آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

قاضي فضل الله سنڌ جي سياست جو وسريل اهم ڪردار

قاضي فضل الله ولد عبيدالله مرحوم سنڌ جو سابق وزيراعليٰ، اولهه پاڪستان جو سابق وزير ۽ سنڌ جي سياست جو هڪ وسري ويل ڪردار آهي.
قاضي فضل الله مرحوم اصل ۾ ضلعي نوشهري فيروز جو رهائشي هيو. سندس پيءُ پيشي جي اعتبار کان هڪ استاد هيو. وچولي طبقي جو ماڻهو هيو. هُن پنهنجي نماڻي طبيعت ۽ وڪالت جي پيشي سان تمام گهري وابستگي هجڻ سبب سياست کي عام ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ واري اصول کي عبادت سمجهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجو سياسي بنياد رکي اڳتي وڌيو ۽ ڪافي وڏا عهدا ماڻي چڱي نيڪ، نامي ڪمائي.
قاضي فضل الله صاحب 1930ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت شروع ڪئي. سندس ٻيو ڪاليج جو ساٿي (ڪوليگ) مسٽر محمد حنيف صديقي مرحوم هو، جنهن لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. صديقي صاحب جو اصل گهر شڪارپور آهي. صديقي صاحب، قاضي فضل الله مرحوم کي آمادهه ڪيو ته هو حيدرآباد ضلعي کي خيرآباد چئي لاڙڪاڻي ۾ اچي ساڻس گڏ وڪالت ڪري، ڇو ته لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جي لحاظ کان ڪم به گهڻو هيو ۽ سياسي ميدان ۾ به هڪ محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهوءَ جي گهرج هئي. قاضي فضل الله مرحوم جيئن ته شاگرديءَ جي زماني کان وٺي مولانا محمد علي جوهر جي خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪيو هيو، جنهن ڪري سندس سياست ڏانهن لاڙو به گهڻو هيو.
قاضي فضل الله مرحوم شروعاتي دور ۾ محمد حنيف صديقيءَ صاحب سان گڏجي وڪالت شروع ڪئي ۽ هن وقت جيڪا جڳهه محترم عبدالرزاق سومري جي ملڪيت هيٺ آهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سڪ پل جي ڀرسان، اتان هنن وڪالت اتان شروع ڪئي. ٻه ٽي سال اتي رهيا ۽ ان کان پوءِ رئيس مرحوم عبدالحميد جتوئي ٻيٽي، ضلعي دادو واري، پنهنجو بنگلو گهنٽي ڦاٽڪ وٽ قاضي فضل الله مرحوم جي حوالي ڪيو ته، توهان هت رهو اوهان دوست آهيو. بنگلو تمام وڏو هئو، ۽ تزئين و آرائش به تمام سٺي هُئَس. شهر جي بندر روڊ جي بلڪل ڪناري تي هيو. پاسي ۾ جناح باغ اڳوڻو (تجرباغ) هيس. رئيس عبدالحميد جتوئي، مرحوم قاضي فضل الله صاحب کان ڪرايو به ڪو نه وٺندو هيو، باقي دستوري سالياني مرمت قاضي فضل الله صاحب پاڻ ڪرائيندو هيو.
جڏهن دادو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو گڏ هيا تڏهن جتوئي صاحب کي ان بنگلي جي ضرورت هئي، ڇو ته دسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر هجڻ جي ڪري ان کي لاڙڪاڻي ۾ اچڻو ۽ رهائش اختيار ڪرڻي پوندي هئي. دادو ضلعي جي الڳ ٺهڻ کان پوءِ کين دادو شهر ۾ به ڪافي جائيداد هئي جيڪا انهن پنهنجي استعمال ۾ آندي.
قاضي فضل الله مرحوم پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ابتدا 35- 1934ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي اليڪشن وڙهي ڪئي. ان زماني ۾ اهو رواج هيو ته لاڙڪاڻي ميونسپل جي ميمبرن لاءِ، جنهن کي نواب امير علي لاهوري پسند ڪندو هو ۽ جنهن کي نواب صاحب بيهاريندو هو، اهو ماڻهو ئي منتخب ٿي ويندو هيو. ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي مقابلي ڪرڻ جي طاقت ۽ وصيت نه هوندي هئي. جيئن ته قاضي فضل الله مرحوم پڙهيل لکيل ۽ عام ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي ڪري سڃاتو ويندو هئو. لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبر جي حد تائين، سمجهيائين ته بيهندس ته کٽي ويندس، ايئن هو نواب امير علي لاهوريءَ جي مخالفت هوندي به ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو ميمبر منتخب ٿيو.
قاضي فضل الله مرحوم جي رهائش گاهه کي وسيع اڱڻ به هيو جتي شام جو وڪالت جي آفيس ٽائيم کان پوءِ عام ڪچهري لڳندي هئي، جتي عام ماڻهو به ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان بنگلي جي مين گيٽ سان لاڳيتو اولهه ۾ هڪ ننڍڙي مسجد به ٺهيل هئي جا چوويهه ڪلاڪ کليل رهندي هئي، جتي بنگلي جا رهائشي ۽ عام ماڻهو به نماز ادا ڪندا هئا. نواب امير علي لاهوري، ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو منتخب صدر تقريبن 13-12 سال رهيو ۽ وري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو، مرحوم سر شاهه نواز ڀٽو به تقريبن 12 سال صدر رهيو. ان کان پوءِ نواب نبي بخش خان ڀٽو به لوڪل بورڊ جو 10 سالن تائين صدر رهيو.
قاضي فضل الله جي سياسي مشهوري سنڌ ۾ ان جي ڪري ٿي، جو مرحوم محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله مرحوم، شيخ عبدالمجيد سنڌي جيڪو تازو هندوءَ مان مسلمان ٿيو هيو کي ساڻ ڪري سياست ڪئي. هڪ ان جي مسلمان ٿيڻ جي جذبي جي ڪري ٻيو قاضي صاحب ۽ کهڙي صاحب جي گڏيل مخالفت جي ڪري، بدقسمتيءَ سان سرشاهه نواز ڀٽو 37-1936ع واري صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي هٿان هارائي ويو. سر شاهه نواز ڀٽو ڪافي دورانديش ۽ سمجهدار ماڻهو هيو، جيڪو ان شڪست کان پوءِ سياست کان بيزار ٿي بمبئي هليو ويو. ان وقت جي هندوستان جي حڪومت سرشاهنواز ڀٽي کي بمبئي ۽ سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبرمقرر ڪيو، ڇو ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو وجود آيو هو. سر شاهنواز ڀٽو بعد ۾ رياست جهوناڳڙهه جو وڏو وزير به ٿيو هيو. سرشاهنواز ڀٽي ۽ نواب امير علي لاهوريءَ جي دوستي به تمام گهري هئي. جڏهن جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي هئي ته اُن جي ڪن ۾ آذان به نواب امير علي لاهوريءَ ڏني ۽ نالو ذوالفقار علي به نواب امير علي لاهوري صاحب تجويز ڪيو هيو، ڇو ته نواب امير علي لاهوري فقه جعفريه سان تعلق رکندو هيو.
