پنهنجي پاران
اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو.
زندگيءَ ۾ هر شخص کي ڪيترن ئي الڳ الڳ مسئلن جي سامهون ٿيڻو پوي ٿو، زندگي وهندڙ درياهه جيان آهي، ها ان ۾ ڪڏهن ماٺائي هوندي آهي ته ڪڏهن تيز وهڪرو هوندو آهي، جيڪو ڪنارا ٽوڙي، ڪيتري علائقي کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي، بلڪل ائين ماڻهوءَ جو اندر به آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي ته:
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن،
سرتيون سارو ڏينهن، هينئون جاءِ نه هڪڙي.
هن ڪتاب لکندي، زندگيءَ جا ڪيترائي ڪڙا توڙي مٺا تجربا سامهون آيا، جيڪي سڀ لکڻ جهڙا هئا، پر پوءِ منهنجي اندر اهو فيصلو ڪيو ته انهن تجربن مان لکڻ رڳو اهي گهرجن جيڪي گهڻن لاءِ فائدي وارا هجن ۽ جن جو واسطو، چڱائي ۽ نيڪيءَ سان هجي، پر گلن سان گڏ ڪنڊن جو هجڻ به ضروري آهي، جنهن جو احساس پڙهندڙن کي ڪٿي نه ڪٿي ضرور محسوس ٿيندو. ڇا ڪجي زندگي جا اهي سڀ تجربا انسان کي ملن ٿا. ها البت لکڻ وقت واقعي کي اهميت ڏيڻ ۽ نه اهميت ڏيڻ منهنجي نجي ذميداري آهي ته ڪهڙي واقعي کي لکان ۽ ڪهڙي کي نه لکان. ڪي واقعا لکڻ به گهريم پئي، پر محسوس ڪيم ته انهن سان ڪن دوستن ۽ دل گهرين جي دل آزاري ٿيندي، ان ڪري انهن کي ڇڏي ڏنو اٿم. پوءِ به ڪوشش ڪئي اٿم ته جيڪو سچ آهي يا جنهن کي مان سچ سمجهان ٿو، اهو ضرور لکان، ائين لکندي لکندي، هڪ داستان ٿي ويو آهي، جنهن ۾ منهنجي شخصي زندگي به آهي ته منهنجي پروفيشنل زندگي به آهي ۽ ان زندگيءَ ۾ شامل منهنجي سياسي زندگي به آهي.
هن ڪتاب ۾ منهنجا عزيز به آهن ته دوست، مهربان به آهن ته نامهربان به آهن. مطلب ته ڏک به آهن ته سک به آهن، هونئن به زندگي ڏکن سکن جو گڏيل هڪ گلدستو آهي، جنهن جي خوشبوءِ به سٺي آهي ته رنگ به سٺا آهن. ائين ضرور ٿيندو آهي ته ڪن حالتن ۾، ڪجهه وقت لاءِ اها خوشبوءِ گهٽجي ويندي آهي ۽ رنگ ڪجهه ڇڊا ٿي ويندا آهن پر وري مند موٽڻ تي سڀ ڪجهه سهڻو ٿي پوندو آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيئي لاها، چاڙها آيا آهن، جن سڀني سان نڀايو اٿم. ڪيتريون ئي خوشيون مليون آهن ۽ ڪيترائي ڏک اکيون آليون ڪري ويا آهن، پر زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه سهڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن انهيءَ سموري زندگيءَ مان وري ٻين جي زندگيءَ کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي ته اها لکڻ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي، مون اها ڳالهه ذهن ۾ رکي هيءُ ڪتاب لکيو آهي.
هاڻي جڏهن محسوس ڪيان ٿو ته ڏک، سک، سڀ گوندر گذري ويا آهن، تڏهن هن ڪتاب کي نالو ڏنو اٿم ”گوندر ويا گذري“.
