ڪالم / مضمون

خوابن جي آزادي

لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4008
  • 630
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جي آزادي

سنڌ لاءِ اصل عيد سياسي تبديليءَ ۾ آهي

اها برِ صغير جي بد قِسمتي چئجي يا قومن جي الحاق دوران ڪيل واعدن جون سياسي بي وفائيون چئجن يا سنڌ جي سياست جو ڪنهن ڪاري نانگ هٿان ڪَکِجڻ چئجي. پر جڏهن سياست جي مٿان ايماندار قيادت جا هٿ هٽي ويندا آهن. تڏهن اُها اهڙي يتيم ٻار وانگر بڻجي پوندي آهي. جنهن جي پالنا در در جا ڌِڪا کائيندي ٿيندي آهي ۽ اُن جي نتيجي ۾ اُهو ٻار اڳتي هلي اُن سماج جي هنجهه کي ڪيترو سائو ڪندو؟ اُن بحث ۾ اُلجهڻ بجاءِ، اڄ ان ڳالهه تي ويچارجي ته خوشي ۽ خريد کان محروم بڻجي زندگي گُذاريندڙ انسانن جو وڏو انگ اڄ به تقدير جي تلوار هيٺان زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي رهيو آهي. هن مُلڪ جي قيام کان وٺي اڄ تائين 6 ڏهاڪن کان مٿي عرصو گُذرڻ جي باوجود به سنڌي سماج پنهنجي سياسي ارتقا مان نڪري بلوغت جي دور ۾ داخل ٿيڻ جي باوجود به ڪا اُجري باک ڏسڻ کان محروم رهيو آهي. اُن جي بُنيادي سببن ۽ نفسياتي ڪارڻن ۽ نتيجن تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. پر سنڌي سماج گهڻ طرفين مُشڪلاتن سبب ڪمزور سياسي حڪمت عملين ۽ موقعي پرست سياسي قيادتن جي چالاڪين سبب اڳتي نڪرڻ بجاءِ، وڌيڪ مُشڪل حالتن ۾ ڦاسندو رهي ٿو. سنڌ جا ڳوٺ ۽ وسنديون اڄ به بيواهه عورت جي ڀڳل ڪنگڻن، اُداس اکين ۽ اڻڀن وارن وانگر نظر اچي رهيا آهن. جن جي اڱڻن تي اڄ به بُک مُستقل مهمان وانگر ترسيل آهي. جيڪي ٻن ويلن جي مانيءَ خاطر مُناسب اُجوري ملڻ لاءِ پريشان آهن. سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور سوشل ميڊيا تي ٻه چار جُملا لکي، مهانگين هوٽلن ۾ ورڪشاپن ۾ طويل تقريرون ڪري، پنهنجو بُنيادي سياسي ڪردار نڀائڻ واري ناٽڪ ۾ مصروف آهي. عوام مٿان حُڪمرانيءَ جو حق رکندڙ پارٽيون، عوام جي فڪر ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي سياسي پوزيشن مُستحڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جن وٽ سياست جو مطلب اهڙي صنعت بڻجي ويو آهي، جيڪا پنهنجي بيلنس شيٽ ۾ پرافٽ جي گراف کي هر وقت مٿي ڏسڻ چاهيندي هُجي. کين اُن عوام جو ڪيترو فڪر هوندو، جن جي ٻارڙن جون وحيون اڄ به اسڪول وڃڻ بجاءِ مال چاريندي، چڙهي وڃن ٿيون. جيڪي نٽهڻ اُس ۾ پنهنجي پٿر بڻجي ويل پيرن ۾ سالن کان سنڀالي رکيل جُتي انڪري نٿا پائين، جيئن اُهي اُن جُتيءَ مان چار عيدون چڱيءَ طرح ڪڍي سگهن. شهرن جي پرائيم لوڪيشنس تي شيشن جي دوڪانن ۾ ڊسپلي ٿيل مهانگا ڪُڙتا ته اُنهن جي پڙڏاڏن تائين ڪنهن خواب ۾ به نه پاتا هوندا. سندن گهرن جي اُجرت ايتري آهي جو کين پنهنجا کيسا ايتري به اجازت نٿا ڏين جو، سائيڪل تي سالياني اوڌر تي ڪپڙو وڪرو ڪندڙ پٺاڻ کان عيد جو نئون لٽو وٺي لڱن تي پائي سگهن. سي سالن کان سنڀالي رکيل جُوتا ۽ ڪپڙا ڪاٺ جي پيتين مان ڪڍي پائيندا رهن ٿا. هي جڳ جنهن کي عيد سمجهي ٿو اُها عيد اُنهن انسانن جي اکين ۾ سُڪل نديءَ جي واريءَ وانگر هوندي آهي. بس رسم خاطر پنهنجا روح ريجهائي، پنهنجن سان مِلي موٽندا آهن. سندن ٻارڙن جي هٿن تي پنهنجن کان ايتري ئي خرچي مِلي سگهندي آهي. جنهن سان کين پنهنجي پسند جي ڪاشيءِ به مِلي ناهي سگهندي.
