ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

گاديءَ واري شهر ۾ هي ڪنهن جو جهنڊو پيو جهولي؟

هاڻ هي مُلڪ اُها قيمت وياج سميت ڀريندو، جيڪا قيمت ضياءَ ۽ اُن جي حمايتين ۽ اُن کان پوءِ به هن مُلڪ جي حُڪمرانن پنهنجا دائمي مُلڪي مُفاد داءَ تي لڳائي ٻين مُلڪن جو دفاع ڪري وصول ڪئي هُئي. ورهاڱي کان پوءِ وڏي بدنصيبي اها پلئه پئي ته هڪ پاسي لياقت علي خان جي رُجعت پرست سياست کي هٿي ملي ته ٻئي پاسي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي انتهاپسند ذهنيت اڳيان آئي. ائين هن مُلڪ جي سياست مٿان اُها سوچ قابض رهي. جنهن رياستي معاملن کي مذهب کان سواءِ هلائڻ کي ڪُفر پئي تصور ڪيو. لڳ ڀڳ مُلڪ ٺهڻ جي ٽن ڏهاڪن کان پوءِ اُن ذهنيت ئي ڀُٽو خلاف هلندڙ تحريڪ کي هٿي ڏني (اُها جُدا ڳالهه آهي ته ڀُٽو اسٽيبلشمينٽ جي هر معاملي کي اولين فرض سمجهي پُورو ڪرڻ جي باوجود به قبول ٿي نه سگهيو). جنرل ضياءَ جي حدود آرڊيننس، مذهبي نعرا ۽ مدرسن جا بُنياد به اُن ذهنيت جو ئي تسلسل هُئا. اسان ڪڏهن به بهتر سماج جا بُنياد رکڻ لاءِ سنجيدهه ئي ناهيون رهيا. اسان ته هر دور جا ”بخشو“ آهيون. سوويت- افغان جنگ ۾ ڪنهن جي جيت ٿي ۽ ڪنهن جي هار؟ اهو بحث ته هاڻ پُراڻو بڻجي چُڪو آهي پر اُن جنگ ۾ آمريڪا جا دادلا ”بخشو“ ته اسان بڻيا هُئاسين. سڄي عرب دُنيا جن جنگين ۾ آخري دستي ۾ به شامل نه رهي. اسان اهڙين پراين جنگين ۾ به هر اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسان هر جنگ کي ڪُفر ۽ اسلام جي جنگ سمجهي وڙهياسين. اسان مُلڪ اندر صاف سُٿري سماج لاءِ ڪوششن وٺڻ بجاءِ، ڪرپشن جا نوان طريقا ايجاد ڪياسين. عوام بُک ۽ غربت ۾ به اسان سان گڏ بيٺل رهيو. ڪميونسٽ ڪافرن سان وڙهڻ کان وٺي ڪشمير جي مظلوم عوام تائين، اسان مُلڪي عوام کي جيڪي نعرا ڏنا عوام اُنهن نعرن جي نينهن ۾ اسان کان ڪُجهه به طلب نه ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ عوام سان ويساهه گهاتيون ٿيون. سماجي استحصال اهڙي سطع تي پُهتو جو مُلڪ جي سياستدانن لاءِ اخلاقي سرٽيفڪيٽ به جاري ٿيڻ لڳا. ”ٽين پرسنٽ“ کان وٺي، ”پاناما پيپرز“ ۽ ”ميمو گيٽ اسڪينڊلز“ تائين جهڙا تمغا جاري ٿيڻ لڳا. پر عوام پوءِ به صبر جي رسيءَ مان هٿ نه ڪڍيو. جڏهن مُلڪ جا ترقي پسند ۽ لبرل خيالن جا ماڻهو حُڪمرانن جي داخلي ۽ خارجي مُلڪي سياسي پاليسين تي تنقيدون ڪندا رهيا ته اُنهن جي مُحبِ وطنيءَ مٿان آڱريون کنيون ويون. کين مُلڪي مُفادن کي ڇيهو رسائيندڙن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو پئي ويو. جيتوڻيڪ مُلڪ جي ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل خيالن جا ماڻهو ڪا نئين ڳالهه نه ڪري رهيا هُئا. اُهي ته اُها ئي ڳالهه ڪري رهيا هُئا. جيڪا ڳالهه مُلڪ جو باني 11 آگسٽ 1947ع واري پنهنجي مشهور تقرير ۾ ڪري چُڪو هو. جنهن ۾ هُن اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي هُئي. جنهن ۾ هُن واضع طور تي چيو هو ته: ” وقت گُذرڻ سان گڏ هندو هندو نه رهندا نه ئي مُسلمان مُسلمان رهندا. مذهبي حوالي سان نه، ڇاڪاڻ ته مذهب هر فرد جو ذاتي ۽ انفرادي عقيدو آهي پر اُهي سياسي طور هڪ ئي رياست جا شهري هوندا.