آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

پيپلزپارٽي ڄام صادق علي کي نظرانداز نه ڪري ها ته شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ختم نه ٿئي ها

1990 جي چونڊن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ رٿابندي اهڙي نموني ڪري اليڪشن ڪرائي وئي جو پيپلزپارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ ۾ صرف سترنهن سيٽون نصيب ٿيون. محترمه اپوزيشن ليڊر ٿي ۽ مرڪز ۾ ميان محمد نواز شريف وزيراعظم ٿيو. سنڌ ۾ مرحوم ڄام صادق علي صاحب وزيراعليٰ ٿيو. صدر غلام اسحاق خان ٿيو. خاڪيءَ ورديءَ وارن جي حمايت سان ڄام صادق علي سنڌ ۾ پپيلزپارٽي جي ورڪرن جي لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي، هر چرندڙ پيپلزپارٽي جي همدرد، MPA، MNA ۽ ورڪرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پوليس ۽ انتظاميه ۾ اهڙا آفيسر مقرر ڪيائين، جيڪي هن جي هڪ ئي اشاري تي هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هيا. ايئن جيل پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن سان ڀري ڇڏيائون، اسيمبليءَ جو پليٽ فارم ته اهڙو موثر هٿيار هيو، جنهن کي استعمال ڪندي هن خاڪسار، نثار احمد کهڙي، غلام مجتبيٰ اسراڻ، حاجي منور علي عباسي، سيد علي نواز شاهه، پير مظهرالحق، لال بخش ڀٽو ۽ ٻين سنڌ اسيمبلي ميمبرن پوائنٽ آف آرڊر، مهمليءَ جي رٿن، سوال جواب، ريزوليشن اسيمبليءَ جي سرڪار ڪم ڪار ۾ آڻي ڄام صاحب جي ڏاڍاين جو ڪچو چٺو پيش ڪيو ۽ ان جي حڪومت جي خلاف جائز تقريرون، ريزوليشن ۽ سوال جواب آڻي ڪنهن حد تائين ڄام صاحب کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڄام صادق جي وزير قانون سيد مظفر حسين شاهه پنهنجي علمي لياقت (وڪيل هجڻ) ۽ پارلياماني تجربي جو فائدو وٺندي ڄام صادق جي غلط ڪمن ڪرڻ واري عمل جو اسيمبليءَ ۾ بچاءُ ڪندو رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڄام صادق علي، مسٽر آصف علي زرداريءَ، شاهنواز جوڻيجي مرحوم، پير مظهرالحق ۽ ٻين پارٽي عهديدارن تي ڪوڙا ڪيس ڪرايا جن ڪوڙن ڪيسن کي پيپلزپارٽيءَ جي ليڊرن همٿ ۽ بهادريءَ سان منهن ڏنو ۽ ڪنهن به جبر ۽ ظلم جي آڏو نه جهڪيا، جيڪو پڻ رڪارڊ آهي. ڄام صاحب جي حڪم تي گهڻي تنقيد ۽ ان جي غلط ڪمن کي روڪڻ جي لاءِ اسيمبليءَ ۾ هن خاڪسار جو تمام گهڻو ڪم هو، اسيمبلي رڪارڊ تي موجود آهي ته، سيد مظفر حسين شاهه اسيمبلي فلور تي اها ڳالهه قبول ڪئي هئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي سڄي ڪم جو پنجهتر سيڪڙو ڪم ته سيد ديدار حسين شاهه جو آهي، ان جي ريزوليشنن مهملي رٿن، سوالن ۽ جوابن مان جند ئي نه ٿي ڇٽي، سيد وڪيل مان ڦاسي ويا آهيون. ڄام صاحب جي حڪومت ۾ ان سان گڏ MQM به شريڪ هئي. ان جي وزيرن کي به تمام سٺا کاتا مليل هيا. انهن ڪوڙن ڪيسن داخل ڪرڻ جي وقت ۾ هڪ ڏينهن اجلاس هلندي، مرحوم ڄام صادق علي صاحب پنهنجي ليڊر آف هائوس جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سندس ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڳالهائي رهيو هئس، جڏهن مون هن ڏانهن نهاريو ته منهنجو ان جي خلاف ڳالهائڻ جو جوش وڌي ويو ۽ مون کيس مخاطب ٿيندي هي هيٺيون شعر پڙهيو.
