي 5 سالن جي منصوبه سازيءَ جو چارٽ ڪجهه هن ريت به پيش ڪري سگهي ٿو ته سنڌ ۾ جيترا به صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر موجود آهن اُهي پنهنجي پنهنجي تَڪ جي هڪ هڪ يونين ڪائونسل کي هڪ سال لاءِ مثالي يونين ڪائونسل طور کڻندا ۽ اُن مثالي يونين ڪائونسل ۾ 100 سيڪڙو انساني آباديءَ کي روزگار مُيسر ٿيندو، اُن سلسلي ۾ ننڍا ننڍا ڪاروباري يونٽ ٺاهي بيروزگاريءَ جو خاتمو آندو ويندو. مقامي سطع تي موجود وسيلن جي بهتر مارڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا. يونين ڪائونسل جي سمورن پرائمري، مڊل توڙي هاءِ اسڪولن جي تعليمي نظام کي بهتر ۽ معياري بڻايو ويندو. صحت مرڪزن جي عمارتن کي بهتر بڻائي انهن ۾ سموريون سهولتون ميسر ڪيون وينديون. زرعي پئداوار جي واڌاري لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا. يونين ڪائونسل جي سمورن لنڪ روڊن کي بهتر ڪيو ويندو. سمورن ڳوٺن جي گِهٽين ۽ نالين کي پڪو ڪرائي انهن جي ڊرينيج جو نظام بهتر رکيو ويندو. چوپايي مال جي بهتر سار سنڀال لاءِ مقامي سطع جي ماڻهن کي تربيتون ڏنيون وينديون، جيئن اُهي پنهنجي مال کي وقت سِر ويڪسين ڪري سگهن ۽ انهن جي سار سنڀال ڪري سگهن. غريب ۽ غريب ترين گهرن جي ڪکاون گهرن کي پڪو ڪرايو ويندو. عورتن جي تعليمي ۽ هُنري صلاحيتن کي همٿايو ويندو ۽ نياڻين جي تعليم کي لازمي قرار ڏئي انهن لاءِ بهتر تعليمي نظام جون ڪوششون ڪيون وينديون ۽ کين تعليمي وظيفا ڏنا ويندا. غير آباد زمينن کي آباد ڪرائڻ ۽ پوڇڙ جي آبادگارن تائين پاڻيءَ جي پهچ کي يقيني بڻايو ويندو. زمينن ۾ وڻن جي پوکائيءَ کي اوليت تي رکيو ويندو ۽ گهرن ۾ ميويدار وڻن جي پوکائيءَ کي همٿايو ويندو ته جيئن ميون تائين عام ماڻهوءَ جي پهچ ممڪن ٿي سگهي . پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ گهرن جي حساب سان واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ لڳرايا ويندا. بيوهه ۽ معذور ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ اهڙيون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙيون وينديون جن سان انهن مان سماجي عدم تحفط وارو خوف ختم ٿي سگهندو. ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ عوامي سجاڳيءَ جي مهم هلائي ويندي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي ماڻهن جي راءِ يا صلاحن کي اوليت ڏئي اهڙي حڪمت عملي جوڙي ويندي جنهن سان نقصانن کان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي.
