ڪراچي ڪنهن جو شهر آهي؟
پرديسي پکيءَ وانگر
مان ته پنهنجي ڳوٺ ۾ سُمهندو آهيان
هڪ مُسافر وانگر
اُها ڪراچي هن ديس واسين لاءِ اوپري نه هُئي. اُها ڪراچي سنڌ واسين لاءِ بارش جي پهرين بوند وانگر انهن جي اداس من تان مايوسين جي مَر لاهي ڇڏيندي هُئي. اُن ڪراچيءَ سنڌين جي دلين مٿان خوف جي ڪاري ڪڪر جي چادر نه چاڙهي هُئي نه ئي انهن جي اولاد لاءِ ڪراچيءَ جي درسگاهن جا در بند ڪيا ويا هُئا. پر هيءَ اها ڪراچي هُئي. جنهن جو مزاج مجموعي سنڌ جي تهذيب جي نمائندگي ڪندو هو. جيڪا سنڌ جي مجموعي تهذيب ۽ ڪلچر جو آئينو هُئي. ڪا به اهڙن ماڻهن جي اڪثريت اُن ڪراچيءَ ۾ نه رهندي هُئي جيڪا نسلي طور پنهنجو پاڻ کي برتر سمجهي ۽ اصلوڪي آباديءَ کي نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ جا سانباها ڪندي هُجي. اُها ڪراچي جنهن جي سيني ۾ هڪ معصوم دل ڌڙڪندي هُئي، سا اوچتو ئي اوچتو رت ۽ بارود جي باهه ۾ ڪيئن بدلجي وئي؟ ڪيئن اُن جي جوانيءَ جا ڪتاب يونان جي شهر ”ٽراءِ“ وانگر ساڙي رک ڪيا ويا؟ اُهو شهر جيڪو ڪيترن سالن کان خوني کيل جي باهه ۾ ڀسم ٿي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ امن انسانيت جي تحفظ جو امين هوندو آهي. امن کان سواءِ زندگيءَ جو تصور خوبصورت ٿي ئي نٿو سگهي. پر اهڙو امن جيڪو مفاهمتن جي قيمتن تي حاصل ٿيندو هُجي. اهڙو امن بدامنيءَ کان وڌيڪ بدتر هوندو آهي. اهڙو امن جيڪو سنڌ جي سلامتيءَ جي ڪُکِ ۾ خنجر هڻي حاصل ڪيو وڃي. اهڙي قيمت تي قائم ٿيندڙ امن، ڪڏهن به پائيدار سلامتيءَ جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي. اُها ڪراچي جيڪا سياست جي مُقدس نالي تي مافيائن جي قيدي بڻجي وئي آهي، اهڙي قيد جا رستا فقط انهن مافيائن جا محتاج آهن جيڪي، ڪراچيءَ جي حالتن کي هر وقت پنهنجي ڪنٽرول هيٺ ڏسڻ چاهين ٿا. ڪراچيءَ جون حالتون ته تڏهن کان بدامنيءَ جي باهه جو شڪار آهن، جڏهن کان ٻاهرين آباديءَ ڪراچيءَ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي، پنهنجا خيما کوڙيا هُئا. پوءِ اُها اُردو آبادي هُجي، يا پشتو ڳالهائيندڙ آبادي. ورهاڱي کان اڳ هن شهر ۾ فرقيواراڻه فسادن جو تصور به نه هو. پر هاڻ مسلسل هن شهر جي رستن تي مذهبي ڇڪتاڻ يا لساني ويڙهه جهڙي خوني راند کيڏي وڃي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ايم ڪي ايم، لياريءَ جي بلوچن تي داخل ڪيل ڪيسن جي واپسيءَ تي احتجاج طور اپوزيشن ۾ شامل ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪا به حڪومت آزاديءَ سان فيصلي ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي. جڏهن ته اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ جاري تڪرار ۽ پنهنجن پنهنجن اڪثريتي آباديءَ وارن علائقن ۾ اقليتي سياسي پارٽين جي ميمبرن کي نفسياتي خوف ۽ ذهني دٻاءَ ۾ رکڻ واري سياسي چال گُذريل ڪيترن سالن کان جاري آهي. پيپلز پارٽي سياسي مصلحتن هيٺ ڪراچيءَ ۾ امن امان ٿي وڃڻ جون ڪيتريون به دعوائون ڪندي رهي. پر انهن بيانن کي تجزيي جي تکي اک سان ڏسبو ته اُنهن جي پويان به اُهي سياسي پَتا نظر ايندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح حڪمران مُستقبل جي پاليسين واري سوچ هيٺ کيڏندا نظر اچن ٿا. اخباري رپورٽن ذريعي مسلسل ڪراچيءَ جي خوني کيل تي جيڪي خبرون شايع ٿي رهيون آهن، اُنهن مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فرقيواراڻه ٽارگيٽ ڪلنگس کان سواءِ، لساني موت جو راڪاس مختلف سياسي پارٽين جي هٿياربند جٿن ۾ موجود آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هن مُلڪ جو وڏو تجارتي ۽ واپاري مرڪز مسلسل متاثر رهي ٿو. هن شهر ۾ اصلوڪي آبادي پُراڻن قرضن جي ادائگيءَ واري زندگي گُذاري جيئي ٿي. اهڙي زندگي جيڪا اُنهن جي حصي ۾ اڪيلائيءَ جو اهڙو ڄار کڻي آئي آهي. جنهن مان نڪرڻ هنن معصوم ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪراچيءَ جي سياسي ٽرين ۾ اُهي مسافر ئي سوار آهن. جن جو گذريل ساڍن ڇهن ڏهاڪن کان سنڌ سان ڪو روحاني رشتو جُڙي ناهي سگهيو. پر تاريخ تبديليءَ جو اهڙو سفر طئي ڪندي آهي. جو ڪالهه جا ظالم ۽ سفاڪ انسان وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ واري سفر ۾ مِٽجي ۽ ميسارجي ويندا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته ڪراچيءَ جون اُهي گهٽيون ۽ رستا هاڻ انهن ماڻهن لاءِ به سوڙها ٿيندي نظر اچن ٿا، جن ڪراچيءَ جي ڀتين تي اصلوڪي آباديءَ جي سينن کي چيرڻ واري چاڪنگ ڪئي هُئي. هن وقت جڏهن ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کان ڌار ٿي اپوزيشن وارو رستو اختيار ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران 79ع واري مڪاني نظام کي لاڳو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا ساڃاهه وند حلقا اهو سمجهي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ ٻٽي نظام جو خاتمو آندو آهي پر اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي اتحادي طور رهي ها ته پيپلز پارٽيءَ کي قطعي طور به سنڌ جي قومي شعور ۽ آواز جو اُلڪو نه هجي ها ۽ اها قطعي به سنڌ پيپلز لوڪل گونمينٽ آرڊيننس جي خاتمي لاءِ اسيمبليءَ ۾ بل پيش نه ڪري ها. ان جو صاف مطلب اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پنج سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن ۽ آواز کي اهميت ڏيڻ بجاءِ پنهنجي شهري اتحادي پارٽيءَ جي مفادن کي وڌيڪ اوليت ڏيندي رهي. جڏهن اُن اتحادي پارٽيءَ اپوزيشن جون سيٽون سنڀاليون ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جا اجتماعي قومي مفاد ياد اچڻ لڳا. ان ڳالهه کان سنڌ جو باشعور عوام چڱيءَ ريت واقف آهي ته سنڌ کي سياسي انڌيرن ۾ رکي ايندڙ اليڪشنن جي تيارين لاءِ ڪهڙي طرح سوديبازيون ٿي رهيون آهن. سنڌ جو مفاد ڪنهن وٽ اهم هجي ها ته اهو اتحادي ڌُر جي ساٿ ڇڏڻ کان پهرين به اوليت تي رکيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته ڪالهه تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي هُئي ته مفاهمتن ۽ مصلحتن سبب پيپلز پارٽي اهڙي اتحادي ڌُر مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هُئي جيڪا پيپلز پارٽيءَ سان هر معاملي تي مسلسل بارگيننگ ڪندي رهي.
