ڪالاباغ ڊيم _ صوبائيت واري سياست جا وڌندڙ اثر...
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزيرشهباز شريف هن مُلڪ جي ٽن صوبن جي مخالفتن جي باوجود پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بچائڻ خاطر لاهور هاءِ ڪورٽ واري فيصلي جي ردِ عمل ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي. اهڙي موقف سان مسلم ليگ (ن) مٿان به صوبائي سطع جي پارٽيءَ جو ليبل لڳي چُڪو آهي. جڏهن ته پنجاب سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ احمد مختيار لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي ملڪ جي استحڪام جو مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان صوبن ۾ ويڇا وڌندا. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سمورن اڳواڻن جو ڪالاباغ ڊيم تي موقف قومپرستن جي موقف کان مختلف ناهي. پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ شرجيل ميمڻ جيڪو ڪيتري عرصي کان نواز ليگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو. تنهن کي به نواز ليگ ۽ قومپرستن جي سياسي پاليسين جي حوالي سان تنقيد لاءِ نئون موضوع ملي ويو آهي. ان سڄي سياسي راند ۾ هن وقت پيپلز پارٽي پنجاب جا اڳواڻ ڪالاباغ ڊيم تي وچٿرو موقف رکن ٿا. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي هِن اِشو کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪيش ڪرائي سگهي ٿي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان اقتدار جي عشق ۾ ڦاٿل قومپرست سياسي پارٽين جي ڪيل غلطين سبب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ماڻهن کي مايوسي ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رستي تي کڙيون ٿيل رُڪاوٽون دور ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.
سنڌي ماڻهن جي وڏي اڪثريت جيڪا ڪيتري عرصي تائين پيپلز پارٽيءَ کان مايوس هجڻ کان پوءِ به مسلم ليگ (ن) کي سيڪنڊ آپشن طور به سليڪٽ نه ڪيو هو. پر انهن چاهيو پئي ته قومپرست قيادت کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو سياسي اسپيس ملڻ گهرجي، جيئن اُهي سنڌ جي مسئلن کي ايوانن ۾ وڃي اُٿاري سگهن. پر اهڙي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ قيادتون ئي جڏهن پنجاب جي نمائنده پارٽيءَ سان ٺاهه ڪنديون رهيون ته سنڌ ۾ سياسي مايوسيءَ جي لهر جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه هو. پر قومپرست سياسي پارٽين طرفان اهي ترديدون ٿينديون رهيون ته انهن نواز ليگ سان اتحاد ڪري ڪا غلطي ناهي ڪئي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ وڃائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن رهيون. پر اهي ڳالهيون انهن 7 نُقاطي ايجنڊائن جو حصو هُيون يا نه جيڪي ماضي قريب ۾ ايس يو پي طرفان نواز ليگ سان اتحاد دوران طئي ڪيون ويون هُيون؟ جيتوڻيڪ قاف ليگ جيڪا مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم تي صوبن کي راضي ڪرڻ واري هلچل جو حصو هُئي. سا هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي پنجاب ۽ وفاق ۾ اتحادي بڻيل آهي. جنهن جا اڳواڻ قطعي طور به ڪالاباغ ڊيم تي وچٿرو موقف رکڻ بجاءِ هر حالت ۾ اُن جي حق ۾ بيان بازي ڪندا رهن ٿا.
