سنڌ جي ساڃاهه، پنساريءَ جو وکر ته ناهي..!
ڪُجهه ڏينهن پهرين مُحترم شُهاب اوستو جو ” موجودهه حالتن ۾ ساڃاهه وندن جو ڪردار“ جي نالي سان بيحد ڪارائتو مضمون پڙهڻ وٽان مليو. جنهن ۾ هُن سنڌ جي ساڃاهه کي ميار ڏني آهي ته اُها وقت جي حاڪمن اڳيان پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن مُفادن خاطر جيڪڏهن سلاميون ڀريندي رهي ته سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ کي اهو سرٽيفڪيٽ مِلي ويندو ته پيپلزپارٽي جيڪا ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ بدترين سياسي حُڪمرانيءَ طور مشهور آهي سا جيڪو سنڌ ۾ ڊليور ڪري رهي آهي سو سڀ ٺيڪ آهي بڻجي ويندو. مان ان بحث سان مُتفق ٿيندي ۽ جن ٽن اهم نُڪتن تي شُهاب روشني وڌي آهي. مان ان ڳالهه کي اڳتي وڌايان ٿو ته اُن کان سواءِ به سنڌ اندر سياسي شعور جو جيڪو زوال آيو آهي ۽ جنهن طريقي سان پيپلز پارٽي سنڌ مٿان حُڪمرانيءَ جي طريقهءِ ڪار کي اپنايو آهي. اُن سان سنڌ وڌيڪ بدتر سياسي حالتن جو شڪار بڻجي وئي آهي.
الف – سنڌ جي ترقي ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي وٽ منصوباسازيءَ جي کوٽ ۽ وفاق کان وقت سِر صوبي جي ترقياتي بجيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گُهربل تياريءَ جي صلاحيت جو نه هُجڻ.
ب – وزارتن ۾ شڪلين جي تبديلي آڻي اُنهن کان روايتي طرح ساڳيو ڪم وٺڻ ۽ اها دعوا ڪرڻ ته نوجوان ۽ پڙهيل لکيل قيادت کي اڳيان آندو ويو آهي.
ٻ –پيپلزپارٽيءَ ۾ وڏيرن جي وڌندڙ شموليت ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي سستو وکر سمجهي خريد ڪرڻ ۽ کين معمولي مُفادن عيوض خاموش رکڻ.
ڀ – سڄي سياسي صُورتحال جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
الف – سنڌ جي ترقي ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي وٽ منصوباسازيءَ جي کوٽ ۽ وفاق کان وقت سِر صوبي جي ترقياتي بجيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گُهربل تياريءَ جي صلاحيت جو نه هُجڻ.
سنڌ ۾ بُنيادي سهولتن جي اڻهوند ۽ ترقياتي بجيٽن کي ڦٻائي وڃڻ جا قصا ته لڳاتار رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. جنهن حوالي سان پيپلزپارٽيءَ جي نئين قيادت جيڪو سنڌ ۾ ٻوٽو ٻاريو آهي سو سڄي سنڌ ڏسي رهي آهي. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين انساني زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا معيار ڏسي سنڌ جي دُبئي يا ڪُوالالمپور وارا خُواب ته ڏسڻ ڇڏيو. پر جيڪڏهن فقط اڄ کان 30 سالن واري سنڌ موٽي مِلي تڏهن به سمجهنداسين ته ڪا تبديلي نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ سڄي سنڌ جاگيرن ۽ ڪيٽين ۾ ورهائي وئي آهي. جتي ترقيءَ لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪو ترقيءَ جو تاثر به نٿو مِلي. جڏهن ته اعلان ڪيل نوڪرين جي شفافيت جي ڳالهه ته ٺهيو پر اُنهن نوڪرين جي شروعات ٿيڻ جا معاملا به عمل ۾ ايندي نظر نه اچي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جن احساسِ محرومين جو شڪار رهي آهي ۽ بدترين حُڪمرانيءَ سان سنڌ کان جيڪو پيپلزپارٽي جمهوريت جي نالي تي انتقام وٺي رهي آهي. اُهو صدين تائين سنڌ کي پوئتي ڌِڪڻ لاءِ ڪافي آهي. تنهن ڪري روايتي ترقيءَ جو به پري پري تائين نالو نظر نٿو اچي. علاج، تعليم، روزگار ۽ انصاف کان محروم ماڻهو وزيرِاعلى هائوس اڳيان ڌرڻا هڻي رهيا آهن. مزدور، هاري ۽ غريب جنهن ڏُکي ۽ بدترين زندگيءَ جو شڪار