اُهي انسان جيڪي سال جا سمورا ڏينهن روزي سان هوندا آهن. سي رمضان جي روزن کي وڏي نعمت سمجهندا آهن. کين پُختو ايمان هوندو آهي ته مهيني جي بُک سندن آخرت کي اُجاري سگهي ٿي. سال جي سڄي بُک ته سياست جي سُڪل سسٽم سبب سندن حصي ۾ ايندي آهي. جيڪو نظام ورهين کان کين بُک ۽ غربت جي خاتمي جو آسرو ڏئي ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ سندن اُجهاميل چُلهن کي مُنهن ورائي موٽي ناهي ڏسندو. اهڙي نظام جي اذيت واري زندگي فقط سنڌي سماج جي حصي ۾ ئي آيل آهي. سال ۾ رمضان شريف جا روزا ته مذهبي طور اُنهن انسانن کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ به هوندا آهن، جيڪي هڪ ويلو ماني نه کائڻ سبب پنهنجو پاڻ کي ڪمزور تصور ڪرڻ لڳندا آهن. جيئن کين اُنهن بُکايل انسانن جو احساس ٿي سگهي. جن جو بُکئي پيٽ سُمهڻ ته روز جو معمول بڻيل هوندو آهي. پر سڄي رمضان ۾ جهڙي طرح مُقدس مهيني کي به اشتهار بڻائي اُردو چينل پرافٽ واري پروفيشن کي هٿي ڏيندا رهيا. اُن مان ته ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هن مُقدس مهيني کي به مُنافعي بخش ڪاروبار سمجهي سرمائيدار اکين جون نظرون پنهنجي پرافٽ جي بيلنس شيٽ ۾ ئي کُتل رهيون. سنڌ حڪومت پاران قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ورتل اُپاءَ روايتي طور سياسي بيانن ۽ اخبارن تائين محدود رهيا. جهڙي طرح ٻين سماجي، انساني ۽ قومي مُفادن ۽ امن امان جي بِگڙيل صورتحال تي سنڌ سرڪار مُجرماڻي ماٺ جو شڪار رهندي پئي آئي آهي. اهڙي طرح ماڻهن جي معاشي مسئلن تي سندن غفلت واري رِوش ۽ نظراندازيءَ واري رويي جي توقع ته هُئي. پر جهڙي طرح واپاري عام واهپي جي شين مٿان پنهنجي مرضيءَ جون قيمتون مڙهي، ماڻهن جي رهيل سهيل مالي سگهه نپوڙيندا رهيا. جن مٿان سنڌ حُڪومت جي ضابطي جا هٿ بلڪل بيوسيءَ جي زنجيرن سان ٻڌل نظر آيا. اُتي اهڙن حُڪمرانن مان وڏن سياسي فيصلن ۽ عوام کي بُک ۽ بدحاليءَ مان ڪڍڻ جهڙي توقع رکڻ اجائي آهي. عوام جي مليل مينڊيٽ جي ايتري سطع تائين لتاڙ جو تصور نه هو. جنهن سطع جي لتاڙ موجودهه سياسي دور جي حالتن ۾ ٿي رهي آهي. مُلڪ جي 67 سالن جي ڄمار ۾ عوام جي بُنيادي مسئلن جي حل لاءِ حُڪمرانن وٽ ڪهڙا ترقياتي پئڪيج آهن؟ اڃان تائين اُنهن جي روين ۽ خيالن مان به سماجي ترقي ۽ انساني ڀلائيءَ جهڙا پروگرام اُنهن جي ترجيعن ۾ شمار ٿي ناهن سگهيا. نه ئي اهڙي نيت ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن تائين نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته مُفاهمتن ۽ مصلحتن جي آڌار تي هلندڙ سياسي پسمنظر مان هڪ ڳالهه واضع ٿي آهي ته مُختلف پارٽيون پنهنجي اقتدار جي عرصي کي پُورو ڪرڻ لاءِ سياست ڪنديون رهن ٿيون ۽ اندروني سياسي رساڪشيءَ ۾ عوام سندن نظراندازيءَ جو نشانو بڻجي ورهين کان ڀوڳيندو رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ کين وڌيڪ آزمائڻ واري پهاڪي جو پاسو نٿا وٺون. ڇاڪاڻ ته گُذريل 67 سالن کان اقتدار تي ويٺل حُڪمران، عوام جي اکين ۾ ڳالهين جي ڌوڙ جو سُرمو پارائيندا پيا اچن. پر عوام جي مُعاشي حالت تبديل ناهي ٿي نه ئي سندن حصي ۾ عيدن جهڙيون خوشيون آيون آهن.
عيد ته اُنهن ٻارڙن لاءِ هوندي آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي ننڍڙي ۽ مُختصر دُنيا تائين محدود هوندا آهن. جن جي معصوم ذهنن مٿان سماجي بوجهه جا بار ناهن پوندا. جيڪي گُلن ۽ پوپٽن جي رنگين دُنيا ۾ گُم هوندا آهن. جن جي ٽهڪن جي پاڪيزگيءَ مٿان غمن جي ميراڻ جا پاڇا پئجي ناهن سگهندا. ليڪن جن ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ ئي پوڙهائپ جو نانگ ڪَکي ويندو آهي، سي سڄي زندگي پنهنجي حياتي پوڙهائپ ۾ گُذاري ڇڏيندا آهن. سي پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني به پوڙهائپ جو قيدي بڻجي گُذاريندا آهن. اُهي ٻار فقط وساميل چُلهن جي صحنن ۾ پوڙها ٿي پئدا ٿيندا آهن. جن کان سماج جو طبقاتي فرق سڀ ڪجهه ڦُري وٺندو آهي. اُهي پنهنجي جنم کان ئي اذيت ڀري زندگيءَ جي ابتدا ڪندا آهن ۽ قبر تائين سُک جو ساهه کڻڻ سندن حصي ۾ ناهي ايندو. اُنهن لاءِ هر عيد رواجي طرح گُذري ويندي آهي. ٻارڙا ته اُهي به آهن جن جا پورهيت پيءَ عيد رات به اُنهن اميرن وٽ پنهنجي جائز رهيل مزدوري وٺڻ لاءِ منٿون ڪندا آهن. ٻارڙا ته اُهي به آهن جن جا والدين پنهنجي پُوري ڪٽنب سان اُنهن زمينن جا سينا ساوا ڪندا آهن. جن زمينن جي اُپت مان وسنديءَ وارن جي شهرن وارا گهر سُکي ستابي زندگي گُذاريندا آهن. پر اُهي هاري عيد کان اڳ ڳوٺن مان اُڌارا ڪِرايا وٺي اُنهن اميرن جي درن وٽ آباد سرونٽس ڪوارٽرن وٽ چند سِڪن لاءِ انتظار ۾ سڙندا رهندا آهن ۽ موٽ ۾ کين ايترو ئي ملندو آهي، جنهن مان عيد واري ڏينهن تي مُناسب ماني کائي سگهندا آهن. اُن کانسواءِ کين عورتن جا پُراڻا لٿل لَٽا ۽ اسٽورن ۾ سڙندڙ پُراڻيون جُتيون ۽ ٻارڙن جا پُراڻا ڪپڙا کين خيرات ۾ ڏئي روانو ڪيو ويندو آهي. باقي ڏنل پئسن جو حساب اُنهن کان فصلن تي وصول ڪيو ويندو آهي.