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين
تو جا ڀائين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
منهنجي ان شعر پڙهڻ تي اسيمبليءَ ۾ زوردار تاڙين جو آواز گونجيو، پر هن ان جي جواب ۾ ڪجهه به نه چيو. حسب معمول سيد مظفر حسين شاهه، جيڪو سرڪاري طور واحد نمائندو ٿي ڪم ڪري رهيو هو، ان جواب ۾ چيو ته گهڻي قدر وڌاءُ ٻڌايو ٿو وڃي، خير ان کان پوءِ اسيمبليءَ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين مهمل ٿي ويو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ حسب معمول مان لاڙڪاڻي واپس وڃڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي آيس جتي لائونچ ۾ مرحوم مولانا جان محمد عباسي مون کي ڏسندي ئي اچي سڪ سان مليو. سلام دعا ڪري ڪچهري ڪئي سين. اتي چيائين ته توهان جي وڏن سان واسطو آهي، توهان جو والد صاحب سيد وريل شاهه منهنجو گهرو دوست هيو ۽ سياست ۾ چڱو مقام هئس، توهان به ماشاءَ الله پڙهيل لکيل ۽ وڪيل آهيو. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي اخبار ۾ پڙهندو آهيان، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ سٺو آواز اٿاري رهيا آهيو. پارٽي ۽ پارٽيءَ جي ماڻهن جي سٺي ترجماني ڪري رهيا آهيو ۽ دعا به ڪيائين ته الله تعاليٰ توهان کي بهتر ڪم ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري. وڌيڪ فرمايائين ته شاهه صاحب توهان کي خبر آهي ته ڄام صادق علي منهنجو دوست آهي. سياسي اختلاف ته پنهنجي جاءِ تي پر هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا آهيون، هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهيون ۽ اهو به چيائين ته منهنجي ڄام صادق علي سان ڪالهه رات چيف منسٽر هائوس ۾ ملاقات ٿي هئي، جتي هو ۽ ٻه ماڻهو ٻيا به ويٺا هيا (جن جا هن نالا ٻڌائڻ مناسب نه سمجهيا). چيائين ته توهان اسيمبليءَ ۾ ڄام صاحب ڏانهن اشارو ڪندي متو آهين مڇ وارو شعر پڙهيو هو. ڄام صاحب کي اشتعال ڏيارڻ لاءِ چيائونس ته سيد ديدار حسين شاهه گورنمنٽ جي خلاف اسيمبليءَ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر توهان جي موجودگيءَ ۾ متو آهين مڇ وارو شعر پڙهي توهان تي تنقيد ڪئي اٿائين، جيڪا ڳالهه ناقابل برداشت آهي. توهان سياسي مخالفن تي ڪيس داخل ڪري جيل ڀريا آهن، انهن جو وات بند ڪيو اٿو، هي شاهه وري ڪهڙي باغ جي موري آهي، جو ان کي هن مهل تائين سنهي چهنڊي به ڪونه پاتي اٿو... بقول مولانا جان محمد عباسيءَ جي ته ڄام صاحب کلي، پنهنجي پاتل عينڪ هيٺ ڪري انهن کي چيو ته توهان مون کي وڏيرو سمجهي بڇ ٿا ڪيو ته مان هن غريب سيد MPA کي دسيان ۽ ان کي به جيل وجهان. جيڪڏهن هو ڳالهائي ٿو ته مون کي ٿو ڳالهائي، توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ وڌيڪ چيائين ته هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏيو، مان چڱي نموني رڪارڊ جي جاچ ڪئي آهي ديدار حسين شاهه تي ڪابه مهرباني يا ناجائز نوازش ٿيل ڪا نه اٿو، نه ئي وري هن کي ڪا پرمٽ يا پلاٽ وغيره مليو آهي. هو ته هڪ وڪيل ماڻهو آهي. اسيمبليءَ ۾ صوبي سنڌ جا مسئلا کڻي ٿو