محترمه بينظير ڀٽو سيد سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس ڪيو هو
شاهه صاحب سيد سجاد علي شاهه جي چيف جسٽس آف پاڪستان جي طور تي مقرري، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو مٿس هڪ وڏو احسان ۽ سٺو ڪم هيو، ڇا لاءِ ته شاهه صاحب سينيارٽيءَ ۾ چوٿين نمبر تي هيو. پر پوءِ به محترمه شاهه صاحب کي پنهنجو سمجهي چيف جسٽس مقرر ڪيو. جيڪا ڳالهه سينيئر ججن کي ڪو نه وڻي، اندر ۾ ڪڙهندا رهيا ۽ موقعي ملڻ تي مختلف رجسٽريز ۾، جيئن ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ دستور جي آرٽيڪل (3) 184 تحت شاهه صاحب جي مقرري بطور چيف جسٽس، چيلينج ڪئي ويئي. ان بنياد تي ته شاهه صاحب سينيارٽي ۾ هيٺ ڄاڻايو ويو ۽ چيو ويو ته چيف جسٽس ٿيڻ جو حق سينيئر ماڻهو جو آهي. ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ ئي هڪڙو سينيئر جج مرحوم سعد سعود جان ۽ جسٽس چوڌري قدير احمد رٽائر ٿي چڪا هيا، باقي شاهه صاحب کان سينيئر جج جسٽس اجمل ميان هيو، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ڪم ڪري رهيو هيو. ڪوئٽا رجسٽري، جنهن ۾ مسٽر ناصر اسلم زاهد، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس خليل الرحمان خان بئنچ ۾ هيا، هڪ شخص اسد علي جي نالي سان پٽيشن داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ وڪالت ڪرڻ جو شرف مسٽر شريف الدين پيرزادي صاحب کي هيو، جنهن ڪيس هلايو ۽ ججن صاحبن عارضي طور تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي عارضي حڪم نامو موڪليو ته بحيثيت چيف جسٽس هو جوڊيشل ورڪ (ڪم) نه ڪري. ساڳيو آرڊر مسٽر جسٽس سعيدالزمان صديقيءَ جي بئنچ پشاور ۾ پاس ڪيو ۽ شاهه صاحب کي جوڊيشل ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. اهو آرڊر ٽي وي تي به نشر ٿيو. هڪ ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چانهه پيئڻ کان پوءِ جڏهن واپس وڃي رهيا هياسين ته، مسٽر جسٽس حامد علي مرزا مون کي ٻانهن کان وٺي پڇيو ته، مون کي توهان جا 19-20 مهينا ياد ٿا اچن، سجاد علي شاهه صاحب جي خلاف آرڊر پاس ٿي ويو آهي. توهان کي ڪو غيبي علم آهي ڇا؟ مون سائينءَ کي چيو ته، سيد سجاد علي شاهه، صاحب منهنجو بهترين دوست آهي ۽ هڪ ٻئي سان حجت به آهي. مون مرزا صاحب کي چيو ته سائين مان گناهگار ماڻهو آهيان پر ٿورڙو تجربو به آهي. مون سمجهيو هيو ته جسٽس سجاد علي شاهه محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي مهربانيءَ سان چيف جج ٿيو آهي ۽ جيئن ته محترمه جي حڪومت، صدر، طاقتور ڌرين ۽ جوڊيشريءَ جي چُرچ سان بي واجبي طور تي ختم ڪئي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ تي ميان محمد نوازشريف 3/2 جي اڪثريت کڻي آيو آهي ۽ وڏي صوبي سان تعلق رکي ٿو، تنهن جي ڪري جنهن ٽاريءَ تي شاهه صاحب بيٺو هيو (محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حمايت تي،) ان ٽاريءَ کي ڪهاڙو کڻي پاڻ ئي ڪٽائين ته پوءِ پاڻ سلامت ڪيئن رهندو؟ مون مرزا صاحب کي ٻڌايو ته نه صرف هن منع نامي جو آرڊر ٿيو آهي، پر جلد ئي ان پٽيشن کي منظور ڪيو ويندو، شاهه صاحب کي فارغ ڪيو ويندو پر جسٽس اجمل ميان کي چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيو ويندو. توهين عدالت جي ڪيس هلندي ميان محمد نوازشريف ٻه دفعا ڪورٽ ۾ ايس ايم ظفر جي معرفت حاضر ٿيو هيو. هڪ ڏينهن 3 ڪلاڪ ۽ ٻئي ڏينهن به 2-3 ڪلاڪ حاضر ٿيو هيو، پر توهين عدالت جو فيصلو ڪو نه ٿي سگهيو هيو. ڪيس مهمل ٿيو ته ميان محمد نوازشريف کي موٽر وي جو افتتاح ڪرڻو آهي، جنهن ڪري ان جي لاءِ ڪيس کي 15 يا 20 ڏينهن جي لاءِ مهمل ڪيو وڃي ۽ ڪيس مهمل ٿي ويو. باقي جيڪي داستان آهن، انهن لاءِ ته تاريخ شاهد آهي ته ڪهڙي نموني سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪيئن ججن جي توهين ڪئي ويئي، ڪيئن انهن جون نالن واريون تختيون پيرن ۾ لتاڙيون ويون. چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ ان جي ٻين حامي ججن ڪورٽ مان ڪيئن ڀڄي پنهنجي جان بچائي. شاهه صاحب کي 1998-02-16 تي سرڪاري طور عمر جي مدي پوري ٿيڻ تي رٽائر ٿيڻو هيو، پر مڪافات عمل به ڪا شئي ٿيندي آهي.
شاهه صاحب به چيف جسٽس هوندي 23 جج ڪراچي، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ مان ڪڍيا هئا، جيڪو عمل به پسند ڪو نه ڪيو ويو هو. شاهه صاحب خير سان اسلام آباد کان ڪراچي آيو. سندس بنگلو پنجاب هائوس جي پاسي ۾ پلي گرائونڊ سان لڳ آهي. مان ٽيليفون ڪري سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويس، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شاهه صاحب کي ننڍو دل جو دورو پيو هيو. مان مقرر وقت تي ويس. سائين سجاد علي شاهه صاحب تمام عزت ۽ احترام سان مليو. سندس فرزند، علي به موجود هيو. دستوري مزاج پرسي ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ مون سائين کي عرض ڪيو ته، ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪجي. چيائين ته بلاشڪ! مون چيومانس ته توهان ڳالهه دل ۾ ته ڪو نه ڪندو؟ پاڻ وراڻيائين ته بلڪل کلي دل سان ڳالهايو. مون عرضو ڪيومانس ته توهان تي محترمه جي مهرباني ۽ نوازش هئي، جنهن سينيئر ججن کي پوئتي ڪري توهان کي چيف جج ڪيو پر توهان وري الٽو بينظير صاحبه جي حڪومت جي ڪڍ پئجي ويا؟ توهان جو اختلاف جيڪڏهن آغا رفيق احمد خان جي هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ تي هيو، ته اهو به حل ٿي پئي سگهيو. توهان اڳتي وڌي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي لاءِ مشڪلات پيدا ڪئي، جيڪا اوهان کي نه ڪرڻ گهربي هئي. شاهه صاحب جواب ۾ فرمايو ته آصف علي زرداري، وزيراعظم هائوس ۾ مون سان سٺو ورتاءُ ڪو نه ڪيو هو ۽ ائين چيو هيائين ته ”توهان به ته جونيئر جج هيا پوءِ توهان کي محترمه ڇو چيف جسٽس ڪيو هو؟“ جيڪا ڳالهه مون کي ناگوار لڳي. مون عرض ڪيومانس ته اوهين اعليٰ ظرف رکندڙ سيد آهيو ۽ مومن به آيو ۽ حضرت علي عه جو قول آهي ته، ”هر ان ماڻهوءَ جي شر کان بچو، جنهن تي توهان ڪو احسان يا چڱائي ڪئي هجي.“ قبله توهان ته بلڪل حضرت علي عه جي قول جي برعڪس ڪم ڪيو. خير جيڪو ٿيو سو گذريو، هاڻي عرض آهي ته توهان کان 3 عظيم غلطيون ٿيون آهن.