آهن. جنهن جو سنڌ ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. جتي ماني مهانگي ۽ رت سستو ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حُڪومت پنهنجي اندروني سياسي ۽ ڪاروباري معاملن مان آجي ئي نٿي ٿئي. جيڪا سنڌ جي ترقيءَ جي باري ۾ سوچي به سگهي. جڏهن ته آدمشماري وارا معاملا، قومي مالياتي ايوارڊ وارا معاملا يا ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ جهڙن سنگين معاملن تي وفاق ننڍن صوبن سان ڪو چڱو سلوڪ نٿو ڪري. پر سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽيءَ هن وقت تائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ ڪهڙا ”ڊاڪيومينٽري ايويڊنس“ پيش ڪيا آهن.؟ ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ جي ٽن مهينن واري گڏجاڻي، ڪڏهن به پنهنجي شيڊيول مطابق ناهي ٿي، نه ئي اُن ۾ ڳالهائڻ لاءِ هن وقت تائين پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن ڪڏهن ڪا گُهربل منصوباسازي ڪئي آهي؟ جيڪڏهن گُهربل منصوباسازي نه ڪبي ۽ نه ئي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ ڊاڪيومينٽري ثُبوتن سان سنڌ جو ڪيس وفاق تائين پُهچايو ويندو ته سنڌ جا معاملا حل ڪيئن ٿيندا.؟ اُن لاءِ پيپلزپارٽيءَ وٽ ڪهڙو ”پراپر هوم ورڪ“ موجود آهي.؟ پنجاب ۾ دريائن مٿان ٺهندڙ پُلن ۽ وڏن رستن مٿان خرچ ايندڙ پئسا وفاق کان ورتا ويندا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٺٽي واري پُل لاءِ پئسا به سنڌ حُڪومت خرچ ڪري رهي آهي. محض ان لاءِ ته سنڌ سرڪار وفاق کان وڏيون ترقياتي رٿائون حاصل ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي بجيٽ مان خرچ ڪري ٿي. پوءِ شفافيت جو ڪيترو خيال رکيو وڃي ٿو. اُن جو اندازو ٺهندڙ ۽ مهيني ۾ ڊهندڙ رستن ۽ ٻين ترقياتي رٿائن مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪيٽي بندر يا شاهه بندر سميت سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ آر او پلانٽس سنڌ حُڪومت وفاق کان منظور ڪرائي پئي سگهي. ليڪن وفاق کان رٿائون منظور ڪرائڻ بجاءِ ڄاڻي واڻي اُن جا پئسا سنڌ سرڪار ڀريا. نتيجي طور اُنهن ۾ شفافيت ايتري رهي جو اُهي آراو پلانٽس اوهانکي بند پيل نظر ايندا. جيڪڏهن اسان وڏين ترقياتي رٿائن لاءِ پراپر هوم ورڪ نه ڪنداسين ته نتيجي ۾ وفاق وٽ ڪيس مضبوط رکي نه سگهنداسين. پوءِ ٿيندو ائين جو اُنهن سمورين رٿائن جو پئسو ٻين صوبن جي رٿائن ۾ خرچ ڪيو ويندو. اهم معاملو اهو به آهي ته مارچ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو سوچيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي آدمشماريءَ واري معاملي تي بنگالي ۽ بهارين کي سنڌي تسليم ڪرائي پنهنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي وجود ۽ بقا جو به سوال آهي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي نظرياتي طور ڪهڙن ڀوتارن، پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي انفرادي مُفادن جي تحفظ جي نظرياتي وِنگ بڻيل آهي. جنهن پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان سنڌ سان جنگين ۾ فتح ٿيل علائقن جهڙو حشر ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جو شعور ۽ ساڃاهه به پيپلزپارٽيءَ خريد ڪري ورتي ۽ سنڌ جو اُهو حلقو جنهن مان سنڌ کي آخري اُميد آهي سي به جيڪڏهن اورنگزيب جي دور جا جيوڻ خان بڻجي ويهي رهيا ته پوءِ باقي بچيل اُميد جو سج به دارا شڪوهه جي مُنڍيءَ وانگر ڪپجي ويندو.