قاضي فضل الله مرحوم، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ خان صاحب عبدالحق ڀٽي (عرضي ڀٽي وارو) کي سجاول سرڪل جي تڪ ۾ شڪست ڏني، اهڙي طرح سان قاضي فضل الله لاڙڪاڻي شهر ۾ ميونسپلٽي ۽ لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ٿي، اتي پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌايو ۽ سياسي طور اهڙا دوست پيدا ڪيا، جن ان جي مدد ڪئي. ڇو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽا سردار، کهڙا سردار، چانڊيا سردار، مگسي سردار، ابڙا سردار، ٻگهيا سردار، انڙ سردار، جتوئي سردار، کهاوڙ سردار، تنيا سردار، جلباڻي سردار ۽ گهانگهرا سردار هيا. اهڙي ماحول ۾ قاضي صاحب پنهنجو اثر رسوخ پيدا ڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي سياست تي اثرانداز ٿي، پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو ۽ پنهنجي پاران لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ تي مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙيءَ صاحب، جيڪو وڪيل هيو، ان کي ٻه دفعا صدر منتخب ڪرايو. ڀرڳري صاحب سٺو وڪيل، سياسي ورڪر، صوم و صلات جو پابند ۽ ايماندار شخص آهي. جنهن پنهنجي صدارت جي زماني ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، جن جا اهڃاڻ اڄ به ملن ٿا.
قاضي فضل الله مرحوم پنهنجي دوستن، هر هڪ مرحوم فقير محمد انڙ ۽ مرحوم قربان علي خان کهاوڙ کي هڪڙو هڪڙو ٽرمُ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ڪرايو.
قاضي فضل الله مرحوم جا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ويجها دوست، جيڪي هن کي سياست ۽ سماجي حيثيت ۾ ويجها رهيا ۽ ڪم آيا ۽ قاضي صاحب به انهن کي تمام عزت ۽ تڪريم جي نگاهه سان ڏسندو هيو، تن ۾ مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي وڪيل، مرحوم خان صاحب فقير محمد انڙ، مرحوم وڏيرو غلام محمد خان انڙ، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، محراب پور وارو، مرحوم غلام عباس خان قادري، مرحوم عتيق الزمان ولد چوڌري خليق الزمان لاهوري محلي وارو، مسٽر مظفر حسين لاهوري، رضا محمد خان ڀٽو لاهوري محلو، مرحوم جمال الدين بخاري، مولوي جان محمد عباسي، مرحوم سيد وريل شاهه صاحب، مرحوم حاجي پيرزادو درزي، سردار غلام رسول خان جلباڻي، پير بخش خان گهانگهرو، مولوي غلام يحيٰ، علي حسن منگي خيروديرو وارو، حاجي محمد خان تنيو ميرو خان، سردار عالم خان گوپانگ ميرو خان، محمود خان ڀٽو ميرو خان، رئيس ڀنڀو خان چانڊيو، سردار غلام مصطفيٰ جروار، نواب سيف الله مگسي، احمد نواز کهاوڙ، ميجر دوست محمد هڪڙو، حاجي خان ڪلهوڙو، رئيس قربان علي خان کهاوڙ، خدا بخش خان کهاوڙ، الله رکيو خان چولياڻي، سيٺ ڪيول رام ۽ ڪيترائي ٻيا به گهڻا.
مولوي نظير حسين جتوئي مرحوم هڪ سياسي ورڪر هئڻ سان گڏ ڏاڍو مزاح پسند ماڻهو به هيو، هُو وڻندڙ ڀوڳ ۽ چرچا به ڪندو هيو ۽ قاضي فضل الله مرحوم جي ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڪا کل ڀوڳ يا چرچي جي مهل ٿيندي هئي ته مزي ۾ اچي، کلي قاضي صاحب کي اڪثر ڪري پنهنجو ٺهيل شعر ٻڌائيندو هيو ته
”محمود آهي تنهنجو ماضي
مظفر آهي تنهنجو مستقبل
رضا تي رهين راضي
يا ايوءَ قاضي.“
۽ پوءِ محفل زعفران بڻجي ويندي هئي.
قاضي فضل الله مرحوم جو تعلقو ميرو خان ۽ تعلقي وارهه تي چڱو اثر هيو. پنهنجي پروڊا جي پابنديءَ کان پوءِ هُن پنهنجي ڀاڻيجي مرحوم عبدالمنان قاضيءَ کي ميرو خان مان اسيمبلي ميمبر به منتخب ڪرايو هيو جيڪو 1953ع ۾ پيرزادي عبدالستار جي وڏ وزارت ۾ وزير آبپاشي به ٿيو هيو.
بي ڊي، جي ميمبرن کي جڏهن اسيمبلي ميمبر منتخب ڪرڻا هيا ته قاضي فضل الله مرحوم، محمد حنيف صديقي مرحوم کي وارهه جي تڪ مان اسيمبلي ميمبر ڪرايو هيو. 1954ع ۾ جڏهن سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ميمبرن لاءِ چونڊ ڪرڻي هئي ته ان ۾ مرحوم عبدالمنان قاضيءَ ٿورڙي ناراضگي ڏيکاري ۽ رضاڪاراڻي طور تي سيٽ ڇڏڻ لاءِ آماده نه پئي ٿيو. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي قاضي فضل الله مرحوم، حاجي صادق علي ميمڻ ٺٽي واري کان سيٽ گهري ته جيئن هو اتان به اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر ٿئي ڇو ته هن سمجهيو پئي ته ممڪن آهي ته عبدالمنان قاضي رضاڪاراڻي طور تي سيٽ خالي نه ڪري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان منتخب ٿي نه سگهي. پر جلد ئي عبدالمنان قاضيءَ کي عقل ۽ دانش آيو هو ۽ هو رضاڪاراڻي طور تي سيٽ تان هٿ کڻي ويو ۽ قاضي فضل الله مرحوم لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ٻنهي تڪن مان اولهه پاڪستان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ان وقت صرف ٻه ميمبر ٻن تڪن مان منتخب ٿيا هيا. هڪڙو قاضي فضل الله مرحوم صاحب لاڙڪاڻو ۽ ٺٽو ۽ ٻيو ڊاڪٽر خان صاحب مرحوم جيڪو پشاور مان به اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هيو ۽ ڪوئيٽا مان به اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هيو. ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته اولهه پاڪستان، جيڪو هاڻي سڄو پاڪستان آهي ان ۾ ٻن صوبائي حلقن مان منتخب ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪو نه هئي. قاضي فضل الله مرحوم سنڌ ۾ وزير رهيو. 1951ع ۾ هڪ سال لاءِ سنڌ جو چيف منسٽر رهيو ۽ 55-1954ع ۾ اولهه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان ۾ آبپاشي ۽ بجليءَ جو وزير به رهيو. ان وقت واپڊا جهڙو ادارو به ايريگيشن پاور منسٽر جي ماتحت هيو ۽ واپڊا جو پهريون چيئرمين غلام اسحاق خان وڏو بيورو ڪريٽ هيو جو بعد ۾ هلي صدر مملڪت به ٿيو.
