آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

سرائي خدا بخش کُهاوڙ مرحوم

واره شهر جي هر هڪ ماڻهو کان، صوم صلاة جو پابند، غريبن جي ڪڍ اچڻ وارو سچو ۽ سپتيو ڳڻن وارو ماڻهو پڇبو ته هو هڪدم سرائي خدا بخش کهاوڙ جو نالو کڻندو. سندس اها ئي مشهور خوبي هئي ته هو هڪ ايماندار، خدا ترس ۽ ڏکي وقت ۾ خلق خدا جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. سائين کهاوڙ صاحب پاڻ ڪو وڏو زميندار ڪو نه هيو. پر وارهه تعلقي ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ هيو. سرائي مرحوم منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه جو گهرو دوست هيو. ڇو ته منهنجي ڀاءُ مرحوم جي سروس جو ڪافي عرصو وارهه تعلقي ۾ گذريو، ان جي ڪري ان جي دوستي مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ، مرحوم عبدالله خان ٻگهيو، مشهور سياسي ورڪر مرحوم رئيس قربان علي خان کهاوڙ، سندس فرزند رئيس گل محمد کهاوڙ ۽ نوجوان سياسي ورڪر شير محمد بروهي، مسٽر نجم الدين ابڙو جيڪو ان وقت هاءِ اسڪول وارهه ۾ ماستر هيو ۽ ان جو ڀاءُ بدرالدين ابڙو جيڪو ان وقت هاءِ اسڪول وارهه ۾ ماستر هيو تن سان به سندس دوستي ۽ ڀائپي جا تعلقات هيا.
مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ زندگيءَ ۾ ڪافي لاها چاڙها ڏٺا، سياسي ميدان ۾ سرگرم رهيو ۽ قاضي فضل الله کي ڪافي ويجهو ٿي ويو هو. قاضي صاحب ۾ اها خوبي هئي ته غريب ۽ امير جي فرق رکڻ کان سواءِ هر ڪنهن سان هڪ جهڙو هلندو هيو ۽ دوستن جون تکيون مٺيون ڳالهيون برداشت ڪندو هيو.
1970ع جي عام انتخابات ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽي جي اڀرندڙ طوفان کي ڏسندي به مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ، مرحوم قاضي فضل الله جو ساٿ ڪو نه ڇڏيو. ۽ اليڪشن مهم هلندي مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي آمون سامهون چيائين ته: سائين منهنجي قاضي فضل الله سان دوستي آهي، اها دوستي ڇڏي نٿو سگهان. توهان سان ڪوڙو واعدو ڪو نه ڪندس معاف به ڪجو ۽ دل ۾ به نه ڪجو، ڇو ته مان سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ سمجهان به ٿو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي ايڏي وڏي طوفان ۾ قاضي صاحب کٽي ڪو نه سگهندو پر جيئن چوڻي آهي ته:
”تون پنهنجو توڙ نڀاءِ ڀلي اڳلو ڄاڻي”،
نتيجو صاف ظاهر هو ته قاضي صاحب اليڪشن ۾ هارائجي ويو. اليڪشن کٽڻ کان پوءِ به سچ ڳالهائڻ جي ڪري ممتاز علي خان ڀٽي کيس ڪا به تڪليف ڪو نه ڏني.
مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي ڪن سببن جي ڪري پارٽي هاءِ ڪمانڊ صوبي سنڌ جي وزارت اعليٰ جي عهدي تان فارغ ڪيو ۽ ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن عهدي کان سواءِ ڪجهه عرصو واندو رهيو.
منهنجو ساڻس سياسي تعلق هيو، مون اهو محسوس ڪيو ته ممتاز علي خان ڀٽي جهڙي ماڻهوءَ کي واندو نه ويهڻ گهرجي ۽ سندس سياسي هلچل جاري رهڻ گهرجي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مون کيس عرض ڪيو ته ٽائيم ڏيو ۽ رتي ديري منهنجي غريب خاني تي اچو، پوءِ اتان وري محمود خان ڀٽي جي ڳوٺ تعلقي ميرو خان هلون ۽ اتان وري شام جي وقت وارهه پهچي وڏو جلسو ڪجي ۽ رات جي ماني سرائي خدا بخش کهاوڙ وٽ کائجي.
