آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم

مرحوم مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب تعلقي ڏوڪريءَ جو رهاڪو، کاڌل پيتل گهراڻي جو ماڻهو، جنهن پنهنجي وڪالت جي پيشي جي شروعات لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان شعبي ۾ وڏو نالو ڪمايائين. مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب فوجداري ڪيسن جو وڏو ماهر تسليم ڪيو ويندو هو.
شروع شروع ۾ ڪٽپر صاحب جو وڪالت ۽ سماجي ڪمن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي مخالف گروپ، جهڙوڪ قاضي فضل الله ۽ ٻين سان واسطو هيو. محترمه فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب جي زماني ۾ جڏهن بي ڊي جي ميمبرن وسيلي صدر کي منتخب ٿيڻو هيو، ان اليڪشن ۾ مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ڏوڪري تعلقي تي جنرل ايوب جو اليڪشن ايجنٽ ٿي ويٺو هو ۽ قاضي فضل الله مرحوم، محترمه فاطمه جناح جو اليڪشن ايجنٽ ٿي وارهه تعلقي ۾ ويٺو هيو، ٻنهي تعلقن ۾ جنرل ايوب جي خلاف محترمه فاطمه جناح اڪثريت حاصل ڪئي هئي ۽ باقي تعلقن ۾ مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري جنرل ايوب کي اڪثريت حاصل ٿي هئي.
جڏهن جنرل ايوب، ذوالفقار علي ڀُٽي مرحوم کي تڪليف ڏيڻ جي لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، جنهن ۾ هڪڙو ڪيس تمام مشهور ايگريڪلچر انجنيئرنگ کاتي جي ٽريڪٽرن جي ناجائز استعمال جي الزام جو به هيو، ڀُٽي صاحب مرحوم جي ماڻهن کي ڀُٽي صاحب سان گڏ ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، ان وقت ذوالفقار علي ڀُٽي مرحوم جي زمينن جي سار سنڀال جي لاءِ مرحوم قادر بخش ڀُٽي مقرر هيو، جنهن تي ڀُٽي صاحب جو تمام گهڻو اعتماد ۽ ويساهه هيو، ان کي به ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. مرحوم قادر بخش ڀٽي ۽ مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر هڪ ٻئي جا هم زلف هيا. پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ هڪ ٻئي تي اعتماد هين.
قادر بخش مرحوم ڪيس جا ڪاغذ کڻي عبدالوحيد ڪٽپر وٽ ويو ۽ اُن کي وڪيل مقرر ڪيائين. ڀٽو صاحب جيئن ته ڪيسن ۾ مک جوابدار هيو، ان سان گڏ قادر بخش ڀَٽي به جوابدار هيو، ان ڪري ڀَٽي صاحب جي عزيز هئڻ ڪري عبدالوحيد ڪٽپر صاحب، ڪيس جي في نه ورتي ۽ سڄو ڪيس کڻڻ قبول ڪيائين. مون کي ياد ٿو پوي ته ان وقت اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو، مرحوم الله بخش خان صوبي سرحد جو رهاڪو هيو. ڪيس ان وٽ هليو هيو. ڪٽپر صاحب هر حاضريءَ تي لاڙڪاڻي مان پنهنجي گاڏي کڻي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ ويندو هيو. ڪيس هليو، ميرٽ تي ڪيس جج صاحب ڪوڙو سمجهي، خارج ڪري، سڀني جوابدارن کي ڇڏي ڏنو. ڪٽپر صاحب جي ان عمل جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم جي نظرن ۾ ان جي عزت ۽ توقير وڌي وئي. ڀٽي صاحب اهو بهتر سمجهيو ته منهنجي چوڻ کان سواءِ، منهنجي منشيءَ جي چوڻ تي، جيڪو هن جو عزيز هيو، پر ان کي تڪليف به منهنجي منشي هئڻ جي ڪري ٿي هئي، تنهن جي ڪري ڀُٽي صاحب پاڻ ڪَهي وڃي ڪٽپر صاحب جي بنگلي تي، ان جو شڪريو ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ڪٽپر مرحوم ڀُٽي صاحب کي ويجهو پئجي ويو.
مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر صاحب پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر به رهيو ۽ چڱي محنت ڪيائين. ايوبي آمريت جو ٻين پيپلز پارٽي جي پراڻن دوستن سان گڏجي چڱو مقابلو ڪيائين ۽ ان ڪڙي دور ۾ پارٽيءَ جو پرچم بلند رکيائين.