مٿي ڄاڻايل سمورا مسئلا اهڙا به ناهن جيڪي ممڪن ٿي نه سگهن. جيڪڏهن ڪو به اُميدوار ايوانن ۾ وڃڻ کان پهرين سماجي سرمايي جي تعمير ۽ مقامي ترقيءَ لاءِ عوام سان وچن ڪري ٿو ۽ اهو ڪنهن دستاويزي شڪل ۾ پيش ڪري ٿو ته پوءِ سمورا ڪم آسان ٿي سگهن ٿا ۽ انهن مسئلن جو حل ممڪن به آهي. هن وقت تائين وطن ڪارڊ، پاڪستان ڪارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارو کاتو کولجي ته ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو عوام کي خيرات ڏئي پنڻ جو عادي ڪيو ويو آهي جيڪا جٽادار ترقي ناهي. پر جيڪڏهن يونين ڪائونسل سطع تي مقامي ماڻهن جي شراڪت سان مٿي ڄاڻايل پروگرام ترتيب ڏنا ويا ته مستقل طور پائيدار ترقيءَ وارو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. اُن لاءِ ٿورو سوچڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هن وقت 160 صوبائي اسيمبلي ميمبر موجود آهن جن ۾ رِزروڊ سيٽن تي عورتن ۽ مردن جو تعداد به شامل آهي. جڏهن ته 78 سيٽن تي قومي اسيمبلي ميمبر موجود آهن جن ۾ رِزروڊ سيٽن تي ويٺل عورتون ۽ اقليتن جون سيٽون به موجود آهن. سنڌ جي ڪُل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جو تعداد 238 ٿئي ٿو. جنهن تعداد ۾ جڏهن ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ٽوٽل يونين ڪائونسلن جو تعداد 1108 آهي. جيڪڏهن رُڳو هڪ اُميدوار هڪ سال لاءِ هڪ يونين ڪائونسل مثالي يونين ڪائونسل طور کڻي ٿو ته سال ۾ 238 يونين ڪائونسلون مثالي يونين ڪائونسلون بڻجي سگهن ٿيون. 5 سالن ۾ مثالي يونين ڪائونسلن جو تعداد 1190 ٿيندو. پر جيڪڏهن شهري سيٽن خاص طور اردو ڳالهائيندڙ ۽ پختون آباديءَ واريون سيٽون ڪڍي به ڇڏجن تڏهن به 5 سالن ۾ 1108 يونين ڪائونسلن مان 800 يونين ڪائونسلن کي به جيڪڏهن 5 سالن ۾ مثالي يونين ڪائونسل طور بڻائي سگهجي ته اها ڪا ننڍڙي ڳالهه نه هوندي. پر هن 5 سالن واري ترقياتي منصوبي لاءِ سياست جا سڌا رستا طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته منفي سياست مفاد پرستيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائيندي آهي. مفادن کان مٿانهون ٿي عوامي سجاڳي ۽ ترقيءَ جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ غير ضروري پروٽوڪول وارين عياشين مان ٻاهر اچڻو پوندو ۽ هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت ڪرڻي پوندي جيڪو سماج پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ هميشه تنزل جي رستن تي ڀٽڪندو رهيو آهي. اُن کي جاڳائڻ لاءِ اُن جي هٿ مان عارضي مدد وارو ڪِشتو کسڻو پوندو ۽ مستقل ۽ پائيدار ترقيءَ پاسي وٺي اچڻو پوندو. ڇو ته عارضي مدد سان سماج مستقل سماجي اوسر پاسي وڌڻ بجاءِ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا آهن.
جيڪڏهن اسان واقعي به عوام سان وفاداريءَ جا وچن ڪريون ٿا ۽ انهن جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسون ٿا ته پوءِ ڪا حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي ڪو رستو ڳولڻو پوندو. اهڙو رستو جتي مستقبل جون واٽون ڌنڌليون نظر نه اچن. جتي چنڊ هن ديس جو اُداس آئينو بڻجي نه سگهي. جتي بُکن، ڏکن ۽ پيڙائن ۾ پُوريل ماڻهو پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اُگهي ڪنهن بهتر صبح جي سوچ کانسواءِ ئي سمهي نه پون. سنڌ کي اهڙي شاندار مستقبل ڏيڻ وارين سياسي پارٽين جي کوٽ ته آهي. پر عوام جڏهن اکيون پٽي اُٿيو ته پارٽيون پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻ ۾ دير نه ڪنديون. ڇا ڪا به پارٽي پنهنجي سياسي سلوگن ۾ ان وچن کي ورجائي نٿي سگهي ته عوام جي حقيقي ترقيءَ لاءِ ڪا منصوباسازي ٿيڻ گهرجي؟ ڪنهن به يونين ڪائونسل کي مثالي يونين ڪائونسل بڻائڻ لاءِ سال جي مُدت محدود نظر اچي ته اُن کي بيشڪ پنج سالن جي عرصي لاءِ ئي پنهنجي رٿابنديءَ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن واري عرصي ۾ 238 يونين ڪائونسلون ئي مثالي بڻجي پون. تڏهن به ٽوٽل يونين ڪائونسل جو گهٽ ۾ گهٽ 22 سيڪڙو 5 سالن جي عرصي ۾ ترقيءَ طور ڳڻپ ۾ اچي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ايندڙ 15 کان ويهه سالن جي عرصي ۾ سنڌ ترقيءَ جي ڪنهن روشن رستي تي اچي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ جي وڃايل وقت جو ازالو جيڪڏهن ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ به ڪيو وڃي ٿو ته اهو هن ديس جي ماڻهن لاءِ انقلابي تبديليءَ طور ڳڻيو ويندو.