اچي ڳالهائي، هن جي ڳالهائڻ جي ڪري مون کي تقويت ٿي ملي ته جيئن مان اڃا گهڻو ڪم ڪري سگهان، هن ماڻهوءَ جي تنقيد کي منهنجا پڪا اتحادي به ڏسن ٿا ۽ ٻڌن ٿا. انهن جي بليڪ ميلنگ کان مان بچان ٿو، نه ته اهي واڳون مون کي کائي وڃن. ديدار حسين شاهه اسيمبلي جو ڪم لاهي وري ڪارو ڪوٽ پائي وڃي عدالت ۾ بيهندو آهي، هن جي خلاف ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونه آهي، تنهن ڪري توهان جي بڇ تي مان ڪابه ڪارروائي ڪونه ڪندس. مون مولانا جان محمد عباسيءَ کي چيو ته سائين اها ڄام صاحب جي چڱائي آهي جو ماڻهن جي بڇ هوندي به مون تي ڪوڙا ڪيس ڪو نه ڪرايائين، پر جيڪڏهن ڪري ها ته مان به مڙس ٿي منهن ڏيان ها. جو وڪيل ته هونئن به آهيان، ڪورٽ جا چڪر لڳندا رهندا آهن، ٻين ڪيسن تي ته ويندو آهيان پوءِ پنهنجي ڪيسن تي به وڃان ها. مان نه ته منهنجا وڪيل دوست ڪيس وڙهن ها، ڪو فرق نه پوي ها. سياسي اختلافن کان سواءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته ڄام صاحب پنهنجي وقت ۾ قلم جو سخي چيف منسٽر هو ۽ سندس واقف ماڻهو جڏهن به ان وٽ ويو ته اهو ڄام صاحب وٽان خالي هٿين ڪو نه موٽيو. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن سياسي طور پيپلزپارٽي ڄام صادق عليءَ کي نظرانداز نه ڪري ها ته، شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم نه ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته ان حڪومت جي ختم ڪرائڻ ۾ ڄام صادق علي جو وڏو ڪردار رهيو.
چوندا آهن ته محبت ۽ جنگ ۾ هر ڳالهه جائز هوندي آهي. ڄام صاحب تي نڪته چيني ڪرڻ جي ڪري، پاڻ ته خير ڪنهن به سبب جي ڪري مون تي ڪارروائي نه ڪيائين، پر مون کي ياد اچي ٿو ته مرحوم فتح محمد سومرو لاڙڪاڻي ۾ SPمقرر ٿيو ته ڄام صاحب جي اشاري تي هر سياسي مخالف تي ڪوڙا ڪيس ڪري، رڪارڊ ٺاهي، ماڻهن کي گرفتار ڪري، تنگ ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو هو. ايئن ڪندي ان ڪجهه پيپلزپارٽي جا ورڪر ٿاڻن ۾ بند ڪرايا. مون سان انهن ورڪرن جا مائٽ مليا، مون کي ٻڌايائون ته مان SP فتح محمد سومري سان ملڻ لاءِ ان جي آفيس ۾، کانئس ٽائيم وٺي ويس. مان اندر آفيس ۾ داخل ٿيس، سلام دعا ڪئي ته پاڻ اُٿي ملڻ جي بجاءِ ويٺي پئي هٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مون هٿ نه ملايومانس ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس، مون کي چيائين ته شاهه صاحب هٿ نه ٿا ملايو ڇو؟ مون چيومانس ته توهان ۾ اخلاق جو فقدان آهي، توهان جي آفيس ۾ هڪ سيد، وڪيل ۽ MPA جي حيثيت سان آيو آهيان، پر آهيان پيپلزپارٽي جو، ان جي ڪري ويهي هٿ ڏيڻ واري سان هٿ نه ملائيندو آهيان. باقي توهان پيپلزپارٽي جا ماڻهو بيگناهه ٿاڻي تي ويهاريا آهن، انهن کي آزاد ڪيو، نه ته ناحق بند ڪرڻ جي پٽيشن وس واري ڪورٽ ۾ داخل ڪبي ۽ توهان کي ناليوار ۽ عهدي سان مدعاليه بڻائبو. خير پاڻ ۾ تکا مٺا ٿياسين، پوءِ مان نڪري هليو آيس. منهنجي وڃڻ شرط ئي فون ڪري SHO رتوديرو محمد هاشم ميمڻ کي چيائين ته، هاڻي جو هاڻي ديدار حسين شاهه جو بستا الف جو رڪارڊ ٺاهيو. ۽ بلاننڊ FIR ۾ هن تي ڪوڙي