سنڌ جو رعيتي راڄ ۽ ڀوتارڪي ذهنيت.
اوهه! يروشلم، درد جا شهر!
تُنهنجي اکين ۾ ڳرا ڳوڙها گُهمي رهيا آهن،
جارحيت کي ڪير روڪيندو؟
تون مذهبن جي مالها وانگر آهين،
ڪير تُنهنجي رت هاڻين ديوارن جا داغ ڌوئيندو؟
ڪير بائيبل جو بچاءُ ڪندو؟
ڪير قُران جي مُقدس ورقن جي حفاظت ڪندو؟
ڪير مسيحا کي بچائيندو؟
ڇا مسيحا کي سزائن جي صليب تي چاڙهيندڙ،
انسانن کي بچائي سگهندا؟؟؟!!!
نذار قابانيءَ جي ديس وانگر اياز جي سنڌ جي امن جا صحيفا به پکين جي پرڙن وانگر پٽي هن ديس جي دل ۾ نفرت جي اهڙي باهه جو بارود پوکيو ويو آهي. جنهن کي سياسي سوداگرن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. جن جي اوليت تي سنڌ ناهي رهي. جيڪي سنڌ جي مسئلن کي وساريل واعدن وانگر وفا ٿي نه سگهڻ سبب عزت ڀريو اعتراف ڪرڻ به مُناسب نٿا سمجهن. اهڙي روش واري اقتداري سياست سنڌ جي نظرياتي سياسي سوچ کي اڳيان وڌڻ ۾ به رُڪاوٽ بڻيل آهي. ڀوتارڪو ۽ موروثي سياسي ڪلچر سنڌ جي اجتماعي، قومي شعور کي ڪرپٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجا سمورا ڪرتب ڏيکاري رهيو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لڳاتار ٻن حُڪومتي عرصن ۾ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي ئي ڏسبو ته سڄي سنڌ کنڊر بڻيل نظر ايندي. بُنيادي انساني سهولتن واري ترقيءَ کان محروم پاڪستان جا ٻه صوبا سنڌ ۽ بلوچستان ڪنهن به طرح هن مُلڪ جي جديد ترقيءَ واري تصور کان پري بيٺل نظر ايندا. بلوچستان جي سياسي حالتن ۾ ترقياتي فنڊن جي استعمال نه ڪرڻ جو بلوچستان حُڪومت وٽ ته وڏو بهانو موجود آهي. بلوچ ويڙهاڪ قوتن جي بهاني سان اُها بجيٽ مُلڪ جي ڪهڙي صوبي تي خرچ ٿئي ٿي؟ اُن گهڻي بحث ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي. ليڪن سنڌ جي پسمنظر ۾ ترقياتي رٿائن جي بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي وئي آهي؟ جنهن جي شڪل ۽ صورت جا ڪي نالا ۽ نشان به ته نظر اچڻ گهرجن ها. پر هن وقت تائين کنڊر بڻيل سنڌ جي سنئين سڌي شڪل ۽ صورت به سڌي نطر نه اچي رهي آهي. ٿورو گهڻو امدادي ادارن جي مدد هيٺ ماڻهن جي شراڪت سان جيڪي ڪم ٿين ٿا. اُنهن ڪمن جي اڳيان به سياسي مُداخلتن ۽ جيالن جي مهربانين سبب سنڌ مان امدادي ادارن جا هٿ هاڻ ڍرا ٿيندي محسوس ٿي رهيا آهن.
