انتهاپسندي ۽ ضربِ عضب.!
ہر گام پہ کھوئی ہوئی اک یاد ملی ہے،
اک عمر سنائیں تو حکایت نہ ہو پوری - (حبیب جالب)
اڄ جڏهن هڪ پُوري پيڙهي پوڙهائپ جي پنڌ تي پهتي آهي. تڏهن سياسي رُومانس جو سمورو دور کين خواب لڳي ٿو. کين ائين لڳي ٿو، ڄڻ هلندڙ دور جي سياسي تاريخ جي ڪُکِ مان اهڙي قيادت جي پئدائش، امڪان کان ٻاهر آهي، جيڪا قيادت سماجن جي نئين اڏاوت جا بُنياد رکي سگهي ۽ انقلابي سياسي تصور جي بُنياد تي مُردهه دلين ۾ زندگيءَ جو روح پئدا ڪري سگهي. جيڪا اُنهن نوجوان دلين کي پنهنجي تصور جي طاقت سان انقلابي رومانس طرف مائل ڪري سگهي. جيڪي دليون سياست سان فقط خسيس مُفادن خاطر جُڙيل آهن. اسان جون سياسي پارٽيون ماضيءَ جي اعلى قدرن ۽ آدرشن کي وساري ويٺيون آهن. اُنهن جا رِشتا ڪتابن کان ڪَٽجي چُڪا آهن، جيڪي اعلى آدرشن سان جوڙي رکڻ جو بُنياد بڻبا آهن. جيڪڏهن اسان جا سياسي قد عمل جي ميدان ۾ مٿاهان ناهن ته ڪا ڳالهه ناهي، ڪمزور ڪميٽمينٽ عملي سياسي واٽ جا رستا پُوريل رکندي آهي، علمي واٽ ڪمزور عمل جي سگهه جو بُنيادي سبب بڻجي ويندي آهي. نظرياتي طور ڪمزور قيادت عمل جي ميدان ۾ بهتر نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هن وقت دُنيا جي اڪثر مُلڪن جو اهو الميو آهي ته اعلى آدرشن ۽ انقلابي سياسي قيادت جي بُحران سبب اهڙي پاڳلپڻي وارين پاليسين پاسي وڃي رهيا آهن. جنهن سان دُنيا جو سمورو امن داءَ تي لڳل آهي. اها سرد جنگ اڃان جاري هُئي، دُنيا ٻن سپر پاور مُلڪن جي اتحادي بڻيل هُئي. هڪڙا آمريڪا جا اتحادي هُئا ته ٻيا سوويت يونين جي صفن ۾ بيٺل هُئا. پر سرد جنگ جي اُن دور ۾ جڏهن افغانستان کاٻي ڌُر جي ڪامريڊن کي پناهون ڏيندو هو. جڏهن ڪميونسٽ مخالف مسلم جٿن، افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون شروع ڪيون ته افغان حُڪومت جي التجا تي 27 ڊسمبر 1979ع ۾ روس پنهنجي سُرخ فوج ڪميونسٽ مخالف مُسلم جٿن کي چٿڻ لاءِ موڪلي هُئي. جيتوڻيڪ اُها جنگ 1985ع تائين جاري رهي. جيستائين، مُلڪي ۽ بين الاقوامي معاملن تي سوويت يونين جي صدر نئين سوچ سامهون آندي ۽ اقتصادي سُڌارن جي نالي تي گورباچوف جي گلاسنوسٽ سان کاٻي ڌُر جي اکين جا سُرخ خواب سڙي ويا. 1987ع ۾ آمريڪا سان مشروط معاهدا ٿيا ۽ سوويت يونين ٽٽي ويو. ٻن سپر پاور مُلڪن مان فقط آمريڪا دُنيا جو سپر پاور بڻجي اُڀريو. اُن وقت آمريڪا کي اهو احساس بلڪل به نه هو ته جيڪا طاقت هُو سوويت يونين خلاف سرد جنگ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. اُن طاقت جي تلوارسندس سيني مٿان به وار ڪري سگهي ٿي. اُن سڄي عرصي ۾ ڪميونسٽ مخالف مُسلم جٿن کي دُڪا کارائي جهڙيءَ ريت آمريڪا