شاهدي ڏياري گرفتار ڪيوس. مان جڏهن ڳوٺ پهتس ته منهنجي هڪ دوست جي معرفت محمد هاشم ميمڻ اهو سڄو احوال ڏياري موڪليو. مون محسوس ڪيو ته اڄ SP سان جهڙپ ٿي آهي. نمڪ حلالي ڪندي ڄام صادق کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هو ڪلاڪ ٻن ۾ ڪارروائي ڪندي، مون کي گرفتار ڪرائيندو. مان تڙتڪڙ ۾ ٻه ٽي وڳا ڪپڙن جا ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي انهن ئي پيرن تي ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ سکر ويس. شام جو مسٽر عبدالفتاح ملڪ وڪيل وٽ ويس، جيڪو منهنجو دوست آهي، ان سان ملي کيس سڄي روداد ٻڌائي، مان کيس چيو ته هڪ پٽيشن تيار ڪيو ته سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ داخل ڪيون، صبح جو پٽيشن داخل ڪئي سين، جيڪا پٽيشن جسٽس مختيار احمد جوڻيجو ۽ جسٽس صلاح الدين مرزا جي بينچ ۾ لڳي، ٻئي بهادر، ڄاڻو ۽ همٿ وارا جج هيا، جن منهنجي وڪيل جي دليلن ۽ مون کي ٻڌڻ کان پوءِ پٽيشن ايڊمٽ ڪئي ۽ هڪ عارضي آرڊر ڏنو، جنهن ۾ گرفتار نه ڪرڻ ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ SP کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنل هو ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس ڏنو ويو هو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ مليل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر ٿياسين، ان وقت ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل مسٽر زوار حسين جعفري هيو. جيڪو خود ايماندار، ڄاڻو ۽ اهل ماڻهو هئو، جيڪو بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ سپريم ڪورٽ جو جج به ٿيو. جڏهن ڪيس ۾ سڏ ٿيو ته ٻئي ڌريون پيش ٿياسين. جج صاحبان SP صاحب کان پڇيو ته ديدار حسين شاهه هڪ ته هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي، اسان وٽ ڪيسن جي سلسلي ۾ حاضر ٿيندو آهي MPA به آهي ۽ معزز ماڻهو به آهي. توهان وٽ هن جي خلاف جيڪو فوجداري رڪارڊ آهي اهو پيش ڪيو. الله تعالي جي مهربانيءَ سان منهنجي خلاف ڪو به رڪارڊ هن وٽ موجود ڪو نه هيو، صرف ايترو لکي ڏنائين ته هيءُ وڪيل، MPA ۽ پيپلز پارٽيءَ جو عهديدار به آهي. جج صاحبان کيس ٻڌايو ته هن جي پٽيشن ۾ به اهو ئي سڀ ڪجھه ذڪر ڪيل آهي، پر نئون فوجداري رڪارڊ پيش ڪيو، جنهن جي بنياد تي توهان ديدار حسين شاهه جو بستا الف، بدمعاشن جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪري، مٿس ڪوڙا ڪيس ڪري، کيس گرفتار ڪرڻ ٿا چاهيو. SP صاحب کي وڌيڪ چيائون ته هيڏو سارو ٿلهو متارو ماڻهو آهين، قائدي قانون جي ڄاڻ رک، شريف ماڻهن جي خلاف ڪوڙو رڪارڊ نه ٺاهه. هاڻي تو تي رحم ڪري، وڌيڪ ڪاروائي ڪو نه ٿا ڪريون، نه ته پٽو لهرائي توکي جيل حوالي ڪيون ها، پٽيشن بحال ٿا ڪيون. شاهه صاحب جي خلاف ڪو به ڪوڙو رڪارڊ ٺاهي، بستاالف جي لسٽ ۾ نالو نه وجھو. جيڪا غير قانوني ڪاروائي ڪيو ٿا، ان کي بند ڪيو نه ته توهان کي تڪليف ٿيندي.
ڄام صادق علي جي ڏاڍاين، ظلم ۽ جبر جا قصا ته تمام گھڻا آهن، پر مان هتي صرف ٽي واقعا ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجھان.