“ جڏهن ته مُلڪ کي لڳ ڀڳ 70 سال ٿي چُڪا آهن پر اڄ به مذهبي نفرتون گهٽجي ناهن سگهيون اڄ به اقليتن جا حق هن رياست ۾ محفوظ ناهن. فرقي پرستيءَ جي بُنيادن کي هٿ وٺي ڀڙڪايو پيو وڃي. اهڙين سازشن کي ناڪام ڪرڻ جون ڪي به سنجيدهه ڪوششون نظر نه اچي رهيون آهن. ورهاڱي کان پوءِ مذهب جي نالي تي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ واري ذهنيت اڄ به موجود آهي. عبادتگاهن جي نالي تي زمينن مٿان قبضي واري ذهنيت اڄ جي ناهي. اُها ورهاڱي کان به اڳ جي آهي. جن مُقدس نالن جي آڙ ۾ مذهب کي صنعت سمجهيو سي اڄ به اهڙي ذهنيت سان موجود آهن. پر هاڻ ته اُهي ماڊرن شڪل اختيار ڪري چُڪا آهن. جنهن کي گهڻي پذيرائي ضياءَ جي دور ۾ ملي. ڪابل، قنڌار ۽ مزار شريف کي آجو ڪرڻ وارو ڪم اسان طالبان جي مدد سان ڪرڻ لڳاسين. جيڪا اسان جي حُڪمران اشرافيا پاليسي اختيار ڪئي. اُن پاليسيءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ اڄ اسان پاڻ ڦاٿل آهيون. ڪابل، قنڌار ۽ مزار شريف کي فتح ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اسان پنهنجي مُلڪ جا اندروني معاملا به ٺيڪ ڪرڻ جي حالت ۾ ناهيون رهيا. ڪالهه جن کي ڪميونسٽ ڪافر سمجهي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئاسين ۽ سندرا ٻڌي اُنهن سان وڙهياسين اڄ اُنهن جي فوجي جٿن سان مشقون ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي. ”ڊونلڊ ٽرمپ“ پاڪستان مُتعلق جيڪي پاليسي بيان ڏئي رهيو آهي. اُهي اُن جا ذاتي بيان ناهن. اُهي بيان آمريڪا جي پاڪستان ڏانهن مجموعي طور اُها روش آهي. جيڪا ”ڊونلڊ ٽرمپ“ جي ذريعي ظاهر ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسان اڃان به پنهنجي روين ۾ سُڌارا نه آندا ته چين به اسان جو مُستقل دوست رهي نٿو سگهي. اسان جو ڪو به مُستقل دوست انڪري به رهي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته اسان هر ڪنهن جا ”بخشو“ بڻجي پنهنجو ڪم ٽپائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل هوندا آهيون. سڄي دُنيا جي مظلوم مُسلمانن جي ڳڻتي مُسلمانن جي مرڪز سعودي عرب کي به ناهي رهي. جيتري ڳڻتي اسان جون دليون ڳاري رهي آهي. هزارن جي تعداد ۾ هزاره ڪميونٽيءَ جا ماڻهو مارجي رهيا آهن، اوليائن جون مزارون، مسجدون ۽ امام بارگاهون محفوظ ناهن جتي خودڪش بمبار حملو ڪن ٿا ته انساني عُضوا مهينن تائين ڳولڻ کان پوءِ به هٿ اچي نٿا سگهن. ليڪن اسان پنهنجي اندروني معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ بجاءِ روهينگا مسلمانن لاءِ رڙيون ڪندا رهون ٿا. جن کي سعودي عرب جهڙو مُلڪ ڪا مدد آڇڻ لاءِ ته پري جي ڳالهه آهي پر کين دهشتگرد سڏي رهيو آهي. اُهو سعودي عرب جيڪو اسان جهڙي پڪي مسلمان مُلڪ جي ماڻهن کي شهريت ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر اسان جي هڪ لک 22 هزار پورهيتن کي رُڳو گُذريل 18 مهينن دوران پنهنجي مُلڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي. آمريڪا، برطانيا تي ته ميار ئي ناهي اُهي ته مُلحد اسان جهڙن پڪن مُسلمانن کي برداشت نٿا ڪري سگهن. ليڪن سعودي سميت، ايران، مُتحده عرب عمارات، عمان، ملائيشيا ۽ تُرڪي به اسان جي پياري وطن جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ته چين به اسان جي ماڻهن کي پنهنجي مُلڪ ۾ رهائڻ لاءِ تيار ناهي. ليڪن اسان هر مُسلمان کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پوءِ اُهي هتي اچڻ کان پوءِ اسان سان ڪهڙو به سلوڪ ڪن. اُن جي نتيجن کان اسان ڪنهن به قسم جي پرواهه ناهيون ڪندا. اهو فقط اتفاق ناهي پر اها به سوچيل سمجهيل سازش آهي. جيڪا اسان عارضي مُفادن خاطر اهڙي سازش جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهيون ۽ پاڻ کي مُستقبل جي وڏن خطرن ۾ وجهي رهيا آهيون. جڏهن سوويت – افغان جنگ هلي رهي هُئي ته اسان افغانين کي ڳوٺ اڏي ڏناسين. جتي هر قسم جو غير قانوني ڪاروبار ٿيندو رهيو. اهو ڄاڻڻ جي باوجود به ته اسان ان عمل سان مُلڪ جي مُستقبل سان کيڏي رهيا آهيون. پر پوءِ به اسان ان سلسلي کي جاري رکيو. اڄ اُهي ئي افغان بستيون ۽ ڳوٺ آهن جيڪي دهشتگردن جا وڏا سهولتڪار بڻيل آهن. جن مان هاڻ جند ڇڏائڻ جي باوجود به ڇڏائڻ جي حالت ۾ ناهيون رهيا. اسان کي پنهنجي پاليسين ۾ تبديلين آڻڻ جي اڃان به ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته اسان مذهب کي سياسي مُفادن جي استعمال جو طريقو سکي ورتو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو اعتدال پسند قُوتون اسان کي دُشمن محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون. جيتوڻيڪ آمر طاقتون جيڪي پنهنجي فڪري خيالن ۽ نظرياتي موقف جي مخالفت بنهه برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن رهنديون. جيڪي اهڙي مُخالفت کي مُلڪي مُفادن خلاف سمجهنديون آهن. سي اسان جي صلاحن ۽ مشورن جون مُحتاج ناهن رهيون. اُهي پاڻ کان وڌيڪ طاقتورن جي معمولي دڙڪي تي وڌيڪ لبرل بڻجي وينديون آهن. اُن جو وڏو مثال نائين اليون هو. جڏهن آمريڪن ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ”رچرڊ آرميٽيج“ رُڳو اشارو ڪيو ته اسان کان وڌيڪ ۽ سڀني کان وڌيڪ اعتدال پسنديءَ جون حامي اُهي قوتون بڻجي بيٺيون هُيون. هاڻ جڏهن اڌ دُنيا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳي آهي تڏهن به اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پوءِ باقي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي؟ اسان مُلڪ کي اعتدال پسند ۽ لبرل رياست بڻائڻ ڇو نٿا چاهيون. اڄ جڏهن مُلڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ ”داعش“ پنهنجا جهنڊا هڻڻ شروع ڪيا آهن. تڏهن رياست جي سموري مشينري ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جيتوڻيڪ مُلڪ جا سنجيدهه سياسي حلقا مُسلسل ان ڳالهه تي بحث ڪندا رهيا آهن ته ”داعش“ مُلڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ته اڳواٽ ئي انتهاپسندن جي اک تي رهيا آهن ۽ لڳاتار نشانو بڻبا رهيا آهن. پر جڏهن سنڌ ۾ شڪارپور، سيوهڻ ۽ ڪراچيءَ کان 121 ڪلوميٽر بلوچستان واري علائقي دريجي تعلقي ۾ جڏهن انتهاپسندن هٿان معصوم انسانن جو خون وهيو هو. تڏهن به سنڌ جي اعتدال پسند ڌرين حُڪمرانن جي ڪمزور حڪمت عملين تي ڪڙي تنقيد ڪئي هُئي. جڏهن ته قومپرستيءَ جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ ڄامشوري جي تعليمي اداري مان نوجوان ڇوڪرين جي ”داعش“ ۾ شموليت جا انڪشاف ٿيڻ لڳا هُئا ۽ نورين لغاري لاهور مان هٿ ڪئي وئي هُئي تڏهن به سنڌ پنهنجا اعتراض رکيا هُئا. ليڪن حُڪمران اهڙن اعتراضن تي اکيون پُوري ويٺل رهيا. هن وقت اُها ”داعش“ جيڪا انتهاپسنديءَ جي عُروج تي پُهتل آهي. جيڪا اعتدال پسنديءَ کي ڪُفر قرار ڏئي ٿي سا جڏهن فرشتن جي شهر ۾ جهنڊا لڳائي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿي ته ان معاملي تي قطعي به اکيون پوري نٿيون سگهجن ته اُها ”داعش“ مُلڪ جي گاديءَ واري شهر کي ڪنهن وقت به لوڏي سگهي ٿي. تنهن ڪري مُلڪ جي با اختيار ڌڻين کي هن معاملي تي اکيون ٻُوٽي نه ويهڻ گُهرجي. اهو معاملو ايترو سنگين آهي جو سُڀاڻي هي مُلڪ ڪنهن دُشمن مُلڪ جي بجاءِ انتهاپسندن هٿان يرغمال بڻجي سگهي ٿو.