ب – وزارتن ۾ شڪلين جي تبديلي آڻي اُنهن کان روايتي طرح ساڳيو ڪم وٺڻ ۽ اها دعوا ڪرڻ ته نوجوان ۽ پڙهيل لکيل قيادت کي اڳيان آندو ويو آهي.
جڏهن به بلاول ڀُٽو زرداري جوش ۾ ايندو آهي ته پڙهيل لکيل، سمجهدار ۽ نوجوان قيادت کي پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي ڌارا Mainstream ۾ کڻي اچڻ جي دعوا ڪندو آهي. ان حد تائين جو سنڌ حُڪومت ۾ وزارتن جي قلمدانن جون تڪڙيون تبديليون به اهڙي جوش ۽ جذبي جو نتيجو هونديون آهن. خبر ناهي ته بلاول ڀُٽو زرداريءَ جو پڙهيل لکيل ۽ نوجوان قيادت مان ڇا مطلب هوندو آهي؟ ليڪن اها حقيقت هاڻ ڪنهن کان ڳُجهي ناهي رهي ته فقط علمي قابليت ئي سماجن کي تبديل ناهي ڪندي. علمي قابليت چڱي ڳالهه آهي پر عوام سان فطري ڳانڍاپو ۽ اُن لاءِ درد جو پئدا ٿيڻ جُدا ڳالهه آهن. اُن لاءِ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان تعليم پِرائي تبديلي آڻي نٿي سگهجي. اُن لاءِ واهي پانڌيءَ کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر تائين عوام جو حقيقي درد سمجهڻ ۽ اُن درد کي محسوس ڪرڻ ضروري هوندو آهي. جيڪو ڪنهن جاگيردار جي گهر ۾ پئدا ٿي ۽ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪرڻ سان پئدا نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن جاگيردار جو پُٽ ڪنهن اعلى تعليمي اداري مان سَند حاصل ڪري، نڪري ٿو ته ڇا هُو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ به ڪا تبديلي محسوس ڪري ٿو؟ هن وقت تائين ته اُنهن جي ”تعليم“ سنڌ کي سنگين بُحران مان ٻاهر ڪڍي ناهي سگهي. تنهن ڪري روايتي طور اهو چوڻ ته چهرن جي تبديليءَ سان بدترين حُڪمرانيءَ کي بهتر حُڪمرانيءَ ۾ بدلائي سگهجي ٿو ته غلط آهي. اهڙي جُڳاڙ جي ذريعي سنڌي ماڻهن کي اڄ تائين سُرمو پارايو ويندو رهيو آهي. ٻي اهم ڳالهه ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي اها دعوا ڪري ٿي ته اُها عوام جي نُمائندهه جماعت آهي، ڇاڪاڻ ته عوام ئي اُنهن کي چونڊيو آهي ته شايد اُنهن وِل ڊيورانٽ کي ناهي پڙهيو. جنهن اسان جهڙن مُعاشرن ۾ جمهوريت کي ”اڪثريت جي آمريت“ ڪوٺيو آهي. جنهن جي تشريح به ڪُجهه ان طرح آهي ته: ”جن معاشرن ۾ باشعور عوام پئدا ناهي ٿي سگهندو اُتي انبوهه موجود هوندو آهي ۽ انبوهه جي فيصلي کي جمهوري فيصلو قرار نٿو ڏئي سگهجي. اُن کي اڪثريت جي آمريت ئي چئي سگهجي ٿو.“ تنهن ڪري سنڌي ماڻهو هاڻ ان خوشفهميءَ جو شڪار به ناهن ته سنڌ جي جاگيردار گهراڻن ۾ جنم وٺندڙ ٻار به ڪو اهڙو پئدا ٿي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي مزاج ۾ گوتم ٻُڌ وانگر ”سَڌُو“ جي بادشاهيءَ کي ٿُڏي فقيري طبيعت سان سنڌ ۾ تبديليءَ جا وڏا بُنياد رکندو. تنهن ڪري موجودهه سياسي اسٽيٽسڪو ۾ پيپلزپارٽيءَ کان اها اُميد ڪجي ته اُها نون چهرن ۽ شڪلين کي آڻي سنڌ ۾ بهتر حُڪمرانيءَ جا مثال قائم ڪندي سا ڳالهه هاڻ سمجهه کان ٻاهر بڻجي چُڪي آهي. ڇاڪاڻ ته چهرن جي تبديليءَ سان بُنيادي سياسي تبديلي اچي نٿي سگهي. اُها تبديلي دراصل فطري انساني جذبي جي ذريعي ممڪن هوندي آهي.