جيتوڻيڪ سنڌ مسلسل لسانيت جي باهه مٿان پيٽرول هارائڻ جهڙا الفاظ استعمال ڪندڙن کي صبر سان ٻڌندي رهي آهي. ناجائز الفاظ هميشه ائين اوڳاڇيا ويندا آهن جيئن بارش ۾ سنهڙن سوراخن مان ڪيوليون ۽ ماڪوڙا نڪري ايندا آهن ۽ جائز لفظ پنهنجي تقدس جو لباس بچائڻ لاءِ هميشه پريشان پکين وانگر اُڏرندي نظر ايندا آهن. اهڙن تلخ ۽ ناجائز الفاظن ٻُڌڻ کان پوءِ به سنڌ پنهنجي پُرامن احتجاج کي لڳاتار جاري رکيو آهي. جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.
ڪراچي جيڪا سنڌي ماڻهن جي وجود جي سلامتيءَ جي ضامن آهي، جيڪا سامونڊي پَٽيءَ سان گڏ ساهه کڻي ٿي، اُن جي امن کي اُجاڙڻ جون سازشون فقط ان لاءِ ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن ڪراچي هميشه انهن سياسي پارٽين جي هٿن ۾ يرغمال رهي. جيڪي پنهنجي هٿياربند گروپن جي ذريعي مسلسل ڪراچيءَ ۾ خوني راند کيڏندا رهن ٿا. اهي سياسي طاقتون جن جو نالو کڻڻ به ماڻهو پنهنجي معلومات تي چٿر سمجهي ٿو. اُهي سياسي طور ايترا سرگرم ٿي ويا آهن جو هو ڪراچيءَ تي پنهنجي مڪمل مالڪي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ امن کي خواب سمجهن ٿا. جڏهن پشتو آبادي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ٿي ته انهن کي اهڙي روش تي ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ هن وقت تائين ڪراچيءَ ۾ جيڪي لساني فساد ٿيا آهن، اهي انهيءَ سلسلي جو لقاءُ آهن. جڏهن ته فرقيواراڻه فسادن پويان وري اُهي گروهه ۽ طاقتون آهن جيڪي پنهنجي فرقي کانسواءِ ٻين سمورن فرقن ۽ مسلڪن کي ڪفر سمجهن ٿا. پر جڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ پنهنجي هُئڻ جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مخصوص ذهنيت کي اها ڳالهه نٿي وڻي. ڇو ته هو اهو سمجهن ٿا ته هن شهر جا اصل مالڪ ۽ وارث ڪير آهن؟ هڪ دوست چواڻي ته ان معاملي کي اڃان سولائيءَ سان سمجهڻ لاءِ ائين چئجي ته جيئن ڪنهن ٻنيءَ تي قبضو ٿيل هجي، ان زمين مان جيڪڏهن ڪوئي اوپرو ماڻهو گذري وڃي ته قبضي ڪرڻ وارن کي ڪو کٽڪو ئي ناهي هوندو. پر جيڪڏهن ان زمين کي اصل مالڪ فقط ڏسندو به ته قبضي ڪرڻ وارن کي عدم تحفظ جو احساس انهن کي اهڙي نفسياتي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جو هو مسلسل ان احساس ۾ رهندا ته شايد هو پنهنجي ٻنيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ تياريون پيو ڪري. ڪراچيءَ تي قابض قوتن وٽ سنڌي ماڻهن جو اهو خوف اُنهن جي ذهن مان نڪرڻو ئي ناهي.
