ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

وساريل عوام ڏانهن سياستدانن جي واپسي...!

آمريڪا جي سانوري صدر باراڪ اوبامه آمريڪي صدر بڻجڻ کان پهرين سينيٽ جي چونڊن واري مهم دوران آمريڪي عوام جون دليون ان جملي سان ئي کٽي ورتيون هُيون. ته:"Everybody knows politics is a contact sport" (هر ماڻهو سمجهي ٿو ته سياست رابطن جي راند آهي.)
اُها راند جيڪو کيڏي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو ڪامياب سياستدان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سياست رابطن جي راند نه هُجي ها ته هن وقت 5 سالن جو عرصو پورو ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کي عوام وٽ وڃڻ لاءِ ايتري شرمساريءَ سان منهن ڏيڻو نه پوي ها ۽ نه ئي کين سنڌ ۾ ايتري سياسي جوڙ توڙ وارا پَتا کيڏڻا پون ها. پر هن مُلڪ جو سياسي مزاج به ڪجهه ان طرح جو رهيو آهي جو عوام کي اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهندڙ پارٽيون عوام کان پري رهيون آهن. پر پوءِ به مصيبتن جو ماريل ۽ بيوهه جي اکين وانگر اُداس عوام، وري به ايندڙ اليڪشني موسم ۾ ٿڌن واعدن تي ويساهه ڪري پنهنجي مُستقبل کي آسرن جي اُس ۾ ساڙڻ جا سانباها ڪندو رهي ٿو. پورا پنج سال پري رهندڙ ۽ عوام جي اُداس اکين جون گهٽيون گهمڻ لاءِ وقت نه هُجڻ جهڙا بهانا ڪندڙ سياستدان جڏهن انهن غريبن جي ڳوٺن ۾ گهڙندا ته انهن مسڪينن جي چهرن تان مايوسيون موڪلائي وينديون. هو اهو وساري ويهندا ته گُذريل پنج سالن جي اذيت ۾ انهن جي گهرن جا چُلها ڪيئن ٻري سگهيا هُئا؟ ڪيئن انهن جا پيارا گُذريل ٻوڏن ۾ انهن جي سامهون ڪکن پنن وانگر پاڻيءَ ۾ ترندا رهيا هُئا. ڪيئن نه تيل جي قيمتن جي واڌ سبب اُنهن جي خريداريءَ جي سگهه سندن ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ڪيئن نه سنڌ کي مفاهمتن جي تيلين سان ساڙي پنهنجي اقتدار جو عرصو پورو ڪيو ويو هو. هُو پنهنجون سموريون رنجشون روايتي طرح دل جي گودڙيءَ ۾ ويڙهي وجهي ڇڏيندا ۽ وري اهڙن آسرن جي اُس ۾ سڙڻ لاءِ ٿڌن واعدن جو سهارو وٺندا. جيڪي کين خوابن جي خوبصورت دنيا ڏيکاري سندن رستن تي شيشن جا فصل پوکي ڇڏيندا. وري انهن ماڻهن لاءِ سُڃ جي سفر جي شروعات ٿيندي ۽ وري سنڌ جي ڳوٺن جا ماڻهو اپاهج ٻار جي اکين وانگر ورهين تائين انهن ماڻهن جو انتظار ڪندا. جيڪي اسيمبلين جي عمارتن ۾ گهڙڻ کان پوءِ اقتدار جي نشي ۾ پنهنجون اکيون پُوري ڇڏيندا آهن. اهو سلسلو هن مُلڪ جي قيام کان وٺي هلندڙ آهي. سياست جي اهڙي لُٻيل ڪاروبار جو سلسلو هلندو ئي رهندو. عوام جي آڱوٺن تان اڃان مَسُ جا نشان ئي ناهن مِٽبا اُميدوارن جي دلين تان عوام بي وفا محبوب جي ڪيل واعدن وانگر وسري چُڪو هوندو آهي. اسيمبلين جون عمارتون آباد ٿينديون وري خالي ٿينديون، وري نوان پُراڻا چهرا ساڳي ذهنيت سان ايندا ۽ اسيمبلي عمارتن کي آباد ڪندا رهندا. ائين اهو سلسلو هلندو رهندو. عوام جي انتظار جي صبح ڪڏهن ٿيندي؟ ڪڏهن هي ماڻهو بيحسين جي ڀاڪرن مان ڇوٽڪارو ماڻيندا؟ ڪڏهن انهن جي اڱڻن تي خوشين جي ڪنوار پنهنجا پير رکندي؟ سياست جي سينواريل ۽ گدلي پاڻيءَ مان شفافيت جي ڪنولن جي اميد ته عرصي کان هي عوام رکندو آيو آهي. پر جنهن مُلڪ ۾ چونڊون فقط اقتدار جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ کان پوءِ پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي حاصلات واري نيت سان وڙهيون وينديون هُجن. اُتي عوام سان رابطن جي سلسلي کي برقرار رکي اُنهن جي اُداس اکين ۽ مُرجهايل چهرن تي خوشيون موٽائي اچڻ جهڙو وهنوار ڪيئن هلي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته جن مُلڪن ۽ قومن وٽ سياست سڀ کان وڌيڪ مُشڪل ۽ ڏکيو وهنوار هُجي. پاڪستان ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ آسان ڪاروبار آهي. اهو آئنسٽائين جنهن ڪائنات کي ذرڙن ۾ تلاش ڪيو هو. تنهن به “سياست کي فزڪس کان وڌيڪ ڏکيو ۽ پيچيدهه سبجيڪٽ” قرار ڏنو هو. پر عوام جي اندر جون گهٽيون گهمڻ ۽ انهن جي زخمن تي پيار جون پَٽيون رکڻ وارو ڪم، انهن سياسي سوداگرن کان ڪيئن ٿيندو؟ جيڪي عوام جي آسائتين اکين کان ايستائين اوجهل رهندا آهن. جيستائين وري انهن جي موٽڻ جي موسم ناهي ايندي. اُها موسم هاڻ وري موٽي آئي آهي. عوام سان رابطن جي راند واري موسم ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ اليڪشني مهمون هلنديون. جلسا ٿيندا. ديوارن تي عوام سان ڪوڙن واعدن جا بينر وري لڳايا ويندا. وري عوام جي آڱوٺن تي مَسُ جا نشان لڳندا ۽ ائين سڀ ڪجهه ٿيندو رهندو جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي. پر نه بدلبيون ته اُنهن گهرن جون حالتون نه بدلبيون، جن گهرن جي اڳرن تي سُتل ڪيترن ئي ڪنولن جي اکين جا تارا ورهين کان بُک ۽ بدحاليءَ سبب ڪوماڻيل آهن. تاريخ جو بدترين الميو ته اهو آهي جو ننڍڙن ننڍڙن چورن لاءِ سزائن جا طويل سلسلا آهن پر وڏن ڦورن لاءِ پاور ۽ پروٽوڪول جون دنيائون آباد آهن ۽ پبلڪ آفيسن جا در انهن لاءِ هميشه کُليل ئي رهندا آيا آهن.
دنيا جي مهذب معاشرن ۾ جتي بيلٽ باڪس ڪنهن بُليٽ (گوليءَ) کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. سجاڳ سماجن ۾ اُن بيلٽ باڪس سان عوام جون قسمتون سلهاڙيل هونديون آهن. جنهن جي دُرست استعمال سان معاشرا ترقيءَ جا رستا طئي ڪندا آهن ۽ پنهنجي قيادتن کان انهن جي ڪيل ڪم جي ڪارڪردگيءَ جا پُڇاڻا ڪندا آهن. اُهو بيلٽ باڪس اسان جهڙن معاشرن جي ماڻهن تي بُليٽ (گوليءَ) وانگر استعمال ٿيندو رهيو آهي. هونئن به بيلٽ باڪس کي بُليٽ طور استعمال ڪندڙ سياسي پارٽين وٽ سياسي طاقت ۽ عوامي رنگ جي اڻهوند ئي ته هوندي آهي. تبديلي اها ناهي جيڪا بيلٽ باڪس ۾ ڪنهن نشان تي اڱوٺو لڳائڻ سان ايندي هُجي. اصل تبديلي ته اُن وقت اچي سگهي ٿي جڏهن عوام احتساب جي عمل کي صحيح معنى ۾ سمجهي وٺي ۽ چونڊيل نمائندن کان سندن ڪيل ڪمن جي ڪارڪردگيءَ جو پُڇاڻو ڪرڻ جي شروعات ڪري. جن معاشرن جو عوام پنهنجي اُميدوارن کان سندن ڪارڪردگيءَ جو پُڇاڻو ڪندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ بيلٽ باڪس اهڙي بُليٽ وانگر هوندو آهي. جنهن جو منهن سياسي قيادتن جي سينن ڏانهن هوندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ سياست جو سبجيڪٽ فزڪس جي دنيا کان گهڻو پيچيدهه هوندو آهي. پر پاڪستان جهڙي معذور معاشري ۾ سياست جو سبجيڪٽ علمي دنيا جي سمورن موضوعن کان وڌيڪ سڦل سمجهيو ويندو آهي. سياست ۾ عوامي اصولن تي سوديبازين جون روايتون فقط اسان جهڙن غريب معاشرن ۾ ڪنهن موذي مرض وانگر اسان جو پيڇو ڪنديون رهن ٿيون. جيڪڏهن اسان سياست کي آرٽ سمجهون ٿا ته ڇا آرٽ خراب به ٿيندو آهي؟ آرٽ ته اذيت کان سواءِ حاصل ٿي ناهي سگهندو. اُها اذيت جيڪا پنهنجي ذات جي دائري کان دور ناهي ٿيندي. پنهنجي ذات جي دائري کان دور اذيت ظلم پئدا ڪندي آهي. جنهن جي تپش جا اثر سماجن تي ظاهر ٿيندا آهن. دنيا جا وڏا آرٽسٽ به اڪيلي سِر اذيتن مان گُذري ڪنهن شهپاري جا تخليقڪار بڻبا آهن. اسان جهڙن سماجن ۾ سياست آرٽ نه پر اهڙي اذيت آهي جيڪا سياستدانن جي ذات واري دائري مان نڪري عوام جي اُمنگن ۽ حسرتن کي مسلسل ساڙي رهي آهي. اُهو ڪهڙو آرٽ آهي جيڪو عوام جي دلين ۾ نفرتن جو زهر اوتي ڇڏي؟ اهو آرٽ نه پر انسانن مٿان اذيت مسلط ڪرڻ آهي. آرٽ ته اهو آهي جيڪو مردهه دلين لاءِ مسيحا بڻجي وڃي. جيڪو عوام جي دلين کي فريبن سان فتح ڪرڻ بجاءِ، انهن جي اونداهين دلين کي سچ جي ڏياٽين سان روشن ڪري. آرٽ ته اونداهين مان روشنين طرف هڪ ڇلانگ هوندو آهي.