جڏهن ته ان سڄي سياسي راند ۾ مستقبل جي سياست صوبائيت جو رنگ اختيار ڪندي نظر اچي رهي آهي. جيڪا سياسي صورتحال وفاق پرست سياسي پارٽين جي قطعي به حق ۾ ناهي. پر خود هن مُلڪ جي سياسي مُستقبل لاءِ پڻ اهو وڏو چئلينج آهي ته ٽن صوبن جي موقف کي رد ڪري هڪ صوبي جي راءِ کي وڌيڪ اوليت ڏني پئي وڃي. اهڙي صورتحال مُلڪ جي سياسي مستقبل کي هڪ اهڙي پاسي وٺي وڃي رهي آهي جنهن سان سياسي مبصرن جو خيال آهي ته هن مُلڪ جو وجود سلامت رهي نه سگهندو. جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي اندر مسلسل ڪالاباغ ڊيم بنائڻ لاءِ هڪ ئي جواز پيش ٿيندو رهي ٿو ته هي منصوبو مُلڪي توانائيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. ان تي طويل بحث مباحثا به ٿيندا رهيا آهن ۽ سنڌ جا ٽيڪنيڪل ماهر اُن جي حاڃيڪار اثرن کان وفاقي سرڪار کي آگاهه به ڪندا رهيا آهن ۽ وفاقي سرڪار هميشه هڪ جهڙو موقف اختيار ڪندي رهي آهي ته مُلڪ جي توانائيءَ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم ضروري آهي ۽ اُن لاءِ ٽن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. جڏهن ته اُصولي طور تي اها وڏي ناانصافي آهي ته ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي هڪ صوبي کي راضي رکڻ لاءِ ٽن صوبن جي اڪثريت کي اعتماد ۾ وٺجي. جڏهن ته ٽن صوبن کي راضي رکڻ لاءِ هڪ صوبي کي اعتماد ۾ وٺڻ بجاءِ هڪ صوبي جي هٺ ڌرمي ۽ ضديت جو ڪو مناسب حل ڇو نٿو ڳوليو وڃي؟ اُصولي طور ٿيڻ ته ائين گُهرجي جو ٽن صوبن جي موقف تي هڪ صوبي کي راضي ڪرڻ لاءِ مُلڪ جا دانشور، ٽيڪنيڪل ماهر ۽ وفاقي سرڪار کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پر افسوس جو مسلسل ان معاملي تي ٽن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ جهڙا جواز ڳوليا پيا وڃن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ سنڌ ٻن وڏن مسئلن ۾ ڦاسجي پئي آهي. هڪ پاسي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارو معاملو سپريم ڪورٽ جي اسٽي تي آهي ته ٻئي پاسي اوچتو ڪالاباغ ڊيم واري معاملي سبب گهڻن سياسي مونجهارن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي سنڌ ۾ ڪي به ٻه موقف ناهن. هاڻ سنڌ ته ان موقف کي به سنڌ جي حق ۾ نٿي سمجهي جو ڪنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ پنهنجي پارٽي پاليسيءَ جي پَت رکندي، اهو بيان ڏئي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي سلسلي ۾ سمورن صوبن جو راضپو ضروري آهي.“ جڏهن ته سنڌ فقط هڪ ئي موقف جي حق ۾ آهي ته ”کين ڪالاباغ ڊيم نه کپي.“ مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق) يا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ڀلي پارٽي پاليسين جي حدن ۾ ڦاٿل رهن پر وفاق جون علامت بڻيل سمورين پارٽين کي ان ڳالهه تي ويچارڻو پوندو ته اڪثريتي صوبن جي راءِ کي اوليت ڏئي پنجاب کي اُن جي هوڏ تان هٿ کڻائڻ لاءِ زور ڀرڻو پوندو. ڇو ته اڪثريتي صوبا ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ناهن. جيڪڏهن ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان نه ويچاريو ويو ته ملڪ اهڙي انارڪيءَ طرف هليو ويندو جتي وفاق جون علامت بڻيل پارٽيون به عوامي بغاوت کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجي نه سگهنديون.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست گذارن جي وڪيلن هاءِ ڪورٽ ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته ” ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي 2004ع ۾ چئني صوبن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي وئي هئي. جنهن ۾ هر صوبي مان ٻه ٻه ميمبر شامل ڪيا ويا . ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ سنڌ جي هڪ ميمبر سميت ست ميمبرن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي حمايت ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻئي واحد ميمبر اي اين جي عباسي ان جي مخالفت ڪندي اعتراض واريو هو ته ڪالاباغ ڊيم سان سنڌ جو پاڻي گهٽجي ويندو. جڏهن ته سمنڊ لاءِ به سنڌ کي ساليانو 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهربل آهي.“ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي واضح حمايت ڪندي چيو هو ته: ”ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪيو وڃي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم جي فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرائي وڃي، جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت مڪمل ٿيندي، ان وقت ڀاشا جو منصوبو به اڏاوت لاءِ تيار هوندو جنهن بعد انهي ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي سگهندي.“ درخواست گذار اظهر صديق پنهنجي دليلن ۾ چيو ته: ”آئين جي آرٽيڪل 154 تحت حڪومت ان ڳالهه جي پابندي آهي ته اها گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سفارشن تي عمل ڪري.“ درخواست گذار فيروزشاهه گيلانيءَ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته: ”انڊس بيسن فنڊ تحت به عالمي بئنڪ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي پابند آهي.“
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مختلف صوبن مان کنيل ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ به صوبن جي اڪثريتي عوام جي راءِ سان ٿيل نه هُئي. اها به مشرف ڪابينا جي مهربانين جو نتيجو هُئي. جنهن کي بنياد بنائي ائين چئجي ته ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي اڪثريتي ميمبرن جيئن ته ڊيم جي اڏاوت جي حمايت ڪئي آهي. انڪري ڊيم ٺهڻ لازمي آهي. اهو ائين ٿيو جو چئني صوبن مان پنهنجا هم خيال ٽيڪنيڪل ماڻهو گهرائي ڪو فيصلو ڪرائي وٺجي. بنيادي معاملو اڪثريت يا اقليت جو ئي آهي ته پوءِ ٽن صوبن جي اڪثريتي عوام جي راءِ جو احترام ڪندي، هڪ صوبي جي راءِ کي اهميت ڏيڻ جو باقي ڪو به جواز نٿو بچي. تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم وارو معاملو فقط سياسي ناهي پر اهو فني اعتبار کان به سنڌ کي بيابان ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته خيبر پختون خواهه کي ٻوڙي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي. جنهن تي چئني صوبن جي راضپي واري موقف واري راءِ رکي معاملي کي منجهائڻ بجاءِ ختم ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي سياسي قيادتن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌ اقتدار جي عياشيءَ کان مٿاهين آهي. اُهي ڪالاباغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي تي ڪي به ٻه رايا نٿا رکن. انهن جو موقف هڪ ئي آهي ته کين ڪالاباغ ڊيم منظور ناهي. انڪري پارٽيون پنهنجي اصولن ۽ ضابطن کي سنڌ جي اصولي موقف کان مٿاهون نه رکن. ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به اتحاد ڪرڻ کان پهرين سنڌ جي اشوز تي واضع ۽ لکت ۾ موقف وٺن. هونئن به سنڌ جيڪا ورهين کان مصيبتن جي منهن ۾ رهي آهي سا هاڻ اهو سمجهي ٿي ته انهن جا مسئلا سياسي پارٽين اقتدار خاطر مُفاهمتن ۽ مصلحتن هيٺ مُنجهائي ڇڏيا آهن. پوءِ اهو معاملو سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارو هُجي يا ڪالاباغ ڊيم جو معاملو هُجي. هر معاملي کي اقتدار جي حاصلات لاءِ ايترو منجهايو ويو آهي. جو انهن کي سُلجهائڻ لاءِ سياسي پارٽيون به سنڌ جي اهم ايجنڊا کي پاسي تي رکي پهرين پنهنجي اقتدار جي حاصلات جو سوچين ٿيون. جيڪڏهن سنڌ ڏانهن اهڙو سياسي موقف اختيار ڪيو ويو ته پوءِ اها طئي ٿيل حقيقت هوندي ته صوبائيت واري سياست جا رستا کُلي پوندا ۽ وفاق جون علامت بڻيل پارٽيون وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ به نه رهنديون. ڇاڪاڻ ته اُهي صوبائي سياست تائين محدود ٿي وينديون. جيڪو مُستقبل ۾ نظر به اچي رهيو آهي.