1-توهان آغا رفيق احمد خان جي مقرريءَ جي معاملي تي ايڏو طوفان کڙو ڪيو، جو ججن جي مقرريءَ جا اختيار چيف ايگزيڪيوٽو کان وٺي چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيا ۽ سينيارٽي جو لحاظ نه رکندي، آغا رفيق احمد خان جي مقرري کي قبول نه ڪيو، پر پنهنجي مقرريءَ لاءِ توهان سينيارٽي جي اصول کي پوئتي رکي عهدو قبوليو. جيڪڏهن ججز ڪيس کي نظر ۾ رکندي توهان پاڻ به رضا خوشيءَ سان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان پنهنجي ججمينٽ جو مان رکندي هليا وڃو ها ته اوهان جو تاريخ ۾ نالو رهجي وڃي ها.
2-توهان کي جذباتي طور تي پرائم منسٽر ميان محمد نواز شريف تي توهين عدالت جو نوٽيس ڪڍڻ نه گهربو هيو، اوهان درگذر ڪري ڇڏيو ها، ڇو ته هُو طاقتور صوبي جو ماڻهو هو ۽ ان وقت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي رهواسڻ اقتدار ۾ نه هئي.
3-جڏهن توهان وٽ پرائم منسٽر ٻه ڏينهن مسلسل حاضر ٿيو هيو ته، فراغ دلي ڏيکاريندي، پرائم منسٽر جي، ڪورٽ سڳوري جي آڏو پيش ٿيڻ جي ڪري نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو ها، پر جيڪڏهن نوٽيس واپس نه پئي وٺي سگهيا ته، کيس مارچ 1998ع جي تاريخ ڏيئي مڪمل پري ڪري ڇڏيو ها، تڏهن به ڳالهه رهجي وڃي ها. توهان جي خلاف پنهنجا جج، جن فتوائون ڏنيون، اهي به نه اچن ها ۽ توهان جي فراغ دليءَ جو مظاهرو به ٿي وڃي ها، سپريم ڪورٽ تي حملي جو جواز به پيدا نه ٿئي ها ته عدليه جي بيعزتي به نه ٿئي ها. عدليه ۾ ماڻهو تمام پڙهيل، سلجهيل ۽ قاعدي قانون کي ڄاڻيندڙ هوندا آهن پر انساني فطرت، ذاتي پسند ۽ ناپسند جو عنصر نڪري ڪونه سگهيو آهي. هونئن به اهو مڃيل اصول آهي ته جيڪڏهن هيٺين عدالتن مان هاءِ ڪورٽ ۾ جج کڻندا آهن ته ان جج جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي ۾ جيڪا سينيارٽي هوندي آهي، ان جي آڌار تي هاءِ ڪورٽ ۾ سينيارٽي ملندي. مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوانداس ۽ مسٽر جسٽس ناظم حسين صديقي سول جج جو امتحان اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 1967ع ۾ پاس ڪيو هيو ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي حيثيت ۾ جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کان سينيئر هيو. جسٽس سعيدالزمان صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج هيو، ان پنهنجي پسند جي ڪري مسٽر ناظم حسين صديقيءَ کي سفارش ڪرائي، هُو ٻين ججن سان گڏ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو هيو، پر جيئن ته اهي جج مستقل ڪو نه ٿيا هيا ۽ گهر موڪليا ويا هئا. ٻيهر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پرائم منسٽر ٿيڻ جي ڪري جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ اسان سان گڏ ناظم حسين صديقي به هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو، پر ناظم حسين صديقيءَ پنهنجو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت کان الڳ ڪڍرايو هيو. جڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي ته سينيارٽي، هيٺين عدالتن جي سينيئر هجڻ جي ڪري