سياسي تماشن جي جهان کي جيئرو رکندڙ سياسي پارٽين کي ڪهڙي خبر ته عوام جي سهپ جي به هڪ حد هوندي آهي. جيڪڏهن عوام جي سهپ جون زنگجي ويل زنجيرون ٽُٽي پيون ته سياسي مذاقن وارا محل ريتيءَ سان کڙيون ڪيل اهڙيون عمارتون ثابت ٿيندا. جيڪي عوام جي طاقت جي اسرافيلي ڦوڪ سان پاش پاش ٿي وينديون. اُن اسرافيلي ڦوڪ کي ئي انقلابي تبديلي سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سچ اهڙي باهه آهي جيڪا روشنين ۽ شعلن سان ڳالهائيندو آهي. عوام اهڙي سچ کي سمجهي ورتو ته هن سماج جي تبديليءَ ۾ ڪا دير نه لڳندي. ڇاڪاڻ ته عوام جڏهن سچ جي سڃاڻپ ڪري ورتي ته اُهو فقط هڪ ڀيرو مرڻ کي ترجيح ڏيندو. ماڻهو جيڪي سياست جي سنگينين هٿان روز جيئن ۽ مرن ٿا. جتي انهن جي احساسن جو موت معمول هُجي! غربت جي پل پل ۾ گُذارڻ وارو موت انهن جو مقدر بڻيل هُجي!! ان حد تائين جوسياسي آسرن جي اُس ۾ جيئڻ جو موت انهن کان اُٿڻ جي سگهه به کسي وٺي. اهڙي موت کان وڌيڪ اهميت ته اُن موت جي هُجڻ گهرجي. جيڪا کين هڪ ڀيرو وڙهي مرڻ واري موت جي صورت ۾ ملي وڃي. اهڙو موت جيڪو جنگ ۾ مري ويلن جي حصي ۾ ايندو آهي. ڦڙو ڦڙو ٿي جيئڻ کان بهتر آهي ته انسان پنهنجي جياپي جي آزاديءَ جو موت قبول ڪري.!!
ايندڙ اليڪشنون به ماضيءَ جي حقيقتن کان مختلف نه هونديون. جڏهن پارٽي قيادتن پنهنجي اقتدار جا عرصا پورا ڪري ماڻهن ڏانهن موٽ کاڌي آهي وري کين نون واعدن جا لاليپاپ ڏيڻ لاءِ پنهنجين گاڏين جا رُخ انهن ڳوٺن ڏانهن ڪيا آهن. جتي زندگي تبديل ٿيل نظر نٿي اچي پر زندگي ساڳئي بيٺل پاڻيءَ وانگر سينواريل محسوس ٿئي ٿي. جتي ماڻهن جي مقدر جي لڪيرن مان خوشحاليءَ جي لڪير نڪتل نظر اچي ٿي. پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جون سياسي حالتون هاڻ اهڙي موڙ تي بيٺل آهن جتي عوامي سجاڳيءَ جي دور جي ابتدا نه ٿي سگهي ته شايد سياسي حالتون به اهڙين گهٽين ۾ گُم ٿيڻ پاسي هليون وڃن. جتي عوامي راڄ جي نالي تي پنهنجا ازلي مفاد حاصل ڪندڙ حڪمرانن جي حاڪميت ٿوري گهڻي فرق سان هميشه برقرار رهي. عوامي اک جڏهن کُلندي آهي ته دنيا جي ڀاري بُرجن کي به لوڏي ڇڏيندي آهي. هي وقت به تبديلي جي تمنا رکندڙ ماڻهن لاءِ اهڙو موقعو آهي. جيڪو موجودهه سياسي ڍانچي جي لات منات کي مِٽائي سگهي ٿو. اها شايد اسان جي ڀُل هوندي جو سياسي حالتن جو تجزيو ڪرڻ وقت اسان ماضيءَ جي سياسي قصن وارين مزارن مٿان ويسر جو ڳرو پٿر رکي اهو سمجهون ته هاڻ عوام هميشه اونداهيءَ ۾ رهندو. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته اصل طاقت عوام آهي ۽ عوام جي طاقت بندوق جي بيرل کان ٻاهر هوندي آهي.