(1) نمبر هڪ ته پيلز پارٽي جي تنظيم، پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ونگ تمام اهم ۽ بهادر ماڻهن سان ڀريل هئي، جيڪي پارٽيءَ جي ڪري هر تڪليف سهڻ لاءِ تيار هوندا هئا. خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو جو هڪ چانڊيو ڇوڪرو جيڪو پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ وڌيڪ تحرڪ وٺندڙ ۽ شاگردن جي همٿ افزائي ڪري پيپلز پارٽي جي پروگرام تي هلڻ لاءِ ريليون به ڪڍندو هيو، جلسا به ڪرائيندو هيو ۽ هر ڪم ۾ اڳتي هوندو هيو. ڄام صاحب جي انتظاميه ان جي ڪاررواين کان بخوبي واقف هئي. ڄام صاحب جي اشاري تي شاگردن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، ان جھيڙي ۾ اهو چانڊيو ڇوڪرو موجود به ڪو نه هو پر سپاف جي ليڊر جي حيثيت ۾ ان تي FIR ڪٽرائي وئي، ان وقت اهو ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ هيو. محترمه بينظير ڀٽو کي دانهن ڏنائين، ان چيس ته لاڙڪاڻي وڃي ديدار حسين شاهه سان مل، اهو تنهنجو ڪيس وڙهندو. اهو چانڊيو ڇوڪرو مون سان مليو ۽ حال احوال ڏنائين. ان جا پنهنجي خرچ تي ڪاغذ پٽ ڪڍرائي، سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ان جي ضمانت جي درخواست وڌم، ان سان گڏ امتحان جي شيڊيول جي ڪاپي به ان سان گڏ داخل ڪيم، جنهن ۾ مون اهو عرض ڪيو ته امتحان هلي رهيا آهن ۽ هن شاگرد جوابدر کي امتحان ۾ ويهڻو آهي. مرحوم علي نواز ٻڍاڻي صاحب لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هيو، جيڪو هڪ هوشيار، بهادر ۽ ايماندار جج هيو ۽ بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو به جج ٿي رٽائرڊ ٿيو. ان صاحب قانوني دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪچي ضمانت جي درخواست بحال ڪري، سرڪار کي نوٽيس موڪليو ته پوليس ڪاغذ به آندا وڃن ۽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر به ڪورٽ ۾ حاضر ٿئي. ان کان پوءِ اهو چانڊيو ڇوڪرو امتحان ۾ پاس ٿيو، بعد ۾ ان کي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ميڊيڪل آفيسر ڪري رکيو ويو. ان کان پوءِ مون سان ٻه ٽي دفعا ملاقات ڪيائين ۽ شڪريو به ادا ڪيائين ته، محترمه جي ڪري توهان ڏکئي وقت ۾ ڪم آيا، ڪيس مان به جان ڇٽي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ نوڪري به ملي، هاڻي منهنجي پوسٽنگ ميهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور آهي.
(2) ٻيو قصو ياد اچي ٿو ته، ان ڏاڍ ۽ جبر جي زماني ۾ ڪشمور جو هڪ دستي ڇوڪرو، جيڪو سپاف سنڌ جو صدر هيو، ان کي به پارٽي جي پروگرام کي اڳتي کڻي هلڻ واري بهادري ڏيکارڻ جي ڏوهه ۾ ڪلاشنڪوف جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس چالان ڪري ڇڏيو. چار پنج مهينا اهو ڇوڪرو جيل ۾ بند رهيو. ان جو ڪيس به پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪن وڪيل صاحبن کي ڏنل هيو، هونئن به انسدادِ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ضمانت ڪو نه ٿيندي آهي ۽ جوابدار جيل ۾ ئي پيل هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ آيل هئي. مان حسبِ معمول ڪم پورو ڪري هڪ بجي ڌاري کيس سلام ڪرڻ ويس. المرتضيٰ هائوس تي پهتس ته ٻاهر سپاف جي ڇوڪرن جو انبوهه بيٺل نظر آيو. انهن سان دعا سلام ڪري، اندر محترمه ڏي ويس. محترمه سان دعا سلام ڪري ڪچهري شروع ڪئي ته انهن ڇوڪرن جا سرگرم اڳواڻ اندر اچي ويا ۽ محترمه کي چيائون ته سائين ديدار حسين شاهه کي چئو ته سپاف سنڌ جي صدر جو ڪيس پنهنجي هٿ ۾ کڻي. محترمه مونکي چيو ته هن جو ڪيس کڻو. مون محترمه کي انهن شاگردن جي سامهون چيو ته، مان توهان جي حڪم تي ڪيس کڻندس، پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪيس ۾ ضمانت ڪو نه ٿيندي، ان جي ڪري تڪڙ نه ڪن، باقي ڪيس هلائڻ دوران مون سان هي اچي ڪورٽ ۾ يا ڪورٽ کان ٻاهر ملن ته گوڙ نه ڪن.