ٻ –پيپلزپارٽيءَ ۾ وڏيرن جي وڌندڙ شموليت ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي سستو وکر سمجهي خريد ڪرڻ ۽ کين معمولي مُفادن عيوض خاموش رکڻ.
هن وقت سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ پنهنجي سياسي ڪارپوريشن يا سياسي صنعت کي بچائڻ لاءِ نوان لاڙا ۽ رُجحان مُتعارف ڪرائڻ شروع ڪيا آهن. جنهن سان هُو سنڌ جي اڪثر وڏيرن کي لالچن جا لاليپاپ آڇي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ اهو طريقو قطعي به بهتر حُڪمرانيءَ جا بُنياد رکي نه سگهندو پر ان طريقي سان سنڌ اندر ڪرپٽ ڀوتارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. جيڪي وڌيڪ مُنظم شڪل اختيار ڪندا. جيڪي پاور ۽ پئسي جي بُنياد تي سنڌ کي لڳاتار لُٽيندا رهندا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڀوتار ۽ جاگيردار جي بُنيادي ڪمزوري لڳاتار اقتدار ۾ رهڻ ۽ پنهنجي مُفادن جي حاصلات آهي. اُنهن جي سنڌ جي خوشحالي يا ترقيءَ ۾ تِر جيتري به دلچسپي ناهي. جيڪي ”لارڊ بارن“ وانگر: ”دولت کي علاءُ الدين جو چراغ سمجهندا رهيا آهن.“ اُهي جڏهن مِڙي مُٺ ٿيا ته سنڌ ”مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سُهڻي“ وارو قصو بڻجي ويندي. جڏهن ته سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهه وند طبقي، جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪُجهه به ناهي ۽ وڪرو ٿي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪُجهه آهي. سو ڪنهن نه ڪنهن طرح پيپلزپارٽيءَ جي پاپن کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي قيمت وصول ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. جيڪو آرٽ واري دور جي صعوبتن واري سياست مان نڪري اقتدار جي نشي جو سُڪون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن جو سنڌ سان پهرين به ڪا سياسي ڪمٽمينٽ نه هُئي نه ئي هاڻ به ڪا سياسي ڪمٽمينٽ آهي. جيڪو پنهنجي واري اچڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو. سو هاڻ به سنڌ جي سيني ۾ سنگين هڻڻ لاءِ تيار آهي. جنهن مان سنڌ کي جذباتي طور ڪي به خوشفهميون يا آسرا نه هُئا نه ئي آهن. پر سنڌ جي ساڃاهه جو ڪُجهه حصو ضرور موجود آهي. جيڪو سنڌ کي ڪنهن به طرح سياسي نيلاميءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي قلم جي پُوري سگهه پيش ڪندو ۽ سنڌ جي سياسي آزاديءَ خاطر پنهنجي ايمان کي ڪمزور نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته هر قلمڪار ۽ ساڃاهه وند ويڪائو ناهي ٿيندو. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ون يونٽ ۾ وڌ کان وڌ ساڃاهه وندن سان جيل نه ڀرجن ها. سنڌ ۾ ساڃاهه وندن جو هڪ مخصوص طبقو آهي. جيڪو سنڌ جي وسيع تر مُفادن کي پاسيرو رکي پنهنجي ذات جي مُفادن کي اوليت تي رکي ٿو. پر مجموعي طور سنڌي سماج آپگهات ناهي ڪئي. اڄ به رُڃ مان رَڙِ ايندي رهي ٿي.