پروگرام طئي ٿيڻ کان پوءِ مرحوم محمود خان ڀٽو، سرائي خدا بخش کهاوڙ ۽ مان گڏ اچي ممتاز علي خان ڀٽي وٽ وياسين ۽ دستوري دعوت عرض رکيوسين. ڀٽي صاحب دعوت ۽ پروگرام قبول ڪيو. هفتي کن کان پوءِ ممتاز علي خان ڀٽي کي وڏي جلوس ۾ رتيديري آندو سين، اتي ناشتو ڪري ماڻهن سان ملاقات ڪري ۽ خطاب ڪري جلوس جي صورت ۾ ڳوٺ محمود آباد تعلقو ميرو خان وياسين جتي مرحوم محمود خان ڀٽي وڏو اهتمام ڪيو هيو. ۽ وڏو جلسو منعقد ڪرايائين جتي ممتاز علي خان ڀٽي ۽ ٻين به تقريرون ڪيون، اتان فارغ ٿي وري مرحوم رئيس خدا بخش کهاوڙ وٽ وڏي جلوس جي شڪل ۾ پهتاسين. ممتاز علي خان جو سڀني هنڌ سٺو استقبال ٿيو، ان وقت ممتاز علي خان ڀٽو پيپلز پارٽي ءَ ۾ هيو ۽ وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ سٺي نظم و ضبط ۽ امن و امان جي ڪري چڱو نالو ڇڏيو هئائين. ممتاز علي خان ڀٽو دعوت ۾ شريڪ ٿيو ۽ جلسي کي خطاب به ڪيائين، ان ڪامياب پروگرام کان پوءِ واپس ڳوٺ پير بخش ڀٽي آياسين، اتي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته پروگرام تمام سٺو رهيو ۽ اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن. مهيني ڏيڍ کان پوءِ منهنجي دعوت تي رتيديري آيو هيو ۽ اتي به سندس وڏو استقبال ٿيو هيو. ان موقعي تي دعوت جو سٺو اهتمام ڪيو ويو هيو ۽ سنڌ جا M.P.A - M.N.A ۽ ٻيا پارٽي عهديدار به شريڪ ٿيا هيا. وڏي دعوت هئي، دعوت کان پوءِ پنهنجي سر گرمين ۽ آڌر ڀاءُ تي بيحد سرهو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ پير بخش ڀٽي ۾ ساڻس ملاقات ٿي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته وراهه وارو جلسو ۽ دعوت، ميرو خان وارو جلسو ۽ دعوت ۽ توهان جي دعوت جو پڙاڏو اسلام آباد تائين پهچي چڪو آهي ۽ مختلف حلقن ۾ تبصرا ٿي رهيا آهن.
ذڪر ٿي هليو سرائي خدا بخش کهاوڙ مرحوم جو، مرحوم رمضان شريف جي مهيني ۾ پاڻ پنهنجي گهران کاڌو تيار ڪرائي شهر ۾ اچي ضرورتمند ماڻهن کي سحري و افطاري ڪرائيندو هيو ۽ اهو ڪم مذهبي فرض سمجهي ادا ڪندو هو. جنهن ڪري کيس ڏاڍو سڪون محسوس ٿيندو هيو.
وارهه جي پس گردائيءَ ۾ سندس زمينون هيون، جن ۾ گهڻو ڪري سبزي ٿيندي هئي ۽ اها سبزي موسم آهر سڀني دوستن کي لاڙڪاڻي رتيديري، قمبر شهداد ڪوٽ موڪليندو هيو. وڏو سخي ماڻهو هيو، سندس انتقال کي ڪجهه عرصو ٿيو آهي، سندس فرزند عبدالفتاح کهاوڙ وارهه ۾ ميلو مچايون ويٺو آهي ۽ پنهنهجي والد مرحوم جي نشان کي زندهه رکيو اچي باقي سندس وڏي فرزند عبدالوهاب کهاوڙ سڀ تعلقات ختم ڪري اچي ڪراچي وسائي آهي.
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ جي روح تي پنهنجون رحمتون نڇاور ڪري ۽ سندس مغفرت فرمائي آمين.