ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

گُلابن جو قبرستان...

1997ع ۾ جڏهن اسلام آباد جي ڀتين تي چِڙ ڏياريندڙ چٿرن جهڙي چاڪنگ ٿي رهي هُئي ته: ”افغانستان ڪي بعد... پاڪستان ..... طالبان طالبان“... تڏهن کان ڪابل جي گهٽين ۾ ٿيندڙ سازشن تي لبرل خيالن وارن ليکڪن اِهي خدشا ظاهر ڪيا هُئا ته ”اُها باهه جيڪا قنڌار، ڪابل ۽ جلال آباد کي شمشان گهاٽ بڻائي رهي آهي، سا باهه پاڪستان جي پُوري خِطي لاءِ ئي رُڳو خطرناڪ نه هوندي، پر اُها سڄي دُنيا جي دل ۾ اهڙي ڇيت واري اذيت بڻجي لهندي. جنهن تي عالمي قُوتون پنهنجي ڪيل غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهنديون.“ ڇاڪاڻ ته غير محفوظ پاڙي جا اثر محفوظ پاڙن کي به سلامت رکي ناهن سگهندا. ٻن ڏينهن کان آسٽريليا جي شهر ”سڊني“ ۾ داعش هٿان يرغمال ڪيل آسٽريليا جا شهري ۽ پوليس اهلڪار، اولهه جي ميڊيا جي سُرخين تي رهيا ته اوچتو ضربِ عضب جو انتقام اُنهن گُلابن کان ورتو ويو، جيڪي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندا هُئا. اُهي ٻارڙا جن کي آپريشن ضربِ عضب جي خبر به نه هُئي ته اُهو ”ضربِ عضب“ ڇا آهي؟ ليڪن ”ضَربِ عضب“ جو بدلو اُنهن جسمن کان ورتو ويو جيڪي اڃان ڪچين ڪلين ۾ گُلابي گونچ هُئا. جيڪي جوانيءَ جي سيڙهين تي پُهچڻ واري پنڌ کان پري هُئا. تن کي رت جو غسل ڏنو ويو ۽ کين سُفيد ڪفن ۾ ويڙهي دفنائڻ لاءِ اُنهن مائرن حوالي ڪيو ويو. جن اهو سوچيو به نه هو ته اُهي ٻارڙا هڪ رات جا مهمان آهن...! جيڪي سرد صبح جو اُٿي معمول مطابق پنهنجي اسڪولي ڪتابن سان سٿيل ٿيلها ڪُلهن سان لٽڪائي، مائرن جون مُحبتون ميڙي پڙهڻ لاءِ اسڪول پُهتا هُئا، پر پتيون بڻجي وکري ويا...!!
هڪ سوڳ جنهن کي ڪنهن ڪٿا ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي. اسڪول جي عمارت ۾ رُڳو رت هو، جيڪو بانبڙا پائي ڊوڙي رهيو هو. اُهي ٻارڙا جيڪي ٿاٻڙجي ڪِرندا آهن ته مائرن جون اکيون اُٿلي پونديون آهن. تن مٿان اي ڪي 47 جهڙن هٿيارن جهڙي ڪاري قيامت ڪيرائڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو؟ سواءِ ان جي ته ٻارڙن جي رت جي رستي جنت جي دروازن جون ڪُنجيون کين مِلڻيون هُيون. پر نائيجيريا کان وٺي، آسٽريليا ۽ ايران تائين ۽ شام، اڙدن، عراق کان وٺي پاڪستان تائين سڀ انتها پسند قُوتن جا پردا فاش ٿي رهيا آهن. جنهن تي بين الاقوامي ميڊيا ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته اُهي بُنيادپرست قُوتون فقط جهاد جي نالي تي ڪاروبار ڪري رهيون آهن. داعش، بوڪو حرام ۽ طالبان تائين سڀني بُنياد پرست گروهن جون ساليانا بجيٽون اربين ڊالرز ۾ آهن. صنعت ۾ تبديل ٿي ويل انتها پسنديءَ خلاف سڄي دُنيا جديد وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. ليڪن امن جي ساوَن سَلن جي اُميد ڌُنڌلي نظر اچي رهي آهي. جيستائين بُنيادپرستيءَ کي جڙ کان اُکيڙيو نه ويندو، تيستائين ڪنهن به آپريشن جي ڪاميابيءَ جا نتيجا سواليا نشان بڻيل هوندا. پشاور واقعو فقط آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارڙن مٿان حملو نه هو. پر اُهو حملو پُوري انسانيت مٿان حملو هو. جيڪو حملو طالبان ۽ ٻين انتهاپسند قُوتن جي اُن ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن ذهنيت کي ايڪيهين صديءَ ۾ ڪنهن مُهذب معاشري جي سڃاڻپ جو حصو ته قطعي قرار ڏئي نٿو سگهجي. 