ملندي آهي ۽ گهڻا جج هوندا آهن ته پوءِ عمر جي لحاظ تي سينيارٽي ملندي آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ اسان اهڙي درخواست چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس مامون قاضيءَ کي ڪئي. جنهن اها درخواست قبول ڪندي، مقرر ڪيل پاليسيءَ تي سينيارٽي ڏني، پر ان آرڊر جي هڪ ڏينهن کان پوءِ جسٽس وجيهه الدين احمد چيف جسٽس ٿيو، جنهن ان آرڊر کي واپس وٺي، مسٽر ناظم حسين صديقي کي سينيارٽي ڏني، جيڪا ڳالهه جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کي ناگوار گذري. اڳ ۾ ئي جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي پوئتي ڪري جسٽس سعيدالزمان صديقيءَ جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کي هاءِ ڪورٽ جو جج ڪرايو هو. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي سينيارٽي، اهليت ۽ ايمانداريءَ کي مدنظر نه رکيو ويو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڌاريا ئي ڌاريا، مٽ مُئي جا نه ٿيا،“ خير!
جنرل پرويز مشرف جي ملٽري ٽيڪ اوور کان پوءِ چند ڏينهن ۾ ظفر علي شاهه ملٽري ايڪشن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ (3) 184 جي پٽيشن داخل ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان سعيدالزمان صديقي صاحب، جنهن جسٽس سجاد علي شاهه کي سپريم ڪورٽ مان ڪڍرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هيو، ان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. جنرل پرويز مشرف کي ڪا کڙڪ پئجي وئي ته متان هو ميان نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏيئي، جيئن جسٽس نسيم حسن شاهه سپريم ڪورٽ جي چيف جج جي حيثيت ۾ صدر جي آرڊر جي خلاف ڏنو هئو، جنهن تحت نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي، ان کي مهيني ڏيڍ جي اندر وري بحال ڪيو ويو هيو ۽ نواز شريف وڏي مانَ شان سان وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو. جنرل پرويز مشرف به دهليءَ جو ڄاول هو ۽ پاڪستان ۾ هجرت ڪري آيل هو. ميان نواز شريف کي اها پڪ هئي ته پرويز مشرف کي فوج ۾ ڪا ٻي حمايت حاصل ڪونهي، تنهن ڪري هن جنرل علي خان کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪونه ڪيو، جيڪو جنرل پرويز مشرف کان سينيئر هيو.
جنرل پرويز مشرف تمام سياڻو ۽ خاموش طبيعت ماڻهو هجڻ ڪري، ميان نواز شريف کان پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري ڪرائي. ڪيس هلندي اوچتو ئي اوچتو مشرف پي سي او نافذ ڪيو، جنهن تحت ڪجهه ججن کي حلف نه ڏنو ويو ۽ ڪجهه ججن پنهنجي مرضيِءَ تي پي سي او جو حلف نه کنيو. ايئن سپريم ڪورٽ مان 5 جج فارغ ٿي ويا. جيئن ئي جايون خالي ٿيون ته مسٽر ناظم حسين صديقي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حلف کنيو ۽ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ هڪ رٿ پٽيشن هڪڙي ڪراچي جي واپاري صديقيءَ کان داخل ڪرائي ويئي ته، جيئن ته راڻا ڀڳوانداس هندو آهي، ان ڪري اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿي ڪونه ٿو سگهي، تنهن ڪري ان جي مقرري منسوخ ڪئي وڃي.