سنڌ جو سياسي شعور هن موڙ تي هڪ نئون جنم وٺي رهيو آهي. جنهن جي دُکي دل ۾ ديس جي درد جا گونچ هاڻ وڌي گلاب بڻجي پيا آهن. هاڻ اهڙي سنڌ ۾ ووٽن لاءِ ويندڙ پارٽيون پنهنجا پروگرام واضع رکن. هو ائين نه سمجهن ته هن سٻاجهي سنڌ جا ماڻهو کين هميشه اهڙي مخلوق نظر ايندا جو هو کين ورثي ۾ مليل ملڪيتون سمجهي انهن جي احساسن سان تاش جي پتي وانگر کيڏندا رهندا. لارڊ ڪلائيو کان وٺي چارلس نيپئر تائين انگريزن کي اگهاڙيون گاريون ڏيندڙ سنڌي ماڻهو هڪ اهڙي سياسي ننڊ ۾ سُتل رهيا آهن جو هُنن کان اِهو وسري ويو آهي ته هو ڪهڙي سياسي سحر ۾ پنهنجون واٽون وڃائي ويٺا آهن؟! جڏهن سياسي سحر ۾ ڦاٿل سنڌ پنهنجي اکين تان ڪاريون پٽيون لاهي وڌيون ته پوءِ انهن جون ويران وستيون به شهرن جي شڪل ۾ تبديل ٿي وينديون. اهو ناممڪن ناهي. سنڌ پنهنجي سياسي رستي تي وائڙي وِک کڻڻ کان پهرين جڏهن اهو سوچي ورتو ته بااختيار ماڻهن بي ضمير فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ احتساب جي عمل جي ابتدا جو وقت اچي ويو آهي ته پوءِ هو اُهو فيصلو ڪندا جيڪو اُنهن جي حق ۾ هوندو. جيتوڻيڪ هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته عوام کي بُکيو رکي، بين القوامي ڪاروبار ڪندڙ سياستدان عوام جي مستقبل جا ضامن ناهن هوندا. جن جا ٻار ٻاهرين مُلڪن ۾ بهترين تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن کي صحت ۽ سماجي تحفظ جون ضمانتون حاصل آهن. پر لاچار ۽ بيوس بڻيل هي ماڻهو بنيادي انساني سهولتن کان محروم هڪ اهڙي دنيا جو حصو آهن جتي ٻه ويلا ماني به انهن لاءِ مسئلو بڻيل آهي. اهڙين حالتن ۾ اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هاڻ ايندڙ چونڊن ۾ اُميدوارن کان 5 سالن جي ترقياتي منصوبي لاءِ وچن ورتو ويندو. جنهن سان يونين ڪائونسل سطع تائين مثالي منصوبا جُڙي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان اهڙن منصوبن تي عمل ٿئي ٿو ته ايندڙ 5 سالن جي عرصي ۾ سنڌ جون معاشي حالتون ڪنهن قدر بهتريءَ جي دڳ تي رسائي سگهجن ٿيون.