موجودهه سياسي حالتن ۾ مونکي روسي اديب جون اُهي سٽون شدت سان ياد اچڻ لڳيون آهن. جيڪو چوندو هو ته: ”اسان سڀ انقلاب جي اوور ڪوٽ مان نڪتا آهيون.“ ڇا سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي پنجن سالن جي سياسي پراگريس کانپوءِ، اهو ويچاري سگهي ٿي ته هاڻ انهن کي پيپلز پارٽيءَ جي سياسي سحر واري اوور ڪوٽ مان نڪري پنهنجي سياسي رستي جو تعين ڪرڻ گهرجي. ڇو ته لڳاتار سنڌ جيڪي سياسي نقصان سَٺا آهن، جيڪڏهن هاڻ به سنڌي ماڻهو اهڙي سياسي سحر مان نڪري نه سگهيا ته شايد مستقبل جون سياسي حالتون کين اهڙي اونداهي دور ۾ وٺي وڃن جتان واپسيءَ جي رستي جا ڪي به امڪان موجود نه هُجن.
ڪراچي جو ڪيس سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي ايجنڊا جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سياسي طور مورچو ٺاهي هر سياسي هلچل جو بنياد ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ته ڪراچي هر حالت ۾ قابض قوتن جي هٿن مان کسڪي اصلوڪي آباديءَ جي هٿن ۾ هوندي. پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ اهو ممڪن تڏهن ٿي سگهي ٿو. جڏهن سنڌ جون سموريون قومپرست سياسي جماعتون اهو طئي ڪنديون ته انهن جي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن. ان سان سنڌي ماڻهو جيڪو ڪراچيءَ اندر اڪيلائيءَ جي رڻ جهڙي نفسياتي خوف ۾ جِي رهيو آهي، سو ڪنهن قدر سياسي ويڳاڻپ مان نڪري سگهندو. جيڪڏهن قومپرست جماعتن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ خوني کيل کي فقط اهو سمجهي در گذر ڪري ڇڏيو ته اُن سان دُشمن ڪمزور ٿي رهيو آهي ۽ ڌاري آبادي پاڻ ۾ وڙهي تباهه ٿي رهي آهي ته شايد اهو رويو سنڌ لاءِ اڃان وڌيڪ حاڃيڪار ثابت ٿئي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ اندر لساني ويڙهه نه فقط انهن ڌرين جي وچ ۾ سياسي سگهه کي مضبوط ڪرڻ آهي پر اهڙي سوچ پويان ڪراچيءَ تي قبضي جون مڪمل تياريون شامل آهن. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ جي معاشي وسيلن تي پنهنجي مالڪي چاهين ٿيون. ان سان ويڙهه ۾ شامل قوتون مختلف ويڙهه جي تجربن ۾ نقصان کائي ميچوئر ٿي رهيون آهن. انهن جا هٿياربند جٿا به ويڙهه جا نوان گُر سکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ لڳاتار اهڙي ڇڪتاڻ رهي ته اهو نقصان اُنهن قوتن جو نه ٿيندو پر اهو سنڌ جو مجموعي نقصان هوندو. ڇاڪاڻ ته اُهي قابض قوتون ڪراچيءَ جي معاشي حالتن تي مُڪمل ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿيون. سنڌي ماڻهو نٿو چاهي ته ڪراچيءَ جي معاشي حالتن جو ڪنٽرول اُن آباديءَ جي هٿ ۾ هُجي. جنهن آباديءَ کي سنڌ جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مفادن ۽ قدرن ۾ عدمِ دلچسپي هُجي. تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اسان لاءِ سياست نه پر اسانجي پهرين ۽ آخري محبت آهي. جنهن جو مرڪز ڪراچي آهي. اُها ڪراچي جيڪا قُرب جي ڪَجل جهڙيون اکيون پٽيندي هُئي ته ڏينهن ٿيندا هئا ۽ اُن جي نشيلن نيڻن جي بند پنبڻين سان رات ٿيندي هُئي. جنهن جي چهري کي دهشتگرديءَ جي تيزاب سان مسلسل ساڙيو پيو وڃي. اُهو تيزاب دراصل سنڌ جي وجود کي به ساڙي رهيو آهي.