قاضي فضل الله پنهنجي ايمانداري، جانفشاني، خلوص نيت ۽ خدمت ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪيو. سندس مخالف به ان جي ايمانداري ۽ اهليت کي چئلينج ڪري ڪو نه سگهندا. انتقام وارو ماڻهو به ڪو نه هيو ۽ اهو به مشهور هيو ته، قاضي فضل الله معاف ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ ڪنهن جي به ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. جيتوڻيڪ پاڻ وچولي طبقي جو ماڻهو هيو پر سندس دوستي، صحبت ۽ لاڳاپا تمام وڏن ماڻهن سان هيا، جيڪي هُن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.
مرحوم سردار علي گوهر خان مهر چوندو هيو ته قاضي صاحب ايماندار دوست آهي. وچولي طبقي جو ماڻهو آهي، تنهن جي ڪري قاضي فضل الله جڏهن به وزير ٿيندو هيو ته ان جي بنگلي جي بورچي خاني لاءِ، سردار علي گوهر خان مهر جا منشي هر مهيني اچي سيڌو سامان وٺي بنگلي ۾ رکي ويندا هئا. اها قاضي صاحب کي به خبر هئي، ته دلي دوست آهي مدد ڪري ٿو ان جي مهرباني. اهڙي نموني جڏهن قاضي صاحب اولهه پاڪستان جو بجلي ۽ پاڻيءَ جو وزير ٿيو ۽ سيون ڪلب روڊ تي رهندو هيو ته اتي به حسب دستور سردار علي گوهر خان مرحوم جي پاران بورچي خاني جو خرچ هلندو هيو.
هڪ ڳالهه جنهن مان قاضي فضل الله جي ايمانداري ۽ انتقام نه وٺڻ واري ڳالهه جي صداقت ظاهر ٿئي ٿي، قاضي فضل الله مرحوم، مون کي خود پاڻ ٻڌايو هيو ته اولهه پاڪستان جي ايريگيشن پاور منسٽر جي هئڻ ڪري مرحوم نواب امير محمد ڪالاباغ، جيڪو ان وقت اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو. نواب صاحب جيتوڻيڪ تمام وڏو ماڻهو هيو پر ان زماني ۾ سندس سياسي اهميت گهٽ هئي ۽ صرف اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ تائين محدود رهيو ۽ پوين بئنچن تي ويهڻ وارن مان هڪ هيو. نواب ڪالاباغ مرحوم بعد ۾ جنرل ايوب جي ڪري پي آءِ ڊي سي جو چيئرمين به ٿيو ۽ اولهه پاڪستان جو تمام نالي وارو گورنر به ٿي رهيو آهي. جنهن جا مثال ۽ ڪارناما امن و امان بحال رکڻ جي معاملي ۾ سخت گير ايڊمنسٽريٽر جي حوالي سان مشهور آهن. هڪ دفعي ميمبر جي حيثيت ۾ قاضي فضل الله مرحوم وٽ آيو ته کيس پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍڙو واٽر ڪورس (واهه) گهرجي، پر هن مهل تائين اهو ڪم ڪرائي ڪو نه سگهيو آهي، ڇو ته مرحوم ممتاز محمد خان دولتانه ۽ سرگوڌا جا قريشي صاحبان ملڪ امير محمد نواب آف ڪالاباغ جا مخالف آهن، هيءَ گهر جائز آهي، ان جي ڪري زمين آباد ٿيندي، زرعي پيداوار وڌندي ۽ سرڪار کي لينڊ ريوينيو به گهڻو ملندو. اها منظوري ان وقت ڪئبنيٽ ڏيندي هئي. قاضي فضل الله واسطيدار آفيسرن کان ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي، ڪئبينيٽ ميٽنگ ۾ وجهرايا، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر خان صاحب چيف منسٽر ڪري رهيو هيو. قاضي جنهن ان کان واٽر ڪورس بحال ڪرايو ۽ نواب امير محمد ڪالاباغ کي واٽر ڪورس منظور ٿي مليو.
واهَه جي منظوريءَ کان پوءِ نواب ڪالا باغ مشينري لڳرائي، واهه جي پنهنجي ذاتي خرچ تي کاٽي به کڻائي ۽ پاڻي به زمينن ۾ ڇڏيو. بقول قاضي صاحب جي، هڪ دفعي سيون ڪلب روڊ تي ملاقات جو ٽائيم وٺي نواب ڪالا باغ مرحوم، قاضي فضل الله صاحب سان ملڻ آيو. چانهه وغيره پي ٿورو ادا ڪندي قاضي صاحب جي آڏو بريف ڪيس کولي رکيائين، جنهن ۾ ست لک روپيا ان وقت جا هيا. پئسا ڏسي قاضي صاحب مرحوم نواب ڪالاباغ کي چيو ته، اوهان منهنجي منهن تي ڪارنهن ٿڦي رهيا آهيو، مون زندگي ۾ ڪڏهن به رشوت ڪونه ورتي آهي، توهان ڪهڙي حساب سان هيءَ پئسا کڻي آيا آهيو، ايئن ته نه آهي جو منهنجي ڪنهن واسطي دار ماڻهو يا اسٽاف جي ڪنهن ميمبر اڻ سڌي طرح توهان کي چيو هجي ته پئسا کڻي اچو، جواب ۾ نواب ڪالاباغ مرحوم قاضي فضل الله مرحوم کي ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به توهان سان واسطي رکندڙ ماڻهو ۽ نه ئي وري اسٽاف جي ڪنهن ميمبر اڻ سڌي طرح ڪاگھر ڪئي آهي. اهي پئسا مان پاڻ کڻي آيو آهيان مٺائي طور، ڇو ته پنجاب ۾ وزير صاحبان مٺائي و‎ٺندا آهن. قاضي صاحب جي انڪار تي نواب صاحب خود شرمسار ٿيو ۽ پئسا کڻي شڪريو ادا ڪندي هليو ويو.
