سيتا! اسان تُنهنجا ڏوهاري آهيون...!
اچو ته هاڻ پنهنجي تقدير جي تاريخ لکون! اچو ته هن شهر سان هاڻ تعزيت ڪريون! جنهن شهر جي اڇن ڪبوترن جهڙو امن باز جي تِکين چُهنبن جي ور چڙهي ويو آهي.! اچو ته هاڻ ووٽ ڏيندڙ اُن مخلوق کي ٻُڌايون ته اُنهن جي حيثيت رُڳو هڪ ووٽ جيتري آهي، جيڪا آڱوٺن تي لڳل مَسُ کان پهرين ميسارجي وڃي ٿي. اچو ته کين ٻُڌايون ته اوهان جا ٻار مُستقبل جا معمار بڻجي نٿا سگهن. اُهي فقط کُليل گٽرن جو کاڄ بڻجي سگهن ٿا. اچو ته کين ٻُڌايون ته تعليم مٿان اوهانجي نياڻين جو ڪوئي حق ناهي. اوهانجون نياڻيون فقط وحشي نگاهن لاءِ پئدا ٿيون آهن ۽ مُعاوضن ۾ چٽيءَ طور ڀريون ويندڙ ”ڪموڊٽي“ آهن. اچو ته کين ٻُڌايون ته اوهانجي ڳوٺن جو اسپتالون ۽ اسڪول اوهانجي ٻارڙن جي پڙهائيءَ لاءِ تعمير ناهن ڪيا ويا پر اُهي وڏيرن، ڀوتارن ۽ اُنهن جي منظورِنظر ماڻهن جي اوطاقن طور استعمال ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. اچو ته کين ٻُڌايون ته قانون فقط اوهان جي ڳچين کي سوڙهو ڪري سگهي ٿو پر جن کي اوهان ووٽ ڏيو ٿا اُنهن لاءِ قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي. اچو ته هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مخلوق کي اهو ٻُڌايون ته اوهان سان ٿيندڙ ناجائزين کي صُلح نامن، فيصلن ۽ راڄوڻين جي تارازين ۾ تورڻ جي قابل ناهي سمجهيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اوهان جي حيثيت فقط هڪ ووٽ جيتري هوندي آهي. اوهان هن ڌرتيءَ تي وساريل مخلوق آهيو. اوهان سان ٿيندڙ ناانصافي ڪنهن انياءَ جي زمري ۾ اچي ناهي سگهندي. اوهان جا هٿ ڪمزور آهن. اوهان جا ڪمزور هٿ طاقتورن جي تختن کي ڪاغذن جو محل بڻائي نٿا سگهن. اوهان کي پنهنجي حيثيت سان هلڻ جي حرفت سمجهڻي پوندي. هن سموري سماج ۽ قانون جي طاقت، ”رانوڻن“ کي اهو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته اُهي اوهان جي ”سيتائن“ کي رانڀوٽن سان رهڙيندا رهن. هي دادو ضلعو آهي. جتان جي عوامي نُمائندن جون اوطاقون مُفاد پرست ماڻهن جي هُجومن سان ڀريل هونديون آهن. جتي اوهان کي مُغل دربار ۾ موجود غلاميءَ جهڙي حالت نظر ايندي. جيڪي ووٽ وٺڻ وقت ماڻهن کي پُرسڪون ۽ امن واري زندگي آڇڻ جا واعدا ته ڪندا آهن. ليڪن اُنهن جا ووٽر پنهنجي نياڻين کي وحشي نظرن کان بچائي سگهڻ لاءِ به سِول سوسائٽي ۽ صحافين کي منٿون ڪندي نظر ايندا. سيتا جي صدا اُنهن مُغل درٻارن تائين ڪيئن پُهچندي؟ جن درٻارن پنهنجي آشيرواد سان اهڙا ماڻهو پئدا ڪيا آهن جيڪي قانون جي پڪڙ کان پري آهن. سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان واري صنعت جي صورتحال اڃان ساڳي آهي. اُن جون حڪمت عمليون تبديل ٿيون آهن. ڀُتي جي صُورت ۾ وصوليون اڄ به عُروج تي آهن. دادوءَ جي دريا واري پٽيءَ ۾ آباد ننڍا شهر ماهوار ڀُتا ڪنهن کي ڏين ٿا ۽ اُنهن جي پويان ڪهڙيون سياسي طاقتون آهن؟ جيڪڏهن اڄ به ڦُلجيءَ کان پيارو ڳوٺ ۽ پاٽ شريف کان سيتا وليج ۽ سيتاروڊ کان شاهه پنجو ۽ بالي شاهه کان راڌڻ ۽ ڏوڪريءَ تائين ڏسنداسين ته اسان کي اغوا براءِ تاوان واري صنعت پنهنجي تبديل ٿيل شڪل ۾ موجود نظر ايندي. جديد انداز ۾ ڀُتا وصوليءَ جي مارڪيٽ عُروج تي نظر ايندي. ليڪن سياسي طاقتن جي پناهه ۾ سڀ ڪُجهه ٿيندو رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ڪا نياڻي گهر کان نڪري اسڪول وڃي ٿي ته اُها اُنهن وحشين جي ڀونڪندڙ اکين کان ڪيئن محفوظ رهي سگهي ٿي؟ جتي چرٻٽ راجا جو قانون هلندڙ هُجي. هڪ پاسي اسڪولن جي انرولمينٽ وڌائڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون ۽ نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو وڃي ٿو ٻئي پاسي نياڻين جي تحفظ جو معاملو ايترو سنگين آهي جو قانون جا هٿ به ڪمزور بڻجي وڃن ٿا. جتي امن جي اُميد ناياب نسل جي پکين وانگر پرڙا هڻي اُڏامي وئي آهي. هڪ ڇوڪري جيڪا پنهنجي اسڪول کان گهر ڏانهن ٻين شاگردياڻين سان گڏ واپس اچي ٿي ته تاڙ ۾ ويٺل وحشي رستي ۾ کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هُوءَ مزاحمت ڪري ٿي ۽ ڪو کيس بچائڻ وارو وچ ۾ نٿو اچي. غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ نياڻيءَ جا مائٽ طاقتور ڌُرين کي پنهنجي نياڻيءَ کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ڪيس پوليس تائين پُهچي ٿو ۽ پوليس روايتي طريقن وانگر نياڻيءَ جي بچاءَ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ٿي. شهرين جي سخت ردِعمل کان پوءِ ڪيس داخل ٿئي ٿو ۽ نياڻيءَ جي مائٽن مٿان راڄوڻيءَ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته جيئن ڪيس کي ڪمزور ڪري ختم ڪيو وڃي. اها صُورتحال نه رُڳو سيتا جي آهي. پر اهڙا واقعا ۽ حادثا سڄي سنڌ ۾ روزمرهه جو معمول بڻيل آهن. هيءَ اُن سيتا جي ڪهاڻي آهي جيڪو شهر سياسي، نظرياتي، ثقافتي ۽ ذهني جبر خلاف ڪنهن دور ۾ جدوجهد جو مثالي مورچو بڻيل هو. جنهن سيتا جو امن سياسي جُوارين هٿان تباهه ٿي چُڪو آهي. آسپاس جا سمورا علائقا قبائلي تڪرارن سبب تاراج ٿي چُڪا آهن. جتي سمورا ڳوٺ نمرودن جي نظرن ساڙي ڇڏيا آهن. جتي زندگي علائقا غير بڻيل آهي. اُتي هڪ ننڍڙو شهر ”سيتا“ به آباد آهي جيڪو اڄ نفرتن جي نشاني تي آهي. جتي هڪ نياڻيءَ سان حادثي سڄي سيتا کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي صُورتحال ۾ ڪير پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول موڪليندو؟ ڪير چاهيندو ته سندس نياڻيءَ جي رستا روڪ ڪندڙ طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي؟ جيڪڏهن اها حالت رهي ته سيتا جي حالت به ڀرپاسي جي باقي ڳوٺن جهڙي بڻجي ويندي جيڪي اڳواٽ ئي سرد جنگ جي دوران تباهه ٿيل ڳوٺن جهڙو ڏيک ڏين ٿا. جيڪڏهن عوام کي ڏيڻ لاءِ پيپلزپاڙٽيءَ جي چونڊيل اڳواڻن وٽ ڪُجهه به ناهي بچيو ته گهٽ ۾ گهٽ بي پُهچ ۽ غريب ماڻهن کان عزت سان پنهنجي اجهي ۾ رهڻ جو حق ته نه کسڻ گُهرجي. جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ عوام جي لوئيءَ ۽ لڄ جي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ کان به بيوس بڻيل آهن ته پوءِ اُنهن لاءِ پشتو شاعريءَ جو اهي سِٽون ئي چئي سگهجن ٿيون: ”جڏهن ڪوئي شخص ڪنهن جي فرياد نٿو ٻُڌي، تڏهن دل ۾ اچي ٿو ته اُن جا ڪن ڪٽي وٺان.“ اياز لکيو هو ته: ”برِصغير ۾ سرمائيداري نظام اسان کي غليظ زندگي ڏني آهي.“ پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جاگيرداريت غليظ ترين زندگي ڏني آهي. جتي سيتا رانوڻن هٿان هر دور ۾ سڙندي رهي ٿي ۽ اسان جي تهذيب ۽ روايتون اقبال جي سِٽن وانگر ته: ”پنهنجي ئي خنجر سان خودڪشي ڪري رهيون آهن.“ اهو رُڳو سيتا جي تقدس جو سوال ناهي پر اُنهن رانوڻن کي روڪڻ جو به سوال آهي. جيڪي هر دور ۾ پنهنجا وحشي چنبا وڌائي سيتا جي تقدس جا سيپارا ساڙيندا رهن ٿا. هي معاملو ڪنهن راڄوڻيءَ کان مٿانهون معاملو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نياڻيءَ سان اهڙو انياءُ ڪنهن کي ڦٻي ويو ته سڄي سيتا جي مُقدس لوئي ۽ لڄ ڪڏهن به محفوظ رهي نه سگهندي. اُن کان اڳ جو اسان سيتا جا ڏوهاري بڻجون. اچو ته چونڊيل نُمائندن کان پُڇون ته اوهان تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين کي ڪهڙو تحفظ ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نياڻيءَ سان ڪو بُرو سلوڪ ٿيو ته سنڌ جو ضمير اوهان کان پُڇاڻا ڪندو ۽ جڏهن پُڇاڻا ٿيندا آهن تڏهن پاپ لِڪي ناهن سگهندا.