اهڙي طبقاتي ناانصافي ته سنڌ جو نصيب بڻيل آهي. جنهن سبب نه رُڳو سڄو سماج پنهنجو توازن وڃائي چُڪو آهي پر وڏي معاشي بدحالي جي بُحران سبب، ماڻهو انتهائي قدم کڻڻ تي به مجبور بڻيل آهن. جنهن جو عڪس روز مرهه جون اخباري سُرخيون پيش ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن جو وڏو انگ بيروزگار بڻيل آهي ۽ هرسال سنڌ جا تعليمي ادارا اهڙن بيروزگار نوجوانن جون فيڪٽريون بڻجي کين ڄڻينديون رهن ٿيون. جن لاءِ حُڪومتي سطع تي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪا مضبوط پاليسي يا سنجيدهه حڪمت عملي نظر نه اچي رهي آهي. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ وڌندڙ آئسوليشن کي روڪي سگهجي. روزگار جي سلسلي ۾ حُڪومت جي غير سنجيدهه اُپائن ۽ غير موثر حڪمت عملين کي ڏسي،مايوس رهڻ بجاءِ، نوجوانن پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن جي آڌار تي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ پناهه ورتي آهي. پر اُن پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائڻ ۽ اُنهن جي ڪارڪردگيءَ جي حوصلا افزائي ڪرڻ بجاءِ، انهن جي به رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي. جن جا سوين مثال موجود آهن. هڪ پاسي سرڪاري سطع تي گريڊ جي حساب سان نوڪرين جا اگهه مُقرر ٿيل هُجن. جيڪي نوڪريون ملنديون هُجن، اُنهن ۾ به ميرٽ جي بُري طرح لتاڙ ٿيندي هُجي ۽ ڪانٽريڪٽ جي روائيز ٿيڻ جا امڪان به ڌُنڌلا نظر ايندا هُجن. اهليت ۽ معيار سرڪاري ادارن مان پرديسي پکيئڙن وانگر پرڙا هڻي اُڏامي چُڪي هُجي. اُتي خُدا جي خلق لاءِ نوڪرين جا دروازا هميشه بند رهڻ فطري ڳالهه آهي. غربت ۽ بدحاليءَ سبب ماڻهن جي معاشي حالت بدترين سطع تي پُهتل هُجي ۽ مخصوص طبقو ئي هن سماج ۾ ساهه کڻڻ جو حقدار بڻيل هُجي. اهڙي مايوس ڪُن صورتحال ۾ عيدن جهڙيون خوشيون مذهبي رسم بڻجي رهجي وڃن ٿيون. حقيقي عيد ته هن سماج جي تبديل ٿيڻ سان آهي ۽ اهڙي سماج اڏڻ سان آهي. جتي هر ٻار جو مُنهن محرومين سبب مُرجهايل نه هُجي، جتي ٻارڙن جون خوشيون غم جي پڃرن جون قيدي بڻجي نه سگهن. پر اهڙي سُڪون جا ساوا کيت بڻجي پنهنجون خوشيون سيليبريٽ ڪري سگهن، جو اُڀ جا ستارا به اُنهن جو استقبال ڪندا رهن. اُهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو. جڏهن اسان سياسي سماج ۾ سياست کي صنعت سمجهڻ واري روش جي رستا روڪ ڪري، نئين سنڌ لاءِ، صحيح معنى ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪنداسين. تڏهن ئي سنڌ جي نصيب ۾ اُها عيد ايندي. جنهن عيد کي پنهنجي اکين سان پسڻ لاءِ لُڪن جا لُوساٽيل چهرا ورهين کان انتظار ڪري رهيا آهن ۽ اُهو ڏينهن ايترو پري ناهي.