محترم عبدالرزاق سومرو
سومرو صاحب سٺو فوجداري وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ سٺو دوست، همدرد ۽ هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. مهمان نواز به ڏاڍو آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي خلاف ڪدورت ۽ نفرت رکندڙ ڪونه آهي. الله تعاليٰ کيس ان مزاج ۽ طبيعت جي ڪري تمام گهڻو نوازيو آهي. سندس حلقهءِ احباب تمام وسيع آهي. هر هنڌ کيس عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي.
عبدالرزاق سومرو صاحب ٽائون ڪاميٽي رتيديري جو منتخب چيئرمين به رهيو آهي. جتي ان ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا. سومرو صاحب اقوام متحده United Nations جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، هڪ سرگرم ميمبر به ٿي رهيو آهي.
سومرو صاحب پيپلز پارٽيءَ جي پهرئين دور حڪومت ۾ سلطنت امان ۽ مسقط ۾ سفير طور رهيو ۽ ساڳيءَ ريت پيپلز پارٽيءَ جي ٻئين دور حڪومت ۾ سعودي عرب (يو اي اِي) ۾ سفير پڻ رهيو. ان وقت سعودي عرب ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي وڏي خدمت ڪيائين. پنهنجي ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪيائين. سومرو صاحب تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي. هن وقت وڏي عمر هئڻ ڪري به پاڻ شاديءَ، غميءَ ۾ شريڪ ٿيندو آهي. جيڪڏهن پاڻ ڪنهن مجبوريءَ تحت نه هوندو آهي ته سندس وڏو فرزند آصف علي سومرو صاحب، جيڪو سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي، سو ايندو آهي. عبدالرزاق سومرو صاحب هن وقت ڪورٽن ۾ گهٽ ويندو آهي. سندس وڪالت جو بار مسٽر آصف علي سومرو کنيو ويٺو آهي جيڪو پاڻ سٺو وڪيل، انتها درجي جو فضيلت ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. سومري صاحب جي دوستن کي جتي به ملندو، ادب ۽ احترام جي ڪري، انهن کي وڏو سمجهي جهڪي ملندو ۽ ادب ڪندو. اها سکيا کيس محترم استاد عبدالرزاق سومري صاحب کان مليل آهي.
سومري صاحب جو ٻيو فرزند ارجمند عامر علي آمريڪا مان پڙهي آيل انجنيئر آهي ۽ ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ اعليٰ عهدي تي آهي. سومري صاحب به پيپلز پارٽيءَ جي نالي تي جيل ياترائون ڪيون آهن. سندس پارٽيءَ سان ۽ ڀُٽي صاحب سان وفاداري به ضرب المثل آهي. سومري صاحب پاڻ محنت ڪري اهو مقام حاصل ڪيو آهي.
مونکي هڪڙو واقعو ياد اچي ٿو. سومري صاحب وٽ سندس چيمبر ۾ جونيئر جي حيثيت ۾ ڪم سکندي، منهنجي سيد عزيزن ۽ داين صاحبن جي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪو جهيڙو ٿي پيو هو. ٻنهي ڌرين کي ڌڪ لڳا ۽ اتفاق سان داين صاحبن جو نذير حسين نالي ڇوڪرو اسپتال ۾ زير علاج هوندي انتقال ڪري ويو. ڪيس ۾ منهنجا سئوٽ ڦاسي پيا هيا. ٻه ڪائونٽر ڪيس ٿي پيا، رتيديري جي داين صاحبن جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري ۽ مرحوم جڙئي خان دائي جي ڪري، عبدالرزاق سومري صاحب اهو ڪيس ورتو ۽ هڪ ٻن تاريخن تي ڪورٽ ۾ حاضر به ٿيو. عبدالرزاق سومري صاحب جو مُنشي احسان الله سومرو مومن ماڻهو هيو ۽ سيد هجڻ جي ڪري منهنجي گهڻي عزت ڪندو هيو. مان آفيس ۾ ڪم سکڻ جي ڪري، سومري صاحب جي اچڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ۾ ويندو هيس. ڪيس پڙهبا به هيا ۽ ڪيسن لاءِ نذير Precedents به ڪڍڻا پوندا هيا. سيدن ۽ داين جي جهيڙي وارو ڪيس به لڳل هيو. سومرو صاحب ڪورٽ جي ڪم سان سکر ويل هيو، واپسيءَ ۾ اچڻو هيو، پر ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري شام جو آفيس ۾ اچي ويهي ڪونه سگهيو. ان وچ ۾ مرحوم عبدالواحد سومرو ۽ مرحوم جڙيو خان دايو صاحب آيا ۽ اچي احسان الله سومري منشيءَ کان پڇيائون ته عبدالرزاق سومرو صاحب ڪٿي آهي؟ احسان سومري کين جواب ڏنو ته صاحب سکر ويل آهي ۽ پهچڻ وارو آهي. خير سان پهچندو ۽ سڀاڻي توهان جي ڪيس ۾ ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندو. اهو واقعو 69-1968ع جو آهي. عبدالواحد سومري مرحوم، جڙئي خان دائي کي چيو ته ڪيس جا ڪاغذ احسان منشيءَ کان وٺ ته هلي ٿا ڪٽپر صاحب کي وڪيل ڪيون. جڙئي خان دائي مرحوم عبدالواحد سومري جي چوڻ تي سختيءَ سان ڪاغذ احسان الله منشي کان ورتا ۽ وڃي عبدالوحيد ڪٽپر کي وڪيل ڪيائون.
