سياسي اڪيلائپ جو شڪار سنڌ جو اُداس نسل...!
زندگيءَ ۾ رشتا، ناتا تعلق ته جام هوندا آهن ليڪن دوست تمام گهٽ هوندا آهن. مون زندگيءَ ۾ جيڪي دوست ميڙيا آهن اُنهن ۾مقصود عباسي به شامل هو. اُها صبح ڪيڏي نه ڀيانڪ بڻجي وئي هُئي جڏهن مان ٺٽي لاءِ نڪتو هوس ۽ جهمپير جي ويجهو ئي مَس پُهتو هوس ۽ سج پهاڙن وچان اکيون پٽي اوڀر مان اُٿڻ لڳو هو ته ڪنهن دوست جي فون آئي ته: ”مقصود عباسيءَ سا دل دغا ڪري وئي ۽ هُو هاڻ ناهي رهيو.“ دل سيني ۾ ڦٿڪڻ لڳي. اکين جون پنبڻيون پُسي ويون مان ڪيئن چوان ته جڏهن سياست مٿان ”پرسنلٽي چئلينج“ جو دور حاوي ٿيڻ لڳندو آهي. تڏهن ڪارڪنن جون ٻيڙيون ٻُڏڻ لڳنديون آهن. سنجيدهه سياسي ورڪر ته اُن وقت ئي مري چُڪا هُئا جڏهن سياست جا سڙهه ڪمزور بڻجي ويا هُئا. مقصود عباسي نه فقط گهڻن سياسي اڳواڻن جو ميزبان رهندو هو پر هُو اُنهن اڳواڻن جو ميزبان به هوندو هو. جنهن عمل جي سُڻڪ پوڻ سان ئي کيس کنڀي گُم ڪري ڪنهن چوراهي تي لاش ڦٽو ڪيو وڃي ها. ساره شگفته لکيو هو ته: ”دُعا فقير کان به وڌيڪ بُکي هوندي آهي.“ ساره شايد صحيح لکيو هُجي پر مان اُن کان به وڌيڪ بُکيو اُن سياست کي سمجهان ٿو. جنهن سياسي رومانس ۾ ويٺل هڪ پُوري نسل کي ڳِهي ڇڏيو. جنهن ۾ سنڌ جو هڪ پُورو اداس نسل اڪيلو بڻيل آهي.