پالي وڏو ڪيو. اُهي جٿا، اڳتي هلي اهڙي مُنظم قُوت بڻجي ويا، جو کين آمريڪا جون مضبوط رسيون به سوڙهو ڪري سگهڻ ۾ ناڪام ويون. جيڪڏهن دُنيا ۾ لبرل سياسي سوچ ۽انقلابي آدرشن جو انت نه اچي ها ته شايد اڄ سڄي دُنيا دهشتگرديءَ جي باهه ۾ ڀسم نه ٿئي ها. آمريڪا پنهنجي سُپر پاور هُجڻ جي نشي ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويو، جو ”پينٽاگان“ جي پردي ۾ دُنيا تي ڪنٽرول رکڻ جا خواب ڏسندو رهيو. اُن جون اکيون ته 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ تڏهن کُليون جڏهن ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ اُن دهشتگرديءَ جو شڪار بڻجي ويو. جنهن جو ذميوار القائده کي قرار ڏنو ويو ۽ بن لادن آمريڪي انٽيليجنس لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو. اُن کان اڳ اهو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو ته آمريڪا جي اندر اهڙي قيامت برپا ٿي سگهي ٿي؟! القاعده کان وٺي سَوَن جي تعداد ۾ اهڙن مُنظم هٿياربند مُسلم گروپن ۽ جماعتن مٿان ڪڙي نظر جي شروعات ٿي وئي. هڪ دانشور دوست جو اُن وقت اهو تجزيو سامهون آيو هو ته ” 11/9 واري واقعي کان پوءِ آمريڪا ۽ دُنيا جي ٻين مُلڪن جون سياسي حالتون ساڳيون ناهن رهڻيون.“
جڏهن آمريڪا افغانستان سان جنگ جي ابتدا ڪئي ته اُن جا اثر پاڙيسري مُلڪن تي لازمي طور پوڻا هُئا. ڇاڪاڻ ته جيڪي ويڙهاڪ قُوتون هُيون، اُنهن پنهنجي عسڪري طاقت کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ مُنظم شڪل اختيار ڪئي. اڄ جڏهن لبيا، شام، عراق، پاڪستان، بنگلاديش نائيجيريا ۽ افغانستان دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آيل آهن ۽ انتهاپسند قوتن جي ڪاررواين سبب پريشانين جي پنڌ تي بيٺل آهن ۽ خود ايران تي به اهڙي جنگ مسلط ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته عراق ۾ دولتِ اسلاميءَ جو لشڪر جنهن طريقي سان وڙهي رهيو آهي، جيڪڏهن اُن لشڪر هٿان مُقدس هنڌن کي نُقصان پهچايو ويو ته لازمي طور ايران به اُن ويڙهه ۾ شامل ٿي ويندو. جيڪو ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا جي نفرتن جي نشاني تي رهيو آهي. جنهن جي مصنوعات مٿان آمريڪي پابنديون اڃان تائي هٽي ناهن سگهيون. ڪجهه تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته دولتِ اسلامي جي شدت پسندن جو تعلق عراق ۽ شام سان آهي. جيڪي عراقي فوج کان وڌيڪ تربيت يافته آهن. سڄي دُنيا ۾ وڌندڙ شدت پسنديءَ جو وڏو سبب ئي اهو آهي جو مجموعي طور لبرل سياسي سوچ ۽ انقلابي فڪر جو خاتمو آيو آهي، جنهن جي ڪري انتهاپسند قُوتون وڌيڪ مُنظم شڪل ۾ سامهون آيون آهن.