سنڌ جي اکين جي ماڻڪين جا موتي به هاڻ انتظار ۾ سُڪي ويا آهن. هُنن سنڌ جي وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي ڪلچر جون پاتل سنگهرون کولڻ لاءِ ڪيترائي وس ڪيا آهن. پر سنڌ جي پيرن ۾ پيل زنجيرون ڄڻ عمر قيد وانگر اُنهن جي قسمت جو حصو بڻجي ويون آهن. سنڌ جي سياسي يتيميءَ جو سوال تڏهن کان سنڌ جي هوائن ۾ ڪنهن پڙاڏي وانگر گونجي رهيو آهي. جڏهن کان سنڌ هن مُلڪ جي فيڊريشن جو حصو بڻجي، پنهنجي آجپي جا اختيار وڃائي ويٺي هُئي. پر سنڌ جي سياسي معاملن تي پيپلز پارٽيءَ جي لڳاتار مُجرمانه ماٺ جي باوجود به سنڌ کي جزباتي نعرن جا خوبصورت خواب ڏيکاري، جهڙيءَ ريت مُسلسل سنڌ مٿان حقِ حاڪميت جا اختيار حاصل ڪيا ويا آهن. اُن سان موجودهه حُڪومت جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسين مان قطعي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو سنڌ حُڪومت عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪي سنجيدهه ڪوششون وٺي ايندڙ سالن تائين سنڌ جي حالتن ۾ ڪي تبديليون آڻي سگهندي. ٽريڊيشنل سياسي انداز ۽ ڪمزور حُڪمرانيءَ مان ته صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي عوام کي غربت جي اوڙاهه ۾ ڀسم ٿيڻ کان بچائڻ، هن حُڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي نه ئي هن حُڪومت مان ڪن اهڙين سنجيدهه ڪوششن وٺڻ جي ڪا اُميد ڪري سگهجي ٿي. جيڪا سنڌ جي وڃايل امن ۽ انتها پسنديءَ جي وڌندڙ اثرن لاءِ ڪا اڳواٽ ۽ بهتر حڪمت عملي جوڙي سگهي سا ڳالهه سج کي ڏيئي ڏيکارڻ جي برابر آهي. ان حد تائين جو سنڌ جو امن ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين چند ڏوهاري گروهن ۽ هٿياربندن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙي سگهڻ جي به سنڌ جي موجودهه حُڪومت پنهنجي عملي انتظامي صلاحيتن مان ثابت ڪيو آهي ته اهڙي معاملي جي حل لاءِ بنهه سنجيدهه ناهي. جڏهن ته نوڪرين جي ڪوڙن آسرن ۽ دلاسن جي آڙ ۾ سنڌ ۾ هن حُڪومت جي ڇپر ڇانو هيٺ هلندڙ ڦُرلُٽ واري ڪاروبار جي پويان جيڪي لڪيل هٿ آهن. اُنهن کي پڪڙڻ به هاڻ موجودهه حُڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به اهڙا عمل ٿي رهيا آهن. اُنهن عملن پويان ڳرا هٿ مُلوث آهن. ڳرا هٿ ڪهڙا آهن؟ اڃان تائين سنڌ جا ماڻهو اهڙن ڳرن هٿن اڳيان بلڪل بيوس بڻيل آهن.
سوال اهو آهي ته سنڌ جي اکين کان کسيل امن جا خواب ۽ مقدس مالهائن ۾ پويل مذهبي رواداريءَ واري زندگيءَ اڳيان وڇوٽين واريون واٽون پئدا ڪرڻ سان سنڌ جو چهرو مُستقبل ۾ قطعي به بهتر نه هوندو. اهو اهڙو معاملو آهي. جنهن کي هر باشعور ۽ سنجيدهه سياسي ۽ سماجي ماڻهو ڳڻتيءَ جي اک سان ڏسي رهيو آهي. اُن لاءِ رُڳو قومپرست تنظيمن جي ڪردار تي ئي تنقيدن جا کاتا کولڻ سان معاملا نبرجي نه سگهندا. پر سنڌ ۾ چونڊيل نُمائندن جي ڪردار ۽ عمل کي قطعي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جن کي سنڌ جي عوام پنهنجا آڱوٺا ڪارا ڪري کين اسيمبلين ۾ ان ڪري نه موڪليو هو ته هُو معاملن تي سنجيدهه بحث ڪري ڪنهن نتيجي تي پُهچي سگهڻ بجاءِ، هر وقت ان ڳڻتيءَ ۾ ڳرندا هُجن ته سندن پروٽوڪول لاءِ سلامي ڀريندڙ سرڪاري عملدار گهٽ ڇو هُئا؟.
