ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو
مون سان ڊاڪٽر صاحب جي دعا سلام 2011ع ۾ ٿي، جڏهن منهنجو مربي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه بيمار ٿيو. آغا خان هاسپيٽل ۾ علاج ڪرايوسين، پر خاص فائدو ڪو نه ٿيو، بعد ۾ مون ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب کي پنهنجي ڀاءُ مرحوم جو سڄو ڪيس کڻي وڃي ڏيکاريو. ڪيس پڙهي ڪري چيائين ته مان علاج ڪندس ۽ انشاءَالله تعاليٰ شاهه صاحب خوش ٿي ويندو.
مونکي ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب جو نالو ذهن ۾ ان ڪري آيو جو منهنجو دوست نادر خان ڊکڻ، جيڪو منهنجو پاڙيسري به آهي، ان کي اوچتو فاليج جو حملو ٿي پيو. جڏهن مان ان جي عيادت ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪلب ۾ کيس ڏسڻ ويس ته ان جي حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک به ٿيو ۽ الله جي در دعا به گهريم ته الله سائين کيس صحت ڏيئي. ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب جي علاج مان ان کي صحت ملي ۽ جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي نيڪي آهي. ڇو ته نادر خان ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو هو جو ڪنهن سهاري کانسواءِ اٿي ويهي به ڪو نه پئي سگهيو. الله تبارڪ و تعاليٰ جو فضل و ڪرم ٿيو، نادر خان ڊکڻ خوش ۽ تازو توانو صحتمند ٿي ڪراچيءَ مان ئي عمري جي سعادت لاءِ ويو.
ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڏاڍو شريف، ڄاڻو، لحاظ مروت وارو ۽ سيد صاحبان جي عزت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. مون کي ڪچهري ڪندي اهو ٻڌايائين ته، مان جڏهن انٽرميڊيٽ سائنس ۾ پاس ڪري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ انٽري ٽيسٽ ڏيڻ آيو هيس، تڏهن ٽيسٽ ڏنم ته اندر ۾ هرکر هئي ته رزلٽ ۾ الائي ڇا ٿيندو. شاگرد داخلا جا خواهشمند ڪافي هلندي پڄندي وارا به هيا. ٽيسٽ ڏيڻ بعد واپس ايندي بندر روڊ تي امام بارگاهه ۾ مجلس عزا ٿي رهي هئي، مان به مجلس عزا ٻڌڻ بيٺس. انٽري ٽيسٽ جو ۽ ان ۾ کڄڻ جو کٽڪو ۽ پريشاني هئي. منهنجي مايوسي ڏسي اتي بيٺل هڪڙي ماڻهو صلاح ڏني ته آيا آهيو ته مجلس ٻڌو ۽ مجلس جي پوري ٿيڻ بعد دعا گهرندا، توهان به ان دعا ۾ پنهنجي جيڪا جائز گُهر/طلب آهي، اها رب کان گهرو، ڪرڻ وارو رب آهي، انشاءَالله توهان جي دعا قبول ڪندو. بقول ڊاڪٽر صاحب جي دعا قبول ته خداوند تعاليٰ ڪندو آهي، پر ڪنهن وقت ۽ محل جي ضرورت هوندي آهي. مجلس عزا کان پوءِ مون جيڪا دعا گهري اها مالڪ قبول ڪئي ۽ مونکي داخلا ملي وئي. ايم بي بي ايس ڪري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ميڊيڪل آفيسر ٿيس ۽ ٻاهرين دنيا مان به پڙهي آيس ۽ وقت تي پروموشن به ملندو رهيو. سٺي عزت سان رٽائر ڪيم.
هاڻي پاڻ ڪلفٽن ۾ خانگي اسپتال (ڪلينڪ) تي ويهندو آهي ۽ مريضن کي ڏسي ڪري دوائون وغيره تجويز ڪندو آهي. اسپتال جي هڪڙي حصي ۾ سندس گهر واري ڊاڪٽر نرگس صاحبه جيڪا گائني جي اسپيشلسٽ آهي، اها عورتن جو علاج ڪندي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ مان تمام خوش آهي. سندس اولاد به ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. اسان جي سيد هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻي عزت ڪندو آهي، خدا ڪري اسان سيد ٿي روز محشر ۾ اٿون.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهران، پنهنجي گاڏيءَ ۾ آچر جي ڏينهن منهنجي ڀاءُ کي P.E.C.H.S ۾ ڏسڻ ويندو هيو ۽ مون کان ڪا به في چارج نه ڪندو هيو، اها ان جي مهرباني آهي. ان جي برعڪس ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي نياڻي جي گريجوئيشن سيرمني (ceremony) ۾ شرڪت لاءِ انگلينڊ ويل هيو ته هڪڙي هفتي لاءِ ڊاڪٽر محمد اسلم آرائين کي منهنجي ڀاءُ جي چيڪ اپ لاءِ وٺي آياسين، جيڪو جمعيت هاسپيٽل دهلي ڪالونيءَ ۾ ڪم ڪندو هيو. ان منهنجي ڀاءُ جو چيڪ اپ ڪيو، دوائون لکي ڏنائين ۽ گهر جي مين گيٽ تي پهچي بيهي رهيو. گاڏيءَ ۾ نه پيو ويهي، ڊرائيور کان پئسا گهريائين ته في ڏيو ته پوءِ مان گاڏيءَ ۾ ويهان. ٻڌائڻ جو مقصد آهي ”ماڻهو نه ماڻهوءَ جو فرق“.
الله تعاليِٰ ڊاڪٽر الاهي بخش سومري کي ۽ ان جي فيمليءَ کي صحتمند ۽ خوشحال رکي آمين.