قاضي فضل الله مرحوم ون يونٽ ٺهڻ جي سخت خلاف هيو. هن مرحوم عبدالستار پيرزادي ۽ مرحوم مير غلام علي خان ٽالپر جي گروپن سان ملي ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي، ان جي پاداش ۾ مرحوم عبدالستار پيرزادي جي وزارت کي برطرف ڪيو ويو، جنهن وزارت ۾ مرحوم قاضي فضل الله جو ڀاڻيجو مرحوم قاضي عبدالمنان به وزير هيو.
ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ لاءِ، خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ان جي دست راست پير علي محمد راشدي مرحوم، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊيڄارڻ، هيسائڻ ۽ ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ جي لاءِ غير معمولي طور تي سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪراچي ۾ گهرائڻ جي بجاءِ، جتي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ موجود آهي، هنن پنهنجي من ماني کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس حيدرآباد ۾ گهرايو.
ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙن، مک ليڊرن جهڙوڪ، مير غلام علي خان ٽالپر مرحوم کي گرفتار ڪرائي، اٺ جي پٺيءَ تي چاڙهي مٺيءَ موڪليو ويو. ون يونٽ اسڪيم جي ٻئي وڏي مخالف قاضي فضل الله مرحوم، سنڌ جي سابق وزير ۽ وزيراعليٰ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر وڪيل تي ڇوڪري بازي ڪرڻ جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ۽ اجلاس جي شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قاضي فضل الله مرحوم کي لاڙڪاڻي کان روڊ وسيلي ايندي ڪوٽڙي جي پل تي مرحوم غضنفر علي عيساڻي، ايس ايس پي حيدرآباد، فضيلت سان حراست ۾ وٺي حيدرآباد جي ريسٽ هائوس ۾ ٽن ڏينهن تائين نظر بند رکيو ۽ اسيمبلي جي اجلاس، جنهن ۾ ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي هئي، پوري ٿيڻ جي ٽن ڏينهن کانپوءِ، جبري حراست مان آزاد ڪيو ويو ۽ هُو واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي وڪالت جي پيشي سان لڳي ويو. مرحوم کهڙي ۽ مرحوم راشديءَ نه صرف اسيمبلي ميمبرن ۽ ليڊرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايو، پر ان وقت جي سنڌ جي آواز سنڌي اخبار ”الوحيد“ کي به بند ڪرايو، جنهن ڪري ان جون لکڻيون ۽ ڪالم وغيره پڙهڻ کان ماڻهو محروم رهيا، ڇو ته الوحيد اخبار ڪراچي مان نڪرندي هئي جنهن ون يونٽ جي خلاف تمام سخت لکيو ۽ ڪارٽون ڇاپي کهڙي ۽ راشديءَ کي ناراض ڪيو هو. شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه اهڙي صورتحال بابت ڇا نه خوب فرمايو آهي ته:
” ههڙا هاڃا ٿين، ڀينر هن ڀنڀور ۾“
ون يونٽ جي ٺهڻ کان پوءِ، ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙ، جنهن ۾ قاضي فضل الله، عبدالستار پيرزادو، آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ مرحوم علي احمد خان ٽالپر، حڪومت ۾ شامل ٿيا ۽ ۽ وري جڏهن اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهيو ويو ته ان فرنٽ تان ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلايائون. مرحوم سائين جي ايم سيد ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪئي هئي، جنهن کي ڪاميابيءَ سان هم ڪنار ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله ۽ سندس مٿي ذڪر ڪيل دوستن جو وڏو هٿ هيو.
قاضي فضل الله جي اولهه پاڪستان جي وزير ٿيڻ جي ڪري، مٿانئس ڇوڪري بازيءَ جو ڪوڙو ڪيس به واپس وٺي ڇڏيو ويو. سنڌ کي ون يونٽ جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ ۾ جتي سنڌ جي اديبن، شاعرن، سول سوسائٽي ۽ شاگردن تمام جافشانيءَ سان ڪم ڪيو هيو ۽ ون يونٽ جون پاڙون ڌُڏي ويون هيون اُتي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ مرحوم جي ايم سيد جي ون يونٽ ٽوڙڻ واري متفقه راءِ کي بنياد بڻائيندي، جنرل آغا محمد يحيٰ خان صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ون يونٽ ختم ڪيو. ايئن سنڌ ۽ ٻيا صوبا پنهنجي اصلي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. ون يونٽ ٽوڙڻ واري سڄي تحريڪ ۾ مرحوم حيدر بخش جتوئي جو مشهور گيت ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ ۽ شيخ اياز جو نظم ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ جهنگ جهر ۾ مشهور ٿيا. ماڻهو اهي گيت ڳائڻ ۽ جهومڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ون يونٽ جا قهري ڪوٽ ٽٽي پيا.
لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ ۾ اثر رسوخ وڌي وڃڻ جي ڪري قاضي فضل الله مرحوم ٻه ٽرم پنج، پنج سالن جا، هر هڪ خان صاحب فقير محمد انڙ (ڏوڪري) ۽ سرائي قربان علي کهاوڙ (وارهه) ترتيب وار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جا پريزيڊنٽ چونڊرايا. ان جي ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ وارهه، ڏوڪري، ميرو خان، ڌامراهه ۾، ڊسٽرڪٽ لوڪلو بورڊ پاران هاءِ اسڪول کوليا ويا. بنگل ديرو تعلقو رتو ديرو ۾ قاضي فضل الله A.V اسڪول، مرحوم مولوي غلام يحيٰ لاکو جي ڪوششن سان ٻارن جي تعليم لاءِ کوليو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي غريب ۽ ضرورتمند ڇوڪرن کي پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ پڻ ڏنيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ قاضي فضل الله لاڙڪاڻي کان ميرو خان، لاڙڪاڻي کان وارهه ۽ لاڙڪاڻي کان ڏوڪري روڊ ٺهرايا. لاڙڪاڻي ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه مناسب تعليمي ادارو ڪو نه هيو. جنهن جي پورائي لاءِ مرحوم عبدالفتاح ميمڻ وڪيل ۽ ان جي ساٿين لاڙڪاڻو ڪوآپريٽو ايجوڪيشن سوسائٽي ٺاهي ۽ بي اي (آرٽس) ۽ بي ڪام جا ڪلاس جناح باغ ۾ هڪ ننڍڙي چئن، پنجن ڪمرن جي عمارت ۾ شروع ڪرايا. اعليٰ تعليم کي لاڙڪاڻي ۾ جاري ڪرڻ ۾ پهريون مثبت قدم مرحوم عبدالفتاح ميمڻ جو هيو.
قاضي فضل الله جو گروپ جڏهن سنڌ وزارت ۾ آيو، ان جي هلندي پچندي شروع ٿي جنهن وزارت ۾ سندس ڀاڻيجو مرحوم عبدالمنان قاضي به وزير هيو ته، قاضي فضل الله مرحوم 1953ع ۾ سيد غلام حيدر شاهه مرحوم (والد سيد مظفر حسين شاهه سابق وزيراعليٰ) کان لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج منظور ڪرائي چالو ڪرايو. نئين عمارت ٺهڻ تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جا ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي بلڊنگ ۾ ورتا ويندا هئا. پهريون پرنسپل مرحوم پروفيسر نقوي ۽ ٻيو پروفيسر ڊاڪٽر جيلاني هيو. ان شام وارن ڪلاسن ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه به تعليم پرائي ۽ آرٽس ۾ گريجوئيشن ٻين دوستن سان گڏ ڪيائين. ان کان پوءِ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي موجوده ڊگري ڪاليج ٺهرايو ۽ ان کي توسيع ڏني، جنهن ڪري آرٽس، سائنس، ڪامرس ۽ گريجوئيشن سان گڏ هاڻ ماسٽرز جي ڊگري تائين به تعليم ڏني وڃي ٿي.
قاضي فضل الله وزيراعليٰ سنڌ جي حيثيت ۾ ٺٽو، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، جيڪب اباد جون سول اسپتالون ٺهرايون بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي انهن اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ۽ انهن کي وڌائي وسيع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج وجود ۾ آيو. جتان ڪيترائي غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ڊاڪٽريءَ جي سند وٺي پنهنجو روزگار به ڪن ٿا ۽ پنهنجي خطي جو نالو به روشن ڪن ٿا.
قاضي فضل الله غريب طبقي جو ماڻهو ٿي ڪري پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن سان وڏن عهدن تي پهتو ۽ ٿوري وقت ۾ محدود اختيارن هوندي به سنڌ صوبي جي چڱي خدمت ڪيائين.
مون کي ياد اچي ٿو، قاضي صاحب پاڻ ٻڌايو هو ته جڏهن هو آبپاشي کاتي جو اولهه پاڪستان ۾ وزير هيو، ان وقت سکر بئراج تي مسٽر الاهي بخش سومرو، جيڪو بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر به ٿيو ۽ ضياءَ الحق جي دور ۾ وزير به هيو، ان جي پوسٽنگ سکر بئراج جي ايگزيڪٽيو انجنيئر جي حيثيت ۾ هئي، قاضي فضل الله مرحوم لاڙڪاڻي اچڻ جي لاءِ ٽرين مان روهڙي اسٽيشن تي لهندو هيو. ان جو دستوري سرڪاري طور آڌر ڀاءُ مسٽر الاهي بخش سومرو صاحب ڪندو هيو، واپسيءَ ۾ ان کي روهڙي اسٽيشن تي ڇڏڻ به ايندو هيو. ڪارڪردگي به الاهي بخش سومري صاحب جي بحيثيت ايگزيڪٽيو انجنيئر جي تمام سٺي هئي، پر جيئن ته الاهي بخش سومرو، حاجي مولا بخش سومري جو فرزند هو. سومرن ۽ مهرن جي رقابت مشهور هئي، ڇو ته ان وقت تائين شڪارپور الڳ ضلعو ڪونه ٿيو هيو ۽ سکر سان ڳنڍيل هيو ۽ الاهي بخش سومرو صاحب نوجوان انجنيئر، پڙهيل، ڪڙهيل سکر جيم خاني ۾ اچڻ وڃڻ وارو ۽ ضلعي ۾ به چڱو اثرو رسوخ رکڻ وارو آفيسر هيو.
سردار علي گوهر خان مهر تي اثر هيو ته الاهي بخش سومرو صاحب، ڊي سي ۽ ايس پي تي اثر انداز ٿي، سومرن جا ڪم ڪاريون ڪرائي رهيو آهي ۽ مهرن جا ڪم ڪاريون ڪونه ٿا ٿين، سو سردار علي گوهر مهر صاحب قاضي فضل الله وٽ لاهور ويو ۽ ان کي وڃي. چيائين ته، تنهنجي وزير هئڻ مان ڪهڙو فائدو، جو الاهي بخش سومرو صاحب آفيسرن تي اثر انداز ٿي اسان جا ڪم ڪاريون روڪرائي ٿو پر سومرن جو هر ڪم ٿئي ٿو. سو مهرباني ڪري الاهي بخش سومري کي سکر بئراج ڊويزن مان ڪڍي لاهور يا پشاور واري حصي ۾ رکو ته اسان تان آزار لهي.
بقول قاضي فضل الله مرحوم ته ”هڪ طرف هڪڙي دلي دوست جو زور بار ۽ ٻئي طرف هڪ آفيسر، جيڪو صحيح ڪم ڪار ڪري پيو، ان کي ڪڍڻ به بي واجبي پئي لڳو، تنهن ڪري سردار صاحب کان پيار ۾ ٽائيم گهريم ته هڪ مهيني ۾ سندس بدلي ڪندس، توهان دل جاءِ ڪريو ۽ رنج نه ٿيو.“ آخر مهينو به گذريو پر الاهي بخش سومري صاحب جي بدلي ڪونه ٿي، مهيني کان پوءِ سردار مهر سخت ڪاوڙ ڪري کيس وٽ آيو ۽ چيائين ته ”هڪ بدلي به اسان جي چوڻ تي نه ٿي ٿئي، باقي توهان جي وزارت ڪهڙي ڪم جي؟!“ قاضي صاحب مرحوم هٿ ٻڌي سردار مهر کان ٽائيم ورتو ۽ چيائينس ته ”صوبو تمام وڏو آهي، هڪڙي انجنيئر جي بدلي ڪرڻي نه آهي پر ڪم از ڪم 7-6 انجنيئرن کي ردو بدل ڪرڻو پوندو، مان واسطي دار چيف انجنيئر کان رپورٽ گهرايان ٿو. هڪ ريجن مان بدلي جي ڪري سيڪريٽري ايريگيشن کي چوڻو پوندو، تنهن جي ڪري مهرباني ڪريو، ناراض نه ٿيو، باقي هڪ مهيني جو ٽائيم ڏيو ته انشاءَ الله الاهي بخش سومري جي بدلي ڪندس، ۽ جيئن توهان چوندا ايئن ئي ٿيندو.“
قاضي صاحب چيو ته مون الله تعاليٰ کي ٻاڏايو ته ڪو سولو طريقو مالڪ ڪڍي، جنهن جي ڪري دوست به راضي ٿئي، ۽ ڪنهن ٻئي آفيسر کي به تڪليف نه پهچي. ان وچ ۾ فيڊرل گورنمينٽ کان اولهه پاڪستان جي حڪومت کي هڪ ليٽر پهتو ته آبپاشي کاتي جا ٽي انجنيئر گهرجن، جيڪي سکيا جي لاءِ ڪئناڊا وڃن 6 مهينن لاءِ سرڪاري خرچ تي.