مسٽر ناظم حسين صديقي اڳ ۾ ئي ناراض هيو. پٽيشن کي هڪ دم ئي ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪري، فل ڪورٽ بئنچ ٺاهي، جنهن ۾ جسٽس عبدالحميد ڊوگر، جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد ۽ جسٽس روشن علي عيساڻي مقرر ٿيا. اخبارن ۾ پبلسٽيءَ لاءِ خبر هلائي ويئي ته اسلام جي ڳڙهه ۾ هڪ هندوءَ کي اهو عهدو ڏيڻ سراسر غيراسلامي ۽ غيرآئيني آهي. دستور پاڪستان جي مطابق اهڙي ڪابه شق ڪونه آهي ته ڪو هندو، عيسائي يا پارسي جج ٿي ڪونه ٿو سگهي، ڇو ته پاڪستان ۾ جسٽس اي آر ڪارنيلس (عيسائي)، جسٽس دوراب پٽيل (پارسي) ۽ جسٽس سڌوا پڻ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا نالي وارا جج رهيا آهن. جسٽس راڻا ڀڳونداس، جنهن جو ذڪر مان اڳ به ڪري چڪو آهيان ته، هو صاحب ايم اي اسلاميات ۽ ايم اي مسلم ڪلچر جون ڊگريون رکندڙ به آهي ۽ خدا جي ذات ۾ پختو يقين رکندڙ ايماندار ماڻهو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوانداس جي ڪيس هلندي، مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، سينيئر وڪيل ۽ پاڪستان جي وڪلا برادريءَ ۾ وڏو نالو رکندڙ، جنهن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ 1973ع جو دستور ٺاهيو ۽ جوانيءَ ۾ يا هاڻي تائين به ڏاڍو حسين و جميل، سروقد، سهڻي رنگت ۽ سهڻا نقش نگار رکندڙ ۽ قانون تي پوري طرح دسترس رکندڙ، پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان، بغير فيس وٺڻ جي راڻا ڀڳوان داس جي وڪيل جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمات پيش ڪيائين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زوردار قانوني نقطن تي ٻڌل تقريرون ڪيائين ته هيءَ پٽيشن ٻڌڻ لائق ئي ڪونه آهي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي.
ڪيس هلندي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مون کان پچا ڪرائي ته جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي معاملي ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي، توهان راڻا صاحب کان پڇيو ته سندس جي ڪهڙي قانوني مدد ڪري سگهجي ٿي. اهو هيو ظرف ۽ دورانديشي، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي. هوءَ هر هڪ چرندڙ پرندڙ شيءِ تي نظر رکندي هئي. مون راڻا صاحب کي اها ڳالهه ٻڌائي، راڻا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو ته راڻا صاحب جي تقرري به محترمه صاحبه پاڻ ڪئي هئي. راڻا صاحب فرمايو ته محترمه کي شڪريي جو نياپو موڪليو، جو ان ڏکئي وقت ۾ منهنجي پڇا ڪئي. باقي ايترو ضرور چوندس ته ججن صاحبن کي، خاص طور جسٽس ڊوگر ۽ جسٽس عيساڻيءَ کي چيو وڃي ته هو بي انصافي نه ڪن ۽ چيف جج جي چوڻ تي ڪا غلط فتويٰ نه ڏين، اها ئي سندس مهرباني ٿيندي.
مون کي ياد پئي ٿو ته اهو نياپو مون آفتاب شعبان ميراڻي کي ڏنو هيو، ڇو ته مون کي محترمه جلاوطنيءَ دوران چيو هيو ته فاروق نائڪ يا آفتاب شعبان ميراڻي، ڪنهن جائز قانوني ڪم سان منهنجي حوالي سان ملن ته اهو سمجهجو ته اهو مون چيو آهي ۽ واقعي ٿيو به ايئن ئي جو چيف جسٽس ناظم حسين صديقي جو، جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد تي زوربار ۽ چوڻ هوندي به، جسٽس عبدالحميد ڊوگر ۽ محمد روشن عيساڻي اهڙي آرڊر ڪرڻ کان باز رهيا ۽ اها پٽيشن پنهنجي موت پاڻ مري وئي.