ڪٽپر صاحب ڪيس هلايو. سيدن جي پاران مرحوم ممتاز علي جعفري وڪيل هيو. ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ سائين سيد وريل شاهه مرحوم منهنجي والد صاحب ۽ ٻي سنگت اهو فيصلو ڪيو ته جيئن ته اتفاقي حادثو ٿي پيو آهي، تنهن جي ڪري زماني جي دستور موجب ميڙ منٿ کڻي داين صاحبن جي گهر هلجي ته فيصلو ڪن. مونکي ياد اچي ٿو ته مرحوم سردار علي نواز جلباڻي، گهانگهرن صاحبن جو پير بخش گهانگهرو، قادري داين جو وڏو مرحوم محمد اسماعيل قادري ريٽائرڊ ڊپٽي ڪلڪٽر، مرحوم وڏيرو محمد حيات خان سيلرو، سردار علي محمد خان سيلرو، مرحوم واحد بخش خان ڀٽو، وڏيرو حاجي محمد صالح ويسر، وڏيرو حاجي محمد صديق ويسر، مير جان محمد خان بُليدي، رئيس مومن خان لولائي، مولوي غلام يحيٰ، نيڪ محمد ڪُنڀر، وڏيرو صاحب ڏنو خان کوکر، قاضي عبدالحئي قائل، شهر جا ميمبر مرحوم علي اڪبر شاهه، حاجي رمضان سرهيو مرحوم، مولوي عبدالخالق مير بحر مرحوم، سيٺ گوپال داس مرحوم هندن جو مُکي ۽ ٻيا جيڪي پنهنجي تر ۽ قبيلن جا چڱا مڙس ليکيا ويندا هئا، اهي سڀ ميڙ ۾ هليا اندازن ٻه سئو کن ماڻهو هيا.
ڳالهين ڪندي محمد اسماعيل قادري مرحوم، جڙئي دائي مرحوم کي چيو ته فيصلو ڪيو، جيڪو ڏنڊ ڏوهه پيو اهو به سيد ڀريندا ۽ جيڪڏهن ڪو سڱ چٽي پيو ته مان پنهنجي نياڻي چٽيءَ ۾ ڏيندس.
پر جيئن ته مرحوم جڙئي خان کي، عبدالواحد سومري جون ٽيڪرون ۽ پٻيون هيون ته فيصلو نه ڪر، ان ڪري جڙئي مرحوم پهريائين ته فيصلي کان انڪار ڪيو، پر بعد ۾ چيائين ته ذوالفقار علي ڀُٽو، جيڪو ان وقت وزير خارجه هيو اهو فيصلو ڪري.
ميڙ جي معززين جڙئي خان کي چيو ته، ذوالفقار علي ڀٽو وڏو ماڻهو آهي ۽ تمام مصروف آهي، هو ٽائيم ڪڍي ڪونه سگهندو، توهان ڪوئي به ٻيو امين مقرر ڪرائي فيصلو ڪرايو، جيڪا بهتر ڳالهه آهي. پر چوندا آهن ته ”نه کي نَوَ ڪوٽ“ هُو عبدالواحد سومري جو پڙهايل هيو، تنهن جي ڪري بظاهر ڪوڙو بهانو ڏئي ميڙ کي جواب ڏنائين ۽ ڪا چڱي موٽ نه ڏنائين.
جڙئي خان جي جواب کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن منهنجي والد صاحب کي چيو ته عبدالواحد سومري جي ڪري جڙئي دائي توهان کي جواب ڏنو آهي، مان هن کي ڪونه جهيلو آهي. مونکي خوشي ٿيندي ته منهنجي تڪ جا ماڻهو پاڻ ۾ ٺهي وڃن. پر الله تعاليٰ جڙئي مرحوم جا درجا بلند ڪري هُو مرحوم عبدالواحد سومري جي چوڻ تي لڳي فيصلي تي آمادهه نه ٿيو.
ان کان پوءِ ڌرين به ڪيس هلايا ۽ سيشن ڪورٽ مان ڪائونٽر ڪيس هجڻ جي ڪري ٻئي ڌريون ڇٽي ويون ۽ ڪيس مان آزاد به ٿي ويون. ان وچ ۾ منهنجو عبدالرزاق سومري صاحب سان داين جي ڪيس وٺڻ ۽ انهن جي ڪيس واپس کڻي وڃڻ متعلق ڪوبه ذڪر ڪونه ٿيو. پر هڪڙي دفعي پنهنجي آفيس ۾ ويهندي مون سان اعتراف ڪيائين ته عبدالواحد سومرو جيتوڻيڪ منهنجو دوست آهي، پر ان تڪڙ ڪري جڙئي دائي کان ڪيس واپس وٺرايو. توهان ته ڪجهه به نه چيو، توهان کي شاباش آهي. پر حقيقت ۾ مونکي ڪيس وٺڻ نه گهربو هيو، ڇو ته توهان سان ۽ توهان جي گهراڻي سان به سٺا تعلقات رهيا آهن. مون کيس چيو ته سائين توهان دل جاءِ ڪريو، منهنجي دل ۾ڪابه ڳالهه ڪونه آهي. الله توهان کي سلامت رکي اسان جي سنڌيءَ ۾ عام طرح پهاڪو آهي:
”جنهن به ماڻهوءَ دلي طرح سان کنيل ميڙ منٿ کي آڌر ڀاءُ نه ڏنو آهي ته قدرت ميڙ منٿ ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي مدد ڪندي آهي.“
۽ ٿيو به ايئن ئي، ميڙ موٽائڻ جي ڪري سيد ڪيس مان ڇٽي ويا.
ڇٽڻ کان پوءِ به اسان جي ڪوشش رهي ته فيصلو ٿئي، ٻه سال کن ٿيندا ته مسٽر علي نواز گهانگهري فيصلو ڪيو ۽ ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويون. فيصلي ۾ سيدن تي ڏنڊ پيو جيڪو انهن ڏنو.