انسدادِ دهشتگردي ڪورٽ جو ان وقت لاڙڪاڻي جو جج مرحوم ڌڻي بخش دايو صاحب هو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ڊسٽرڪٽ جج، ٿي رهيو هيو. تمام اهل ۽ ايماندار ماڻهو هيو، ان وٽ حاضريءَ تي اهو دستي ڇوڪرو پوليس وٺي آئي. پوليس چالاڪي ڪري، هڪڙو مشير ۽ هڪ ڪلاشنڪوف ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. انسدادِ دهشتگردي ڪورٽ ۾ ڪيس مهمل ڪو نه ٿيندو هو، اتي روزانو ڪيس هلندا هيا. ڪيس ۾ سڏ ٿيو ته ٻئي ڌريون حاضر ٿياسين. جج صاحب چيو ته ڪيس هلايون، مون چيومانس ته ڀلي هلايو پر ڪيس ۾ مڪمل انصاف ڪرڻ لاءِ هڪڙي گذارش آهي ته، هن مشير جي مک پڇا (Examination in Chief) وٺو ۽ آڏي پڇا (Cross-Examination) مهمل ڪيو، ڇو ته پراسيڪيوٽر باقي هڪڙو شاهد I.O کان پڇا ڳاڇا ڪندو. جيڪڏهن هاڻي مان ان مشير جي آڏي پڇا ڪندس ته ٻي تاريخ تي آڏي پڇا ۾ به ساڳيا جواب I.O ڏيندو، ڇو ته اها رڪارڊ جي ڳالهه هوندي، ان سان ڪو به قانوني فائدو نه ٿيندو ۽ هن ڇوڪري جي بيگناهي ثابت نه ٿي سگھندي. جج صاحب اها منهنجي جائز ڳالهه مڃي ۽ مشير جي مک پڇا وٺي، آڏي پڇا مهمل ڪري هڪ هفتي جي تاريخ ڏني ۽ I.O کي گھرائڻ لاءِ پراسيڪيوٽر کي پابند ڪيائين. هفتي کانپوءِ ٻنهي شاهدن جي شاهدي ۽ آڏي پڇا پوري ڪرڻ کانپوءِ ڪيس تقرير (آرگيومنٽس) لاءِ رکي، ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي تاريخ ڏني وئي. ڪيس ۾ آرگيومنٽس ٻڌي مرحوم ڌڻي بخش دائي صاحب، ان جوابدار ڇوڪري کي باعزت بري ڪيو. بعد ۾ مونکي ڇوڪرن ٻڌايو ته، لاڙڪاڻي جيل مان جڏهن اهو دستي ڇوڪرو ۽ ٻيا آزاد ٿيڻ کانپوءِ جلوس جي شڪل ۾ گاڏين تي چڙهي نعرا هڻندا محترمه وٽ پهتا ۽ ان کي ٻڌايائون ته ڪيس مان جان ڇٽي وئي آهي ته محترمه ڏاڍي خوش ٿي. ان کان پوءِ جڏهن منهنجي محترمه سان ملاقات ٿي ته دستي ڇوڪري جي آزاد ٿيڻ تي ڏاڍي خوش هئي. مان سمجھان ٿو ته اهو دستي ڇوڪرو هن وقت چڱي پوزيشن ۾ هوندو، ڇو ته هُو ته بهادر ۽ پارٽيءَ سان مخلص هيو.
(3) ٽيون قصو هيءُ آهي ته، لينڊ گرانٽ پاليسيءَ تحت ڪالونلائزيشن آفيسر سکر بئراج، مسٽر محمد اسحاق لاشاري رتيديري تعلقي جي سرڪاري زمين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ رتيديري تعلقي ۾ عام ڪچهري ڪئي. ان کليل ڪچهريءَ ۾ ماڻهن کي ميرٽ تي زمينون ڏنائين. محمد اسحاق لاشاري سنڌ گورنمنٽ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. تعلقي آفيس رتيديري سان لڳو لڳ سول ڪورٽ آهي. مان اتي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ لاءِ آيو هئس. ڪيسن مان فارغ ٿي جڏهن ٻاهر نڪتس ته خبر پئي ته محمد اسحاق لاشاري صاحب، روينيو آفيسر تعلقي آفيس ۾ ويٺو آهي. اسان جي شهر ۾ آيو هو، مان پنهنجي ثقافت مطابق مناسب سمجھيو ته ان سان ملجي، سو ان کي اطلاع ڪري وڃي ساڻس مليس. پندرنهن ويهه منٽ ڪچهري ڪري اتان فارغ ٿي لاڙڪاڻي ڪيسن لاءِ هليو ويس. لاشاري صاحب شام جو پنجين ڇهين بجي تائين عام کليل ڪچهري هلائي، هارين ۽ مهاڳدارن کي رتيديري تعلقي ۾ ديهه وائيز زمينون ڏنيون. ان زماني ۾ مرحوم سردار الله بخش جلباڻي، ڄام صادق علي جي انتظاميه ۾ اسپيشل اسسٽنٽ هيو. ان وڃي ڄام صاحب کي غلط نموني دانهن ڏني ته، ديدار حسين شاهه ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب سان ويهي ڪري، پنهنجن ماڻهن کي زمينون ڏياريون آهن. مرحوم ڄام حسبِ معمول نادري حڪم ڪندو هو. هُن جلباڻي صاحب جي زباني شڪايت تي، بغير ڪنهن ثبوت وغيره جي، زباني حڪم ڪيو ته محمد اسحاق لاشاريءَ جي ٿيل ڪچهري ڪينسل آهي. مون اسيمبليءَ ۾ هڪ دم مهمل جي رٿ پيش ڪئي ته ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب جي ڪچهري ڪرڻ جو مهينو ڏيڍ اڳ اخبار ۾ اشتهار ڏنو ويو هو. ريڊيو تي به عام اعلان ڪيو ويو هو ۽ اخبارن ۾ به عام اشتهار شايع ڪيو ويو هيو ته ڪچهري ٿيندي، ان کان علاوه تعلقي رتيديري ۾ به اعلان ڪري ٻڌايو ويو ته زمينن ڏيڻ بنسبت ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب کليل ڪچهري ڪندو، اهڙي طرح جڏهن مهمل رٿ تي بحث ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو کان لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ ڪالونلائيزيشن آفيسر کان ڪمينٽس ۽ رڪارڊ گھرايو ويو ته ان ۾ ثابت ٿي ويو ته ڪچهري بلڪل جائز آهي، ڇو جو ان جو ريڊيو تي عام اعلان ڪيو ويو هو ۽ اخبار ۾ به عام اشتهار شايع ڪيو ويو ۽ ماڻهو ديهه وائيز مقابلو ڪرڻ لاءِ آيا هيا. اهو سڄو رڪارڊ موجود هيو، جڏهن اسيمبليءَ ۾ معاملو اٿاريو ويو ته، هن خاڪسار، نثار احمد کهڙي، حاجي منور علي عباسي، پير مظهرالحق، علي نواز شاهه ۽ غلام مجتبي اسراڻ انهيءَ تي وڏيون زوردار تقريرون ڪيون ۽ ڄام صادق علي جي غير قانوني، زباني حڪم کي غلط سڏيو. جنهن تحت ڪچهري کي رد ڪيو ويو هو، جڏهن رڪارڊ آيو ۽ سرڪاري ڌر کي ڪچهريءَ ۾ ڪا به ناجائز ڳالهه نظر نه آئي، ته ڄام صاحب جو لائق ۽ فائق وزير قانون سيد مظفر علي شاهه به ان جو بچاءُ نه ڪري سگھيو ۽ سيد صبغت الله راشدي جيڪو لينڊ يوٽيلائيزيشن جو منسٽر هيو، ان به اسيمبلي فورم کي ٻڌايو ته غلط فهمي ڦهلائي وئي آهي، ڄام صاحب جو ڪو لکت ۾ حڪم ڪو نه آهي ته ڪچهري ڪينسل آهي، تنهن ڪري ڪچهري بحال ئي آهي. واسطيدار ماڻهو ڪالونلائيزيشن آفيسر جي آفيس ۾ حيدرآباد وڃي قسطن جا پئسا جمع ڪرائي، وڃي آرڊر کڻن. اها خبر جڏهن واسطيدار ماڻهن کي پئي ته ڏاڍا خوش ٿيا.