ڀ – سڄي سياسي صُورتحال جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
ان سڄي سياسي منظر نامي ۾ ڪُجهه اهم فيصلا سنڌي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن کي ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن سنڌ اندر بهتر حُڪمراني هوندي ته اُن جو وڏو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي پوندو. جيڪڏهن سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن کي پاسيرو رکي پنهنجي ذاتي ۽ شخصي مُفادن جي حاصلات لاءِ ڪوششون وٺندو ته مجموعي طور اُن جو فائدو سنڌ کي پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ساڃاهه، پساريءَ جي دُڪان تي ڪنهن وکر وانگر وڪرو ناهي ٿيندي رهي. اسان جو اهو ايمان آهي ته سنڌ اندر هن وقت سنڌ جي ساڃاهه مٿان جيڪو زرداريءَ جو ”گولڊ اٽيڪ“ آهي اُن کان کيس بچائڻو آهي. ڪُجهه وطن فروش خيالن وارا ساڃاهه وند پيپلزپارٽيءَ اڳيان پساريءَ جي پُڙين وانگر وڪرو ٿي چُڪا آهن. ليڪن کين مُسقبل جي تاريخ ۾ ڪي سونا تاج نه پارايا ويندا. پر کين تاريخ جي ذلالت ڪنڌ ۾ پوڻي آهي. تنهن ڪري اهڙي گروپ، جٿي ۽ ميڙاڪي ۾ ذاتي طور شرڪت کان پاسيرو رهڻ گُهرجي. جنهن ۾ محسوس ڪيو وڃي ته هن ميڙاڪي، گروپ يا جٿي ۾ سنڌ کي مجموعي طور ڪو به لاڀ حاصل ٿيڻو ناهي پر اهڙي ميڙاڪي ۾ ڪُجهه اهڙا ماڻهو شريڪ ٿيندا. جيڪي سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن جي لاءِ حاڃيڪار آهن يا اُهي ڪنهن مخصوص سنڌ مُخالف سياسي پارٽيءَ جو حصو آهن يا اُنهن جا مُفاد شخصي ۽ ذاتي آهن. اهڙين سرگرمين کان پاسيرو رهڻ کي ترجيع ڏجي. ٻيو ته سنڌ اندر رُڳو پيپلز پارٽي ئي موجود ناهي. پيپلز پارٽي ته فقط اقتدار تي قابض رهندڙ جاگيردارن جي اهڙي جماعت آهي. جنهن کي سنڌ جا مزدور، پورهيت، هاري ۽ هيٺئين طبقي جا ماڻهو چونڊين ٿا. جيڪڏهن اُهي ماڻهو پنهنجي مُحلي ۽ پاڙي ۾ موجود ڪنهن شريف ۽ باڪردار ماڻهوءَ کي ننڍڙي گروپ يا جٿي جي صُورت ۾ ئي اڳواڻيءَ جي ذميواري ڏين ٿا ۽ اُن جي کٽڻ تي خوش ٿين ٿا ۽ هارائڻ تي پڇتائين ٿا ته اُن بيماريءَ مان کين نڪرڻ گُهرجي. کٽڻ تي خوش ٿيڻ فطري ڳالهه آهي پر هارائڻ تي مايوس ٿيڻ بُري ڳالهه آهي. هار جي خوف ۾ مُبتلا رهڻ به هڪ سماجي بيماري آهي. سنڌ جا ماڻهو هار ۽ جيت کان مٿانهان بڻجي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڪرڻ جي شروعات ڪن. جيڪڏهن سنڌ ۾ مُنتشر ماڻهو مُنظم بڻجي ويا ته جاگيرداريت ۽ اُن جا کڙا ڪيل بُت ڊهي پَٽ پوندا. اهو تاريخ جو فيصلو آهي ته پلاسيءَ جي جنگ جو فاتح ”لارڊ ڪلائيو“ آخر ۾ خودڪشي ڪندو آهي. جيڪڏهن سنڌ ننڍڙن ننڍڙن جٿن ۽ گروپن جي شڪل ۾ مُنتشر ئي صحيح دُرست فيصلا ڪيا ته کين فتح ضرورحاصل ٿيندي.