ڪٽپر صاحب سنڌ صوبي جو صدر به رهيو. ڀُٽي صاحب کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڪرائي، منسٽر به ڪيو هو. ضياءُ الحق جي 5 جولاءِ 1977ع جي مارشل لا لڳڻ تائين هُو وزير رهيو. وزير به طاقت وارو ۽ ڀُٽي صاحب جي ويجهو پڻ هو. صحت جي کاتي ۾ ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ ۾ هن چڱو پاڻ ملهايو. مارشل لا لڳڻ کان پوءِ جيئن ٻين پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن کي گرفتار ڪيو ويو، اهڙي طرح ڪٽپر صاحب کي به گرفتار ڪري مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ڪري سزا ڏيارائي وئي هئي. سزا کان پوءِ کيس C ڪلاس قيديءَ جي حيثيت ۾ رکيو ويو ۽ قيدين وارا ڪپڙا پارايا ويا. هن جي ملڪيت به سرڪار پاران ضبط ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس نئون ٺهرايل ڊاڪٽرس ڪالونيءَ وارو بنگلو به هو. ان تي به قبضو ڪيو ويو ۽ سرڪار ان کي پنهنجي حوالي ڪيو.
سزا ملڻ کان پوءِ ڪٽپر صاحب جو وڪالت ڪرڻ جو لائسنس به معطل ڪيو ويو. پيٽ گذران لاءِ ڪٽپر صاحب ڪراچي جي پراڻي لياري واري علائقي ۾ هڪڙو ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور کوليو جيڪو سندس روزگار جو ذريعو هو.
ڪٽپر صاحب جا فرزند پڙهي هاڻ چڱن عهدن تي پهتل آهن. ٻه ته شايد ڊاڪٽر آهن، جن جي رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ ٻه شايد آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن. سندس نياڻيءَ جي شادي سانگهڙ جي معزز زميندار حسن علي چانهيو سان ٿيل آهي.
ڪٽپر صاحب جيل جي سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو وڪالت جو لائسنس بحال ڪرايو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل سائيڊ تي سيشن ڪورٽس ۽ اَي ٽي سي ڪورٽس ۾ ڪيس هلايائين.
ڪٽپر صاحب کي ميڊيڪل جيوريز پروڊنس ۽ قانون شهادت پي پي سي ۽ سي آر پي سي تي چڱو عبور حاصل هيو، ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻا ڪيس اوريجنل سائيڊ تي سيشن ڪورٽ مان ۽ اپيلڊ سائيڊ تي هاءِ ڪورٽ مان فيصل ڪرايائين. انهن مان هڪ ڪيس آمريڪي صحافي ڊينئل پرل جي مشهور مقدمي قتل جي جوابدارن وارو به هو جنهن ۾ ڪٽپر صاحب وڪيل هيو.
محترمه بينظير ڀٽو 1988 جي اليڪشن کٽڻ بعد جڏهن پاڪستان جي وزيراعظم ٿي، ته ڪٽپر صاحب کيس پنهنجي تڪليف جو داستان ٻڌايو ۽ جيڪي تڪليفون مارشل لا جي دور ۾ برداشت ڪيائين، ان جو احوال به ڪيائين. محترمه جا خُدا درجا بلند ڪري، ڏاڍي همدرد، رحم کائڻ واري ۽ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم اچڻ واري شخصت هئي. جيتوڻيڪ ان وقت ۾ ڪٽپر صاحب سياست ۾ سرگرم ڪو نه هيو، پر پراڻيون خدمتون مدنظر رکندي سندس سزا به چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ معاف ڪيائين، سندس ملڪيت به واپس ڪيائين ۽ جيترو عرصو اهو بنگلو سرڪاري حوالي هيو، ان جو معاوضو به کيس محترمه ڏنو. اها هئي محترمه جي پنهنجي خلوص طور ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ.
ڪٽپر صاحب سالن کان وٺي روزاني عوامي آواز، سنڌي اخبار ۾ هفتي ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي ڪالم لکندو هو ۽ ماڻهو سندس ڪالم تمام گهڻي دلچسپي ۽ شوق سان پڙهندا هيا.
ڪٽپر صاحب ڀلوڙ وڪيل، سٺو ماڻهو، پر گفتگو ڪندي جيڪڏهن چڙندو هيو ته آپي کان ٻاهر نڪري ويندو هيو ۽ ماڻهوءَ جو پٽڪو لاهڻ ۾ دير ڪو نه ڪندو هو. اهوئي سبب آهي جو حڪومت وڃڻ کان پوءِ پاڻ رضاڪاراڻي طور ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ لڙي، لاڙڪاڻي ڏي منهن به نه ڪيائين. جنهن لاڙڪاڻي جي رهواسي هجڻ جي ڪري قدرت کيس ايڏو مرتبو ۽ مقام ڏنو، لاڙڪاڻي جو به ان تي حق هيو.
ڪٽپر صاحب جي وفات تي، ان جي نماز جنازه سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مون سميت لاڙڪاڻي ضلعي جا تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، پر ڪراچيءَ جا ماڻهو گهٽ هيا. الله تعاليٰ جي در دست به دعا آهيون ته اُهو سندس درجا بلند ڪري. ڪٽپر صاحب جو جسد خاڪي ڊفينس جي گذري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.