مان هاڻي جنهن عمر ۾ آهيان، ان عمر ۾ هيءُ نالو منهنجي ڪتاب لاءِ موزون آهي. زندگيءَ ۾ موهه رهي ئي ٿو. هن دنيا سان تعلق ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو به آهي پر هڪ ڏينهن ماڻهو اهڙي عمر ۾ اچي ٿو، جڏهن هو سمجهي ٿو ته هاڻي هن جهان ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو سندس ڪم جو نه آهي. ائين مان به محسوس ڪيان ٿو ته مون لاءِ هاڻي اهم ڪم پنهنجا تجربا ورهائڻ آهي، جيئن اهي ايندڙ نسل کي ڪم اچن. ان نسل کي جنهن جي آڏو سڄو جهان پيو آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ ڪتاب انهن جي رهنمائي ڪندو. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب مون پنهنجي تسڪين لاءِ ئي لکيو آهي پر اهو ڇپجڻ کانپوءِ منهنجي ملڪيت نه رهندو. اهو پڙهندڙن جي ملڪيت هوندو. هن ڪتاب ۾ مون پنهنجن دوستن کي جيئن ڏٺو آهي، محسوس ڪيو آهي، ائين ئي انهن جو ذڪر ڪيو آهي. دوستن، عزيزن ۽ واقعن جي ذڪر ۾ جيڪي آهي، اهو منهنجي اندر جو سچ آهي، اهو سچ جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي خراش پهچائي ٿو ته مان ان کان اڳواٽ معافي گهران ٿو، هن ڪتاب لکڻ وقت، ڪنهن به شخص کي ڏکوئڻ منهنجو مقصد نه آهي. پوءِ به ممڪن آهي ته ڪنهن کي رنجش پهچي، ڇاڪاڻ ته اسين سڀ انسان ئي ته آهيون ۽ ڪو به انسان سڀني کي خوش رکي نٿو سگهي.
هن آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ منهنجي ڪراچيءَ جي دوستن جو وڏو عمل دخل آهي، جيڪي گڏجي صبح جو نثار شهيد پارڪ ۾ واڪ ڪندا آهيون، واڪ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪندا آهيون ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ به ڪندا آهيون. مان انهن سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي هن آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي.
هن آتم ڪهاڻيءَ کي لکڻ ۾ محترم منصور علي ميمڻ ۽ محترم امجد علي مستوئي، جي گهڻي محنت آهي جن منهنجي زباني ڊڪٽيشن وٺي ڪتاب لکيو ۽ بعد ۾ فيئر ڪري عوامي آواز اخبار جي سنڊي مئگزين کي اشاعت لاءِ ڏنو. اخبار کي وقت تي پهچائڻ ۾ محترم شهباز خان پريو ۽ محترم شهزاد رسول وڏي محنت ڪئي. انهن جي جانفشاني ۽ محنت جي نتيجي ۾ 47 قسطون متواتر عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ شايع ٿيون.
مئگزين ۾ هن ڪٿا کي شايع ڪرڻ جو حقيقي سهرو ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ چيف ايڊيٽر، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مئنيجنگ ايڊيٽر، جي اين مغل ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ ايڊيٽرس مسٽر محمد قاسم راڄپر ڊپٽي ايڊيٽر ۽ انچارج مئگزين سيڪشن جي تمام گهڻي محنت آهي. ان سان گڏ عوامي آواز جي ساٿي نوجوان اديب ۽ صحافي مسٽر رکيل مورائي جو جنهن ڪتاب کي شروع کان آخر تائين سهڻو بڻائڻ ۾ ساٿ ڏنو ان سان گڏ مسٽر زرار پيرزادو، ذوالفقار واهوچو ۽ اسد چانڊيو، جن سڀني جو شڪرگذار آهيان.
ڪتابي صورت ۾ هن ڪٿا کي صحيح نموني ۾ ڇاپڻ ۽ وقت تي سٺي پني ۽ صفائيءَ سان ڇپائي پڌرو ڪرڻ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين مسٽر نوراحمد ميمڻ جو به تهه دل سان شڪرگذار آهيان.
ڪريم بخش قريشي، عبدالڪريم صديقي، ايس ، اي ڌاريجو، خالد ورماڻي، سيٺ ڄيٺانند ڪو هستاني، ڊاڪٽر الطاف حسين تنيو جو به شڪريو بجا آڻيان ٿو جن فراغ دليءَ سان، محبت ۽ خلوص سان منهنجي رهنمائي ڪئي.
سيد ديدار حسين شاهه