هن وقت ڀلي آمريڪا انتها پسند قوتن خلاف سفيد ڪفن سبرائي ويٺل هُجي ۽ کين پنهنجي نفرتن جي نشاني تي رکيو هُجي پر ترقي پسند لبرل حلقا اڄ به شاهد آهن ته آمريڪا سرد جنگ ۾ پنهنجي ادا ڪيل ڪردار جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. جنهن جي ادا ڪيل حڪمت عمليءَ جو ئي نتيجو آهي جو هن وقت ڪيترائي مُلڪ انتهاپسند قوتن جي نشاني تي آهن. آمريڪا عراق اندر دولتِ اسلاميءَ جي جٿن سان ويڙهه ۾ عراق حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو آهي. پر جڏهن انتها پسند قوتن ايترن مُلڪن ۾ دهشتگرد ڪاررواين جا در کوليا آهن، جتي آمريڪا پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ئي بيوس نظر اچي رهيو آهي. اُتي آمريڪا جو عراق ۾ انتهاپسندن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو عارضي سهارو انتها پسنديءَ مٿان ڪيترو ڪنٽرول ڪري سگهندو؟ ان سوال جو اڃان ڪو واضع جواب نظر نٿو اچي. ان سڄي بين الاقوامي سياسي حالتن جي روشنيءَ ۾ جتي اڃان تائين نائجيريا جون اغوا ٿيل اسڪولي نياڻيون بوڪو حرام جي شدت پسند اسلامي گروهه کان آجيون ٿي ناهن سگهيون. 200 کان وڌيڪ نياڻين جي وارثن جون بين الاقوامي برادريءَ کي ڪيل اپيلون به بيوسيءَ جي رڻ ۾ رُلنديون رهن ٿيون.
پاڪستان به گُذريل ڪيترن سالن کان دهشتگرد ڪاررواين جي نشاني تي رهيو آهي. پر خودڪش حملن جي سلسلي ۾ تيزي ته تڏهن آئي، جڏهن 2007ع ۾ لال مسجد مٿان مُلڪ جي اڳوڻي صدر پرويز مُشرف ”سن رائيز“ آپريشن شروع ڪيو. جنهن ۾ مولانا عبد الرشيد غازي مارجي ويو ۽ سندس ڀاءُ مولانا عبد العزيز گرفتار ڪيو ويو هو. مُلڪي ۽ بين الاقوامي سياست تي تمام گهڻي دسترس رکندڙ هڪ دوست اسلام آباد مان واپسي تي هڪ نجي ڪچهريءَ ۾ چيو هو ته: ”لال مسجد آپريشن پاڪستان حُڪومت کي ڏاڍو مهانگو پوندو.“ جيتوڻيڪ بظاهر لال مسجد مٿان حُڪومتي رٽ قائم ٿي چُڪي هُئي. پر اُهو دوست جنهن شدت پسند اسلامي گروپن ۽ مدرسن تي نه رُڳو تمام گهڻي اسٽڊي ڪئي هُئي. پر ترقي پسند سياسي نظرين سبب بار بار چوندو رهيو هو ته: ”مستقبل ۾ نه رُڳو خودڪش حملن ۾ اضافو ٿيندو، پر پاڪستان سميت ڪيترائي مُلڪ، مذهبي انتهاپسندن جي نشاني تي هوندا.“ دل جي موذي مرض ۾ مُبتلا دوست ته 2009ع ۾ هن دُنيا کي الوداع چئي هليو ويو. ليڪن هُن جا اُهي سمورا تجزيا موجودهه سياسي دور ۾ دُرست ثابت ٿيا آهن. جنهن 1982ع ۾ هڪ ڪميونسٽ دوست سان ڪچهري ڪندي کيس چيو هو ته: ”هلندڙ ڏهاڪي ۾ ئي سوويت يونين نه رهندو ٽُٽي ويندو. سوال اهو آهي ته سوويت يونين جي زوال کان پوءِ ڇا اسان پنهنجي نظرياتي سياست جا مورچا سنڀالي سگهڻ جي سگهه رکون ٿا؟“