شايد اهو (ڪولمبو پلين) جي تحت ڪو پروگرام هيو، قاضي صاحب ليٽر کي پڙهي ڪري الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ته مشڪل حل ٿي ويئي. ٽيلي فون ڪري مسٽر الاهي بخش سومري کي چيائين ته سرڪاري خرچ تي ڪئناڊا 6 مهينن جي ٽريننگ تي وڃڻ پسند ڪندئو.
الهي بخش سومري تمام خوشيءَ وچان چيو ته سائين توهان جي مهرباني جو توهان مون کي ٻاهر موڪليو ٿا ته جيئن ٽريننگ ڪري اچان ۽ گهمي به اچان ۽ سکيا کان پوءِ مون کي PROMOTION به جلد ملندو.
قاضي صاحب لسٽ تيار ڪرائي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي الاهي بخش سومري کي رکي باقي ٻيا ٻه نالا ڏياري موڪليائين. 20-15 ڏينهن جي اندر فيڊرل گورنمينٽ کان آرڊر آيو ته هي انجنيئر ڪئنادا وڃن. حڪم جي بجاآوري ڪندي الاهي بخش سومرو صاحب مقرر ڪيل انجنيئر کي چارج ڏيئي ڪئناڊا روانو ٿي ويو.
ان کان پوءِ سردار علي گوهر خان مهر وڏي خوشي سان قاضي فضل الله وٽ آيو ۽ چيائينس ته مڙس ماڻهو آهين! واعدي کي پورو ڪيئي ۽ الاهي بخش سومري کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيئي.
خير وقت ويو گذرندو ۽ ايوب صاحب جي مارشل لا 1958 ۾ اچي ويئي ۽ قاضي فضل الله به واپس اچي لاڙڪاڻي پنهنجي وڪالت جي ڌنڌي سان لڳي ويو، ڇو ته هُو جڏهن به وزارت تان لهندو هيو ته سڌو لاڙڪاڻي اچي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويندو هيو. قاضي صاحب مرحوم وڏي قد وارو، سهڻو، جسم ۾ پورو پنو ۽ هر پوشاڪ، جيڪا پائي سا ان تي ٺهي. بنيادي طور وچولي طبقي جو ماڻهو جنهن وڪالت مان سياست ۾ قدم رکي ايڏي ترقي ڪئي، جنهن جو ويجھڙائي ۾ يا ان کان اڳ مثال ڪونه آهي.
فوجداري قانون ۾ آڏي پڇاءَ ڪرڻ جو ڏاڍو ماهر ۽ UPPER سنڌ جي مشهور فوجداري وڪيلن مان هڪ هيو. وڪالت ۾ به سندس ڏاڍو نالو هيو. لاڙڪاڻي واري جڳهه تي پنهنجي وقت ۾ ماني به جام کارائيندو هيو. هڪ ئي وقت ڪڏهن ڪڏهن 30-20 ماڻهو به هوندا هيا، جن کي ماني کارائيندو هيو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مشهور هيو ته قاضي فضل الله ڪم به ڪندو آهي، عزت سان سڃاڻيندو ۽ ملندو به آهي ۽ وقت آهر چانهه ۽ ماني وغيرهه به کارائيندو آهي،
هڪ ڀيري قاضي صاحب مرحوم ڊسٽرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي مان نڪتو، جيئن ته سندس بنگلو ويجھو هيو ۽ سندس گاڏي ڪنهن پاسي ڪم سان ويل هئي، ٽانگي تي پويان ويهي پنهنجي بنگلي تي اچڻ جي لاءِ سوار ٿيو. رستي ۾ ايندي اتفاق سان قاضي صاحب ٽانگي تان ڪري پيو ۽ سندس ڄنگهه کي سخت ڌڪ رسيا، قاضي صاحب علاج لاءِ JPMS ڪراچيءَ ۾ آيو جنهن به دوست، عزيز يا مٽ مائٽن کي خبر پئي، سي سڀ سندس مزاج پرسي لاءِ آيا.
ان زماني ۾ مسٽر الاهي بخش سومرو KDA جو ڊائريڪٽر جنرل هيو. بقول قاضي صاحب جي ته، هڪ دفعي الاهي بخش سومرو صاحب گلن جو گلدستو کڻي آيو، ٻئي دفعي مٺائيءَ جو ٽوڪرو ۽ گل کڻي آيو. مون الاهي بخش سومري صاحب کي چيو ته، توهان ايڏي تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ الاهي بخش سومري جواب ۾ چيو ته، قاضي صاحب! توهان تمام شريف ماڻهو آهيو، رواداري ۽ انصاف پسندي توهان وٽ آهي، مون کي خبر آهي ته سردار علي گوهر خان مهر توهان جو بهترين دوست، توهان وٽ ٻه، ٽي دفعا ڪاوڙ ڪري آيو هيو ته منهنجي بدلي ٿئي پر توهان منهنجي بدلي ڪونه ڪئي ۽ وقت جو انتظار ڪندي، مون کي سرڪاري خرچ تي سکيا لاءِ ٻاهر ڏياري موڪليو. ان ڪورس جي پوري ڪرڻ جي ڪري مون کي پروموشن به مليو. مان هاڻي KDA جو ڊائريڪٽر جنرل آهيان. مون کي توهان سان ملندي ۽ توهان جي مزاج پرسي ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
قاضي صاحب جي ايمانداري جو مثال مرحوم چوڌري نظير احمد، جيڪو سنڌ ۾ روينيو ڪمشنر ٿي رهيو آهي ۽ سندس سنڌ جي ڪافي سياسي گهراڻن سان دوستي هئي، قاضي فضل الله سان به سندس دوستي هئي، اهو ٻڌائيندو هلان ته ان چوڌري نظير احمد خان جي پٽ سالڪ نظير احمد جيڪو CSP آفيسر رهي چڪو آهي، جي شادي پنڊي مان، ان وقت جي ڪمشنر مسٽر MA شاهه جي نياڻي سان طئي ٿيل هئي. ان ۾ قاضي صاحب کي به دعوت هئي. قاضي صاحب منهنجي روبرو PS کي گهرايو ۽ چيائين ته پنڊيءَ اچڻ ۽ وڃڻ واري ٽڪيٽ اشو ڪرايو، پئسا منهنجي ذاتي اڪائونٽ مان ادا ڪريو ته جيئن مان پنهنجي عزيز دوست جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪري اچان. PS چيڪ بڪ وٺي قاضي صاحب جي آفيس مان نڪري ويو، بعد ۾ مون قاضي صاحب کي عرض ڪيو ته پنڊي توهان جي دائره اختيار ۾ آهي، توهان اولهه پاڪستان جا وزير آهيو، هڪڙي ڏينهن جو سرڪاري ٽوئر رکي شادي ۾ شرڪت ڪري اچو ها، توهان پنهنجي کيسي مان خرچ ڇو ٿا ڪريو، جواب ڏنائين ته مان هڪ دوست جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ٿو وڃان سو اهو مناسب نه ٿو لڳي ته سرڪاري خرچ تي وڃي چوڌري نظير احمد جي پٽ جي شادي ۾ شريڪ ٿيان.