132 ٻارڙن جي گُلابن جهڙن جسمن مٿان گولين جو تصور ئي تڙپائي ڇڏي ٿو. اُهي ٻارڙا جن جي ساهه جي ستار کي اي ڪي 47 سان خاموش ڪيو ويو، جن جي رت کي رات جي اوندهه جي ڪاري چادر ڍڪي ڇڏيو. پر ڇا رات جي چادر هميشه وانگر رُڳو پاپ مٿان پنهنجا ڪارا پردا اُڇلائيندي رهندي؟ اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي مائرن جي ساهن جا سيپارا هُئا. جن کي ڪروڌي ڪاريهرن نمرود جي نظرن وانگر بمن ۽ گولين جي نفرت سان سُمهاري ڇڏيو. اُهي ٻارڙا جن جا ٽهڪ زندگيءَ جي علامت ۽ اڻپورين نظمن جي تڪميل هوندا آهن. جن جي چهرن جون چاندنيون بمن جي ڪاري دونهين ۾ دٻجي ويون. جن جا معصوم ٽهڪ گولين جي گجگاٽ سان سُمهاريا ويا. اُهي ٻارڙا جن رات جو خُوابن ۾ پوپٽ جي رنگن جهڙا خوبصورت خواب ڏٺا هُئا. جن موت کان ڪجهه گهڙيون پهرين پنهنجي مائرن کان مُرڪي موڪلايو هو، جن کي مُلڪن جي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هُئي، جيڪي جڏهن به ٽي وي اسڪرين اڳيان ويهندا هُئا، سي ”اوگي اينڊ ڪاڪروچز“، ”ڊوري مون“ ۽ ”ٽام اينڊ جيري“ جهڙا ڪارٽون وڏي شوق سان ڏسندا هُئا. جيڪي ”دهشتگردن جي دُنيا“ کان بنهه بي خبر هُئا. تن کي گُلابن جي قبرستان ۾ تبديل ڪيو ويو. اُهو آرمي پبلڪ اسڪول جيڪو طالبان هڪ گهڙيءَ ۾ ئي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو....! جيتوڻيڪ اُن اسڪول کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ معمول تي آندو ويندو. ميڊيا جي ٽاپ موضوع تان هٽي وڃڻ لاءِ به هن واقعي کي ڪي گهڻا ڏينهن لڳي نه سگهندا. ليڪن اُهو دشتِ سوس اُنهن مائرن جي دلين کي هميشه سوڳ بڻجي ساڙيندو رهندو. جن پنهنجي معصومن کي اسڪول جي عمرين تائين پُهچائڻ لاءِ ڪيترا نه ڪشٽ ڪاٽيا هوندا؟ اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي گهرن جا گُلدستا هُئا. جن کان سواءِ گهر ماتمڪدي وانگر مُرجهايل نظر ايندا آهن. هاڻ اُنهن گهرن ۾ اُهو سوڳ سڄي زندگي سُمهي رهندو. اُنهن گهرن ۾ رُڳو والدين ئي غم جي اذيت ۾ نه هوندا پر اُهي رانديڪا به يتيم بڻجي رهجي ويندا. جن کي ڇُهڻ لاءِ هاڻ معصوم هٿڙا ئي نه هوندا. آرمي پبلڪ اسڪول جي اُنهن گُلابن جي قبرستان مٿان سياسي بيان به ايندا. شهيد ٿي ويل گُلابن جي وارثن سان تعزيتن جا سلسلا به جاري رهندا، جيڪي هڪ عرصي کان پوءِ گُمناميءَ جي گود جو حصو بڻجي ويندا. زندگي وري سوڳ مان اُٿي وهندڙ ندي بڻجي ويندي. ليڪن هڪ طويل رات اُنهن گهرن ۾ هميشه ٽِڪي پوندي. جن گهرن جي سونهن اُجڙي وڃڻ جي اذيت سڄي زندگي ساڻ کڻي جيئندي.