ائين ئي هڪ پُوري پيڙهيءَ جو پنڌ جنهن سحر جو مُنتظر هو اُها سحر ته پري رهي. پر لبرل سياسي سوچ، انتهاپسند قوتن هٿان يرغمال بڻجي وئي. ڪير ٿو چوي ته وزيرستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن پاڪستان کي پُرامن دور ۾ داخل ڪري سگهندو؟ ڪو به آپريشن ايستائين بهتر نتيجا ڏئي نٿو سگهي. جيستائين اُن جي بُنيادي سببن ۽ ڪارڻن کي نظر ۾ رکي نٿو ڪيو وڃي. هڪ پاسي پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ ديني تعليم جي نالي تي نرسرين جا سنگ نِسري رهيا آهن. ٻئي پاسي نرسرين مان نڪتلن مٿان جنگي حڪمت عملي جوڙي آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڪالهه تائين اُتر وزيرستان مان لڏپلاڻ ۾ نڪتل ماڻهن جو تعداد 70 هزار ٻُڌايو ويو آهي. اُنهن لڏيندڙ ماڻهن کي ڍال بڻائي جيڪڏهن رُڳو ڏهه هزار شدت پسند، پاڪستان جي باقي صوبن ۾ داخل ٿيا ته ڇا اهڙو آپريشن ڪي مثبت نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.؟ پاڪستان جون اندروني سياسي حالتون خود هڪ وڏي سياسي بيچينيءَ پاسي وڃي رهيون آهن. اُتر وزيرستان مان نڪتل ماڻهن جو تعداد طئي ناهي ڪيو ويو ته ڪٿي رهايو ويندو؟ جنهن کي محفوظ هنڌ مُنتقل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو محفوظ هنڌ ڪهڙو آهي؟ يا ڪهڙي صوبي جي اندر آهي.؟ ڪا خبر ناهي. سنڌ حُڪومت پاران سيڪيورٽيءَ لاءِ کنيل اُپائن جو جائزو وٺبو ته کِل ايندي. وڏي وزير جي ڪيل اعلان ۽ پوليس کي چوڪس رهڻ وارن حُڪمن سان ئي اهڙي تعميل شروع ٿي وئي آهي، جو چيڪنگ جي بهاني سان پوليس نئون ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي. قانوني ڪاغذ رکندڙ گاڏين کان به اوڳاڙين جا سلسلا وڃي عروج تي پهتا آهن.
سنڌ کي هلندڙ ضربِ عضب آپريشن تي هڪ ئي اعتراض آهي ته قبائلي علائقن مان ايندڙ ماڻهن تي سخت چوڪسي رکي وڃي ۽ سنڌ ۾ اُنهن جي داخلا تي مُڪمل بندش لڳائي وڃي. باقي جيتري قدر وڌندڙ شدت پسنديءَ جو معاملو آهي ته اُن لاءِ، سنڌ سميت مُلڪ جي شهرن جي اهم رستن تي تيزيءَ سان وڌندڙ مدرسن لاءِ ڪو پروٽوڪول طئي ٿيڻ گهرجي. اُنهن جي فنڊز جي پرائيويٽ سيڪٽرز جي سهڪار سان مُڪمل آڊٽ ڪرائي وڃي. طئي ٿيل نصاب کان سواءِ فرقيوارانه نفرتن کي ڦهلائيندڙ نصاب تي بندش لڳائڻ گُهرجي. اُنهن مذهبي پارٽين جي اڳواڻن جي تقريرن تي بندش هڻڻ گُهرجي. جن جي تقريرن مان فرقيوارانه نفرت يا فسادن جو خدشو هُجي. مُلڪ ۾ لبرل سياسي سوچ ۽ آزاديءَ کي هٿي ڏيڻ گُهرجي. جيئن سموريون پارٽيون عوام ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن ۽ تنظيم سازي جي سلسلي کي وڌائي سگهن. افسوس ته اهو آهي، جو هن وقت تائين ترقي پسند لبرل سياسي سوچ مٿان ڪيترائي سرڪاري ادارا عرصن کان نظر رکيو پيا اچن. پر انتها پسند قُوتون آزاديءَ سان فرقيواريت کي ڦهلائينديون رهن ٿيون. جيڪڏهن شدت پسنديءَ مٿان مُڪمل ڪنٽرول ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ سمورا حُڪومتي ادارا سنجيدهه آهن ته دهشتگردن جا بُنياد اُکيڙڻ لاءِ آپريشن ڪافي ناهي. جڏهن باهه کي وسائڻو هوندو آهي ته شعلن مٿان پاڻي اُڇلائڻ سان ڪو فائدو ناهي ٿيندو. باهه جي جَڙ مٿان پاڻي اُڇلائڻ سان ئي باهه وسامندي آهي.