هڪ دفعي مسٽر عبدالواحد سومري (رتي ديري) واري تي ڦُر جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو، قاضي صاحب ان وقت وزير هيو. ايس پي صاحب ٻڌايو ته عبدالواحد سومري تي ڪيس ڪوڙو آهي، توهان جو ڇا حڪم آهي. گرفتار ڪري چالان ڪيونس يا نه؟ عبدالواحد سومرو مرحوم سياسي طور قاضي فضل الله سان ڪونه ٺهندو هيو پر ايس پي کي چيائين ته سياسي انتقام نه آهي وٺڻو، مون کي به ذاتي خبر آهي ته عبدالواحد سومرو بذات خود ڦُر جھڙو ڏوهه ڪري ڪونه ٿو سگهي. ڪيس ڪوڙو آهي، ڀلي خارج ڪري ڇڏيو جيئن سومري صاحب کي ڪابه تڪليف نه اچي.
قاضي صاحب مرحوم جيئن ته غير شادي شدهه هيو، کيس ڪو اولاد ڪونه هيو. تنهن هوندي به هن ماڻهوءَ جي اها عادت هئي ته سڏ تي خوشي ۾ شريڪ ٿي مبارڪ به ڏيندو هيو ۽ غمي ۾ به شريڪ ٿي غم جو اظهار ڪندو هيو.
سڄي زندگي سٺا ڪم ڪندي، دوستن جو لحاظ رکندي گذاري ڇڏيائين. سردار علي گوهر خان مهر جي انتقال تي اوڇنگارون ڏيئي رُنو ۽ ان جي آخري رسمن ۾ خان ڳڙهه ويو. منهنجو والد مرحوم سيد وريل شاهه ساڻس گڏ هيو. ان جو دوست هيو، جنهن ڪري اسان کي پنهنجي اولاد وانگر سمجھندو هيو ۽ اسان به ساڻس آخري وقت تائين هڏ ڏوکي رهياسين ۽ ساٿ نڀايوسين.
قاضي مرحوم منهنجي والد صاحب کي ٻڌايو ته سردار علي گوهر خان جي اثر سوخ جي ڪري مارشل لا اختياريءَ وارن ايبڊو جو نوٽيس ڪونه ڏنو هو، پرهاڻي سردار صاحب جي مرڻ جي ڪري مون کي يقين آهي ته نوٽيس ملندو ۽ مان پنهنجو وڪالت جو پيشو ڇڏي لاهور وڃي ڪو ڪيس وڙهندس ۽ رضا ڪاراڻي طور ڇهن سالن لاءِ سياست مان دست برادري اختيار ڪبي.
چڱي هلڻ جو نتيجو چڱو ئي ملندو آهي. قاضي صاحب مرحوم جيئن ته نواب ڪالاباغ مرحوم کي واٽرڪورس ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي، سو به بغير ڪنهن لالچ، لوڀ يا حرص جي. ان ڪري نواب ڪالاباغ مرحوم قاضي صاحب جي وڏي عزت ڪندو هيو، سندس گورنر ٿيڻ بعد ڪمشنر، ڊي آءِ جي، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي چيل هوندو هيو ته قاضي فضل الله ايماندار ۽ سٺو ماڻهو آهي ۽ وڏي عزت وارو ماڻهو آهي، جڏهن به ڪنهن جائز ڪم سان توهان وٽ اچي ته ان کي شان مان سان ملو ته جيئن ان جي دل آزاري نه ٿئي ۽ هو نه ڏکوئجي. سرڪاري ڪامورن نواب ڪالاباغ جي حڪم جي باقاعدي بجا آوري ڪئي.
ان جو مثال ان ڳالهه مان ملي ٿو ته، هڪ دفعي نواب ڪالاباغ گورنر جي حيثيت ۾ ڪراچي کان بولان ميل ۾ ڪوئٽا روانو ٿيو. بولان ميل لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ بيهندي هئي، ڇو ته پاڻي وغيره ڀريو ويندو هو ۽ گاڏين جي ڪمپارٽمنٽس جي چڪاس به ٿيندي هئي.
رٿيل پروگرام بابت نواب صاحب آفيسرن کي ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ گاڏي بيهندي ۽ اهو اڌ ڪلاڪ هو قاضي فضل الله جي بنگلي تي ويندو، جيڪو ريلوي اسٽيشن سان بلڪل لاڳاپيل آهي. گورنر صاحب رٿيل پروگرام موجب قاضي فضل الله مرحوم جي بنگلي تي ويو، ان وٽ چانهه پيتائين. نواب ڪالاباغ جو قاضي صاحب جي بنگلي تي وڃڻ جو به آفيسرن تي وڏو اثر پيو.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو به قاضي صاحب جي گهڻي عزت ڪندو هيو. ڇو ته هن کي خبر هئي ته مڊل ڪلاس جو ماڻهو هوندي به هن ماڻهو سياست ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي ۽ سڄي زندگي ايمانداري سان گذاري اٿس. ان وقت ۾ قاضي صاحب وٽ پنهنجي ذاتي گاڏي به ڪونه هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حجت ڪري، ننڍو سمجهي اسان کان گاڏي گهرائيندو هيو. اسان کي به سندس خدمت ڪري خوشي محسوس ٿيندي هئي.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي شايد خالد احمد کرل DC ٻڌايو هيو ته، قاضي فضل الله وٽ ذاتي گاڏي ڪو نه آهي، ان کي تڪليف آهي.خالد احمد کرل به نالي وارو آفيسر ٿي رهيو آهي، هُو ڀٽي مرحوم سان به سچو هيو ۽ ڪافي سختيون به سٺائين. نوڪري وڃايائين جيڪا ڪمشنر جي مٿين گريڊ جي هئي، ڇو ته CSP آفيسر هيو پر ڀٽي صاحب تي ڪابه ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏنائين.