هڪ طويل عرصي تائين ڪنهن وڏي دهشتگرد واقعي جي رونما نه ٿيڻ سبب پاڪستان جي عسڪري طاقتن ۽ دُنيا اِهو پئي سمجهيو ته پاڪستان اندر بُنياد پرستيءَ جا قلعا ڪمزور ٿي چُڪا آهن. پر ايتري گهڻي ساهيءَ پٽڻ کان پوءِ انتهاپسندن جون تياريون ايترو عُروج تي پُهچي وينديون؟! ان جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. اسان ميڻ بتين جي آسري تي امن جي روشنيءَ جو طويل سفر شروع ڪيو هو، ليڪن اِهو سوچيو ئي نه هو ته ميڻ بتين جو عُمريون ئي مُختصر ٿينديون آهن. اسان اهو وساري ويٺا هُئاسين ته پهرين عالمي جنگ لڳ ڀڳ چار سال هلي 21 سالن کان پوءِ ٻي عالمي جنگ ڇڙي جيڪا ست سال هلي، جنهن جي پُڄاڻي 1945ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن جپان جي ٻن وڏن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ مٿان آمريڪا طرفان ايٽم بم اُڇلايو ويو ۽ نتيجي ۾ هڪ لک ويهه هزار انسان موت جو شڪار بڻجي ويا. ٻن سالن جي ساهي پٽڻ کان پوءِ دُنيا سرد جنگ جي سوڙهين گهٽين ۾ 47 سالن تائين ديوانن وانگر رُلندي رهي. جيڪا گورباچوف جي گلاسنوسٽ تي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهتي. پر پوءِ جو دور ڪنهن ساهي پٽڻ کان سواءِ ئي اُن جنگ جو دور آهي. جنهن کي ”گرم جنگ“ چئون ته جائز آهي. جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. اُن ”گرم جنگ“ ۾ انتهاپسندي بانبڙا پائي، جوان ٿي آهي. جنهن سمورين سفاڪين جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. جن هالي ووڊ جي فلم Enemy at the gates ڏٺي هوندي. سي ”اسٽالن گراڊ“ جي اُن محاصري کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. جنهن ۾ ويسلي ۽ نتاشا جي مُحبت جي ڪهاڻي آهي. جيڪا ڪهاڻي انساني رت ۽ بارود مان ڦُٽي پيل ڪنهن گُلاب جهڙي لڳي ٿي. ليڪن پشاور جو واقعو اُنهن 132 ڪهاڻين جهڙو آهي هر ٻارڙو خود هڪ ڪهاڻي هو. جنهن کي جيئڻو هو، وڻن وانگر وڌڻو هو. ليڪن اُن کي زندگيءَ جي ڪونڊيءَ مان ڪڍي اُڇلايو ويو. ٻي عالمي جنگ ۾ اُسريل ادب مان هرمن ووڪ جي ناول The Winds of War جو هڪڙو ڪردار اُهو سپاهي به هوندو آهي، جيڪو دٻلين ۾ ڪيترن مُلڪن جي مِٽي گڏ ڪندو آهي. جن ۾ فرانس، آفريڪا، اٽلي ۽ تُرڪي به شامل هوندا آهن. تنهن کان ڪو ساٿي سپاهي پُڇندو آهي ته ”اها مِٽي ڇو ٿو کڻين؟“ هُو ٿڌو ساهه ڀري لڳ ڀڳ سُڏڪي چوندو آهي ته: ”هر ديس جي مِٽيءَ جو پنهنجو درد به ٿيندو آهي..!! آهه! هنن مُلڪن جي مِٽيءِ جي درد کي ڪو ترتيب به ڏئي سگهي...!!“ پاڪستان سميت سڄي دُنيا مٿان ”گرم جنگ“ جا اهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. جن جي خاتمي خاطر پينٽاگان کان بيجنگ ۽ دليءَ کان ڪابل ۽ اسلام آباد تائين وڏا بحث ٿين ٿا. منصوبا جُڙن ٿا. انتها پسنديءَ کي جڙ کان ڪٽڻ لاءِ بجيٽون منظور ٿين ٿيون. ليڪن انتهاپسند قوتون پهرين کان وڌيڪ مُنظم شڪل ۾ سامهون اچن ٿيون. ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪو واقعو هن ديس جي ڪنهن گهٽيءَ ۽ چوڪ مٿان قهر بڻجي ڪڙڪي ٿو ۽ انساني جسمن جا عضوا هوا ۾ پنن وانگر پکڙجي وڃن ٿا. مُلڪي سياسي ۽ عسڪري ادارا دهشتگردن جي پاڙ پٽڻ جا واعدا ڪن ٿا. ليڪن بي ڏوهه مخلوق هڪ پاسي بُک بدحالي ۽ سياستدانن پاران عوام جي سُک ۽ سلامتيءَ ۾ عدمِ دلچسپيءَ سبب تڙپندي رهي ٿي، ته ٻئي پاسي دهشتگرد عوامي هُجوم وارن هنڌن تي خودڪش حملن جي صورت ۾ انساني جانين مٿان شدت سان حملو ڪري تباهي مچائيندا رهن ٿا. جنگ جي هلندڙ هن دور ۾ انتهاپسنديءَ جو اهڙو ڀوائتو روپ، هن دُنيا پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. ماضيءَ جي جنگين جا ڪي اُصول هُئا. سرينڊر ڪندڙ سپاهين، ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ ڪنهن قدر بين الاقوامي جنگي قانون موجود هُئا. ليڪن هن ”گرم جنگ“ جا ڪي به قانون ناهن. جتي معصوم ڪنولن جا ڪنڌ مروڙي پنهنجي مخصوص مذهبي مائينڊ سيٽ ٻين مٿان مڙهيو وڃي ٿو. اُهي ٻارڙا جيڪي آسمان ۾ ننڍڙن چمڪندڙ ستارن جهڙا نظم پڙهندا هُئا، سي خود هڪ نوحو بڻجي ويا. جيڪي پنهنجي مائرن سان گڏجي ”بي بي، ييس ماما“ جهڙا ٻاراڻا نظم سِکندا هُئا. تن لاءِ اڄ به اُنهن جون مائرون پاڳلن وانگر خاموش بڻجي ويل ٻارڙن مٿان بيهي چپن ۾ ڀُڻڪي چونديون رهن ٿيون ”بي بي...!!“ ليڪن ”ييس ما ما...!!“ جهڙو جواب کين ملي نٿو سگهي. جواب ڏيڻ وارا اُهي ٻارڙا خاموش آهن. جيڪي درد ڀريون يادون ڇڏي ويا، اُنهن گهرن ۾، جن گهرن ۾ پيار مان کين مُختصر نالن سان سڏيو ويندو هو ۽ هُو ڊوڙون پائيندا، کلندا، ڪڏندا ايندا هُئا، اُنهن هنجهن ۾ جتي کين ڀاڪر ۽ معصوم چُميون ملنديون هُيون. جنهن جا سڀ ٻار عادي هوندا آهن. ليڪن هن مُلڪ جي سياست، جيڪا جوڙ توڙ کان سواءِ جِي ناهي سگهندي سا دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪڏهن سنجيدهه ٿيندي؟ اُها دهشتگردي جيڪا هن مُلڪ سميت سڄي دُنيا کي اُڏوهيءَ وانگر کائي رهي آهي. جيڪا هاڻ ان حد تائين انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي چُڪي آهي، جنهن کان پتڪڙا پڙهندڙ ٻارڙا به محفوظ ناهن. هن وقت سڄي دُنيا سوڳ ۾ آهي. جنهن جي نقشي مٿان رت جي هڪ لڪير ڇڪبي رهي ٿي. اُها رت جي لڪير جنهن ۾ رُڳو درد آهي، انساني پيڙا جا پاڇا آهن، ٻارڙن جو چيخون آهن. اُهي ٻارڙا جن لاءِ فيض فلسطيني ڪيمپ ۾ نظم لکي هُئي.
مت رو بچي،
تيرا ڀائي
اپني خُواب ڪي تتلي پيچهي
دُور ڪهين پرديس گيا هي.
اڄ جڏهن پشاور جا پاڇا اُداس آهن، شهيد گُلابن جي سوڳ ۾ پشاور جون بازارون به سُڏڪا ڀري روئي رهيون آهن. هر ماءُ جي اک آلي آهي. اُها ماءُ پوءِ سنڌ جي هُجي، يا پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي هُجي. آمريڪا جي هُجي يا چين ۽ تُرڪيءَ جي، ليڪن اُنهن جو درد ساڳيو آهي. ماءُ جون مُحبتون ٻارڙن سان هڪجهڙيون ئي هونديون آهن. سڀ مائرون اهڙي سوڳ تي پنهنجي آلين اکين سان هِن دُنيا کي دهشتگرديءَ ۽ بُنياد پرستيءَ کان آجو ڏسڻ چاهين ٿيون. اُهو آجپو کين تڏهن ئي مِلي سگهندو. جڏهن دُنيا جون سياسي قُوتون دهشتگرديءَ خلاف هڪ ئي آواز بڻجي سگهنديون ۽ مُلڪي عسڪري قُوتون اِهو سمجهڻ لڳنديون ته هن مُلڪ کي قومپرست سياسي ڪارڪنن مان خطرو ناهي پر اُنهن انتهاپسند قُوتن مان آهي. جيڪي، ضربِ عضب جو انتقام ”گُلابن جا قبرستان“ بڻائي وٺڻ چاهين ٿيون.