درد جي ديس سنڌ جو وجود هاڻ اهو سڀ ڪجهه سهڻ واري سهپ کان بيزار بڻجي پيو آهي. سنڌ جون مائرون جن جي اولاد پنهنجي هٿن تي اڃان ميندي به نه لاتي هُئي. تن جا سڙيل، وڍيل ۽ چچريل لاش ميڙي ٿڪجي پيون آهن. هاڻ سنڌ طوفان کان اڳ خاموش سمنڊ وانگر ساهه کڻي رهي آهي. قران، گيتا ۽ بائيبل جي بُنيادي امن ۽ سلامتيءَ واري گڏيل درس جي وچ ۾ آيل وڇوٽين جو خاتمو چاهي ٿي. سنڌ جو زخمي وجود مخدوم بلاول جيان پنهنجي ٽُٽندڙ هڏڙين جا آواز ٻُڌي خاموش آهي. ڇا سنڌ جي خاموشي ڪنهن طوفان اچڻ جي اڳڪٿي ته ناهي؟ ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي جسم جي نقشن جي بگڙجي وڃڻ کي بي معنى سمجهنديون آهن. پر وطن جي بدن جي نقشن تي نظر رکنديون آهن. جڏهن به کين اهو انديشو ٿيندو آهي ته سندن وطن جي بدن جي سونهن جو سوال آهي ته پوءِ اُنهن کي مرزا باقيءَ جو تشدد به ياد ناهي رهندو. سنڌ خاموش آهي. پر اُن جي خاموشيءَ کي خوف تصور نه ڪيو وڃي. سنڌ جي دل پکين وانگر پاڪيزهه آهي. پاڪيزهه دليون نفرتن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ناهن ڏينديون. پر جڏهن لڳاتار سُٺي حُڪمرانيءَ جا سوال ايندا آهن ته ماڻهو انفرادي ردِعمل به ظاهر ڪندا آهن. سنڌ آخر ڪيستائين ڪاروباري سياسي ڪلچر ۾ ڦاٿل رهندي؟ چونڊيل نُمائندن جا عوام سان ڪيل واعدا هر پوئين واعدي جي نفي هوندا آهن. اُنهن جا واعدا ته واريءَ جي اهڙن گهرڙن وانگر هوندا آهن. جيڪي هلڪي بوند ۾ ئي پنهنجا نشان مِٽائي ويهندا آهن. سنڌ جي ماڻهن کي رعيتي راڄ سمجهي ورهين کان حُڪمراني ڪندڙ ڀوتارڪي ڪلچر واري ڊرامي جي آخري قسط ته تڏهن ڏسڻ ۾ ايندي. جڏهن ورهين کان بُک ۽ بدحاليءَ جا ستايل ماڻهو، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ خودڪشيون ڪندڙ جوانيون، رستن ۽ روڊن تي ٻارڙا پئدا ڪندڙ عورتون، نماڻين نظرن سان بند پيل اسڪولن کي حسرت سان ڏسندڙ ٻارڙا ۽ سنڌ جي زرعي زمينن جي پاڻيءَ تي پنهنجي ئي ووٽن سان چونڊيل نُمائندن هٿان ٿيندڙ چوريون، اغوائن ۽ ڦُرن جي وارداتن ۽ سرِعام ماڻهن کي ماريندڙ صنعت ۾ تبديل ٿيندڙ مافيائن پويان ڪنهن جا هٿ آهن؟ اُهو ڪير آهي جيڪو طاقت ۾ هوندي به عوام جي بُنيادي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل ۾ سنجيدهه ناهي؟ جڏهن ماڻهن ان ڳالهه کي سمجهي ورتو ته ايندڙ سالن ۾ اِهي به امڪان آهن ته سنڌ جا ماڻهو احتسابي عمل جي ابتدا ڪن. ڇاڪاڻ سنڌي سماج، جي مُتحرڪ رهڻ جا پوين ڪجهه ئي مهينن ۾ ڪيترائي مثال آهن. جڏهن ماڻهن سمورين حرفتن ۽ چالاڪين کي سمجهي، اُنهن ماڻهن جي چونڊ ڪري ورتي، جيڪي اُنهن جي ووٽ جي تقدس کي سمجهي سگهن ۽ سندن وارثيءَ جي دعوى دل سان ڪن ٿا. جن جي دلين کي اقتدار جو نشو بدلائي نٿو سگهي. جڏهن سنڌ جي عوام اهو سمجهي ورتو ته بار بار آزمائش کان پوءِ سندن ڏُکن ۽ سُورن جو ڪو تدارڪ ناهي ٿيو ته هُو ڪڏهن به اهڙو بيج نه لڳائيندا جيڪو سندن سُڃاڻپ ئي کسي وٺي. سنڌ حُڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي ڪنهن به شعبي ۾ نظر وجهي ڏسجي ته بنهه مايوس ڪندڙ صورتحال تي وڃي پُهتي آهي. اهڙي حالت ۾ هاڻ سنڌ جي عوام اهو سمجهي ورتو آهي ته ڪردار جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ وٺڻ ته آسان ڪم آهي. پر نيتن جا سرٽيفڪيٽ ڪير ڏيندو؟ اُهي سرٽيفڪيٽ آزمائشن سان ملندا آهن. عوام جي آزمائش ڏاڍي تلخ ٿيندي آهي. خاموش عوام کي خالي آکيري وانگر سمجهڻ نه گُهرجي. پر دُنيا ۾ آيل انقلاب ۽ تبديليون، ڳرين قيمتن تي حاصل ٿينديون رهيون آهن.
پيپلز پارٽي پنهنجي ٻنهي عرصن ۾ سنڌ کي نظر ايندڙ تبديليءَ جي دڳ تي وٺي اچڻ ۾ مُڪمل ناڪام رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسجي ٿو ته ماڻهو وڏي بغاوت جي باهه سان ڀريا پيا آهن، اهڙي بغاوت جي باهه اُنهن جي اندر ۾ ٿورڙي عرصي کان پئدا ناهي ٿي. پر ورهين کان ٿيندڙ ناانصافين جو ردِعمل آهي. جنهن جي سامهون سياسي دوڪانداري هلائيندڙ ڌُريون گهڻي عرصي تائين بيهي نه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ساون کيتن وارن ڳوٺن کي ساڙڻ ۽ اُجاڙڻ کان وٺي دربدر ٿيندڙ ماڻهو هاڻ ٿڪجي پيا آهن. جن جي ذميواري به اُن قيادت تي اچي ٿي، جيڪا قيادت عوام جي ڪُلهن تي چڙهي ايوانن تائين پُهتي آهي. ماڻهن جي اندر ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ غير معمولي حد تائين وڌيل آهي. جيڪا رات وچ ۾ پئدا ناهي ٿي. پر وڏي عرصي کان سنڌ ۾ خراب حُڪمرانيءَ جو نتيجو آهي. سنڌ اهڙي قيادت جي خواهش رکي ٿي، جيڪا حقيقي معنى ۾ سنڌ جي سياسي ۽ قومي مُفادن تي سودي بازي ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جي وسيلن جي مالڪيءَ تي تِر جيتري به سوديبازي نه ڪري ۽ کين عوام سمجهڻ بجاءِ رعيتي راڄ تصور نه ڪري. هن وقت تائين سنڌ جي ڀوتارن ۽ وڏيرن ته طاقت جي سرچشمي عوام کي رعيتي راڄ سمجهي ئي پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيوآهي. جن جو سنڌ جي مِٽيءَ سان رشتو به ووٽن جي ڪري ئي سلهاڙيل رهيو آهي.