بقول قاضي فضل الله جي ته ڀٽي مرحوم مون کي لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس تي گهرايو ۽ ويهي ڪچهري ڪيائين، حال احوال وٺندي ۽ ڏيندي مونکي چيائين ته توهان زندگي تمام سٺي گذاري آهي جنهن جو مون کي دلي طور قدر آهي.
هاڻي مون توهان جي لاءِ گاڏي گهرائي ٻاهر بيهاري آهي، چاٻي آڏو رکي چيائين ته اها توهان جي آهي، چڙهي گهر وڃو، ان جي مون کي خوشي ٿيندي.
قاضي صاحب عرض ڪيُس ته سائين منهنجا! اها مهرباني توهان ڪهڙي حساب تي ڪري رهيا آهيو؟ جواب ۾ ڀٽي صاحب مرحوم چيس ته مان توهان کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو آهيان. ان ڪري، منهنجي اها گفٽ قبول ڪريو. قاضي صاحب کيس جواب ڏنو ته سائين منهنجا! دستور آهي ته وڏو ننڍي کي ڏيندو آهي پر جيئن ته توهان کي الله پاڪ نوازيو آهي ۽ اوهان اهڙي حيثيت ۾ آهيو جو مان توهان کي ڪجهه ڏيئي ڪونه ٿو سگهان. ٻانهون ٻڌي معافي ورتائين ۽ چاٻي وٺڻ کان انڪار ڪيائين. اڄ ڪالهه جي زماني ۾ جتي پئسي جي لوڀ، حرص، لالچ تمام وڌي ويئي آهي ۽ ماڻهو هڪ رپئي کي به ڇڏڻ جي لاءِ بلڪل تيار ڪونه آهي اتي اهڙن ماڻهن جو هجڻ غنيمت آهي،
ڪار جي تحفي تي انڪار ڪرڻ کان اڳ، اقتدار ۾ هوندي وزير اعظم جي حيثيت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم، قاضي فضل الله سان سٺو هليو هو ۽ سندس عزت به گهڻي ڪندو هيو، ڇو ته ڀٽي صاحب کي خبر هئي ته قاضي صاحب پنهنجي سياسي ڪئريئر ۾ تمام ايماندار سياستدان رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ ان جو چڱو اثر رسوخ آهي.ان جي ڪري اسلامي سربراهه ڪانفرنس، جيڪا لاهور ۾ منعقد ٿي هئي، ان ۾ سڄي پاڪستان جا سٺا سياستدان دعوت ڏيئي ڀٽي صاحب گهرايا هئا. جن دعوتين ۾ قاضي فضل الله به هڪ هيو، جيڪو سرڪاري طور ڀٽي صاحب جي دعوت تي لاهور ويو هو ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي سڀني پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي هيائين. ان عزت افزائي جي ڪري قاضي صاحب ڀٽي صاحب جو مشڪور هيو.
جيئن ته قاضي صاحب شادي شدهه ڪونه هيو پر پنهنجي عزيز دوست مسٽر مظفر علي لاهوري محلي واري جي نياڻي ثريا ڌيءُ ڪري پالي هئائين، ان کي پڙهايو به هئائين ۽ ان جي شادي به پاڻ ڪرائي هيائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي به سندس نياڻي جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جيڪا ڪراچي جي ان وقت جي مشهور هوٽل ميٽرو پول ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي. ڀٽي صاحب ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن جي شرڪت ڪري شادي جي تقريب کي چار چنڊ لڳي ويا هئا.
بي بي ثريا شادي کان پوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي سٺي زندگي گذاري رهي آهي. مسٽر مظفر علي جي فرزند اعجاز علي خان پڙهي ڪري CSS جو امتحان پاس ڪيو ۽ هن وقت وڏي عهدي تي سنڌ گورنمينٽ ۾ حڪومت جو سيڪريٽري آهي ۽ چڱي نيڪ نامي پيدا ڪئي اٿائين. قاضي فضل الله مرحوم جون ڪجهه سياسي غلطيون به آهن، انهن جو ذڪر به ضروري آهي. قاضي صاحب مرحوم کي جنرل ايوب هوم منسٽر ڪري رکيو هيو، جڏهن جنرل موسيٰ گورنر هيو، قاضي صاحب سياسي ماڻهو هيو. ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبر کان وٺي لوڪل بورڊ، صوبائي اسيمبلي، اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو ۽ ساڳي وقت بهترين فوجداري وڪيل به رهيو. ان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهربو هو ته وزارت جي لالچ تي ۽ ڀٽي مرحوم جي مخالفت ڪرڻ ڪري هوم منسٽر نه ٿئي ها ته اهو چوڻ ۾ نه اچي ها ته ڀٽي صاحب تي ڪوڙن ڪيسن ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله جو هٿ به هيو.
قاضي فضل الله جي وزير ٿيڻ جي ڪري ماڻهن ۾ سندس اها مقبوليت ڪونه رهي هئي. پنهنجو سياسي قد ڪاٺ گهٽ ڪرايائين، جنهن سبب کيس سخت نقصان پهتو. 1970ع جي چونڊن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، قاضي صاحب کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ڪئي هئي، ڇو ته سندس ڪافي دوست پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا هيا، جن ۾ آغا غلام نبي خان پٺاڻ سلطان ڪوٽ وارو، حاجي صادق علي ميمڻ ٺٽي وارو، رئيس عبدالحميد جتوئي دادو وارو، غلام مصطفيٰ جتوئي نواب شاهه وارو، پر قاضي فضل الله، ايوب کهڙي صاحب مرحوم جي دوستيءَ جي ڪري پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو ۽ ممتاز علي ڀٽي جي هٿان شڪست کاڌائين.
اسان خدا تعاليٰ جي حضور ۾ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ مرحوم قاضي صاحب جا درجا بلند ڪري ۽ ان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين.