آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو!

مارو مِٽ ملير جا، سڀئي پرکياسون،
سوکي ڀانئين سڀڪو، اوکيءَ تون ئي تون،
مولا! مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهج ٻاجهه جو.
(شاه)

جسٽس (رٽائرڊ) سيد ديدار حسين شاهه جي ”آتم ڪهاڻي“ پڙهندي شاهه سائين جو مٿيون بيت اَلائي ڇو ذهن تي تري آيم- شايد ان ڪري ته هنن پنهنجي حياتيءَ جي واقعات کي دل ۽ دماغ جي جنهن سچائيءَ سان پرکيو ۽ محسوس ڪيوآهي، اوتري ئي سچائي ۽ بي ريائيءَ سان قلمبند به ڪيو اٿن. وڏي سادگي سان قلم کي تکو ڪيو اٿن ۽ بيباڪيءَ سان گهڻو ڪجهه بيان ڪندي به پنهنجي روايتي اخلاق ۽ خانداني قدرن کي پنهنجي آڏو رکي، نه ته ڪنهن جي ٽوپي لاٿي اٿن ۽ نه ئي وري اهڙو ڪو اُگرو اکر ڪنهن جي به لاءِ استعمال ڪيو اٿن، جيڪو انهن جي دل آزاريءَ جو سبب بڻجي، پر ان سان گڏوگڏ رب سائينءَ جون جيڪي مهربانيون ساڻن شامل حال رهيون، شاهه لطيف جو هيءَ بيت ڄڻ ته ان احساس جو ئي اظهارآهي.
آتم ڪهاڻي ڇا ٿيندي آهي؟ اسان پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ڀلا ٻين کي ڇو ٿا ٻڌائڻ چاهيون؟ جيڪا اسان تي گذري سا گذري، ٻين جي انهن ۾ ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي!!؟ اهي ۽ اهڙا ڪيترائي سوال ان مهل ذهن ۾ اچن ٿا، جڏهن اسان جي سامهون ڪوبه شخص پنهنجي حياتيءَ کي کولي ٿو رکي. مان ڪيڏي مهل سوچيندي آهيان ته پنهنجي زندگيءَ جي ان گورک ڌنڌي کي ٻين آڏو وائکي ڪرڻ جي عمل کي ڇا چئجي؟ بهادري؟! يا، ايندڙ نسلن تائين اُهو ڪجهه پهچائڻ؛ جيڪو هنن لاءِ ڄاڻڻ ضروري ٿيندو؟ ڇو ته هرشخص پنهنجي ليکي پنهنجي دور جو نقيب آهي جن ماه و سال ۾ هو جيئي ٿو، جنهن ماحول ۾ اک پٽي ٿو، جهڙي نموني ۾ هو وقت جي وهڪري ۾ وَهندي اڻ ڄاڻ منزلن تائين پهچي ٿو، ان سڄي سفر ۾، حيرت جي ڪيترن ئي جهانن سان هن جي آشنائي ٿئي ٿي.
جيڪڏهن اُهوانسان، ڪنهن سوچ ۽ فڪر کان عاري، بغير ڪنهن وڏي خفي ۾ پوڻ بجاءِ بس مڙئي پنهنجي زندگي گهاري هليو وڃي ته پوءِ ان جا شب و روز ڪنهن لاءِ به ڪنهن به قسم جي دلچسپي جو سبب نه بڻبا. پر، جيڪڏهن، قدرت ڪنهن کي ڪو اهڙو ڪم سونپي جيڪو هن جي وهم و گمان ۾ ئي نه هجي ۽ وري هڪ کان پوءِ ٻيو امتحان،آزمائش جدوجهد ۽ مرحلي در مرحلي مان گذري ڪٿي پهچي ته پوءِ اُن شخص جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي خواهش ضرور پيدا ٿئي ٿي.
سيد ديدارحسين شاهه صاحب، پنهنجي زندگيءَ جي دري ته پاڻ ئي کولي، سڀني کي کُلي عام پيو دعوت ڏئي، ته اچو ڏسو ته سهي، هي عجب سنسار! ڪٿان هليس ۽ ڪٿي اچي پهتس!؟ هن سفر۾ ڪير گڏ هليو ۽ ڪنهن ڪٿي ساٿ ڇڏيو. هن پرخار راهه ۾ گڏ هلندڙن کي ڪيئن ڏٺم ۽ ڪيئن پرکيم، ”وڏن“ ماڻهن کي ”ننڍو“ ٿيندي ۽ ”ننڍن“ ماڻهن کي ڪيترو قدآور ڏٺم. ڏسڻ جا ”ڏيل“ ڪيترا هئا ۽ اندر جا اُجرا ڪيترا مليا. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي شفقت کان محروم ٿي، پنهنجي چاچي جي ٻاجهه ڀري پاڇي هيٺ پرورش وٺندڙ، قلم کڻندي ئي، آتم ڪهاڻي لکڻ جو مقصد بيان ڪندي اِهو ٿو چوي ته، ”ڪن سڄڻن ۽ دوستن جي اسرار تي مون آتم ڪهاڻي لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صرف ان مقصد لاءِ ته مون جهڙو مڊل ڪلاس سيلف ميڊ، مڇي ماني وارو، محنت، ايمانداري، سچائي ۽ خدمت سان ڪنهن منزل تي پهچي سگهي ٿو. مون جهڙي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پيدا ٿي پرورش پاتل، پرائمري تعليم گورنمينٽ اسڪول رتوديرو، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ لا (Law) ڪاليج حيدرآباد مان LLB جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ صوبائي اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج، جج اسپيشل ڪسٽمس اپيلٽ ڪورٽ صوبه سنڌ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ۽ چيئرمين نيب پاڪستان جهڙا ذميداريءَ وارا عهدا ماڻي سگهي ٿو.
بس سائين! شاهه صاحب جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ته هڪ پيراگراف ۾ ئي پوري ٿي وئي... باقي ڇا بچيو؟
اخترالايمان چيو آهي ته،

چلو ایک تیز دھارے میں، کہیں ڈال دیں کشتی،
لطافت ٹھنڈے پانی کی کریں محسوس، کچھ تھوڑا بکھرجائیں،
اُڑیں ان بادلوں کے پیچھے اور میلوں نکل جائیں!

بس اهو ميلن جا ميل ماضيءَ ۾ پوئتي وڃڻ ئي اصل هُنرآهي. ذهن جي ڏورين کي يادگيرين کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ ڪيترو نه مشڪل عمل آهي. هڪ يادگيريءَ کي پڪڙبو ته چار قصا هيڏي هوڏي تِرڪي ويندا- هڪ چهرو ياد ڪبو ته چار پري کان بيهي اشاروڪندا ته اسان کي به ياد ڪيو. شاه صاحب جي حافظي کي الله سلامت رکي، اهڙن اهڙن ماڻهن کي ياد رکيو اٿائين، جو اهي هن ڪتاب ۾ اچڻ کان پوءِ نه صرف تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويندا، بلڪ هڪ دستاويزي ثبوت جو حصو بڻجي ويندا.
مون شروع ۾ ئي اِهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته شاه صاحب، بغير ڪنهن”گلڪاريءَ“ جي سڌو سڌو سچ لکڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ۽ ان علائقي جي سياست کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ سمجهڻ وارا ماڻهو، جڏهن هي ڪتاب پڙهندا ته هو گهڻي ڀاڱي،شاه صاحب جي راءِ ۽ تجزئي سان سهمت ٿيندا.
اها به هڪ حقيقت آهي ته بي غرض ۽ سچو انسان، نه صرف پنهنجي تعلق ۾ سچو ۽ کرو ٿئي ٿو، بلڪ پنهنجي بي ريائي سبب هو سچ ڳالهائڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي- ڳالهه ڪنهن کي ڀلي ته نه وڻي پر سڄڻ کي سچ ٻڌائبو، هروڀرو غلط بياني ڪري ۽ خوشامدي بڻجي پاڻ وڻائڻ وارو گُڻ ان شخص ۾ نه هوندو. الله پاڪ، مٿين وصف سان سائين ديدارحسين شاه کي اصل اَڏي ڇڏيو آهي. جڏهن جڏهن به کيس موقعو مليو ۽ کانئس مشورو ورتو ويو ته، هن ڪنهن به مصلحت کي آڏو نه رکيو ۽ پنهنجي ذهن ۽ تجربي مطابق پنهنجي راءِ پڇڻ واري جي آڏو رکي پوءِ چاهي اُهو ممتاز ڀٽو هجي يا بينظيرڀٽو. پڙهڻ وارا جڏهن ڪتاب پڙهندا ته هو منهنجي ان ڳالهه سان ضرور متفق ٿيندا ته سائين ديدار حسين شاه ۾ خانداني نجابت ۽ گهر جي تربيت جي سبب جيڪا اخلاقي قوت ۽ همت هئي، ان جي ڪري ئي هو تمام جرئت سان پنهنجي نقطه نظر کي محترمه بينظيرڀٽو صاحبه جي آڏو بيان ڪندا هئا، اهڙي قسم جاگهڻا ئي واقعا ڪتاب ۾ موجود آهن.
هن آتم ڪهاڻيءَ جو محور ۽ مرڪز، لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جي سياست جو به محور ۽ مرڪز رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست جو نقطه آغاز، لاڙڪاڻي جا سياسي خاندان ۽ ڦرڻا گهرڻا وڏيرا به هن ڪتاب ۾ موجود آهن ته سياست ۾ رواداري ۽ فضيلت جا واقعا به بيان ڪيل آهن، جن ۾ قاضي فضل الله ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اليڪشن جو واقعو اهم آهي.
ذوالفقارعلي ڀٽي جي ان عوامي سياست جا احوال به آهن جنهن سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوامي ميدان ۾ آندو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙي جي سياست جو انت آندو.
سيد ديدار حسين شاهه صاحب، هن ڪتاب ۾ نهايت کلي دل سان انهن مهربانن جو ذڪرڪيوآهي، جن جو ڪنهن نموني سان سنڌ جي سياست ياسماجي حيثيت ۾ ڪو به مثبت قدم کنيل آهي. شاه صاحب پنهنجي قلم کي اهڙي ڪا سُتي پياري آهي جو ان مان ڪنهن لاءِ گلا جو ڪو اکر ته نڪري ئي ڪو نه ٿو. اِها به پڪ اٿم ته شاه صاحب ”پنهنجن“ جو ڏنگيل به گهڻو هوندو، پر مجال جو ڪنهن کي ڪو ڏوراپو ڏئي. رب پاڪ جي ذات تي ڀروسو ايڏو جو جيڪو سامهون آيس ۽ مليس اُهو شُڪر جو ڪلمو پڙهي جهوليءَ ۾ جهليائين.
جتي دوستن جي دوستيءَ جا ڍُڪ ڀريا اٿس، اُتي سياسي مخالفن جي ڳُڻن جو به معترف آهي. لاڙڪاڻي جي سرڪرده شخصيتن جو، جن سان سندس سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو رهيو، ان جو ذڪر خيرايمانداريءَ سان ڪيو اٿائين. انهن ۾ قاضي فضل الله، اخترعلي جي قاضي، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو ۽ ممتاز علي جعفري جهڙا ڪجهه نالا آهن.
شاهه صاحب، جتي کوڙ واقعا ۽ سياسي قصا بيان ڪيا آهن اُتي ڪن شخصيتن ۽ واقعن تي سندس تبصرو، پڙهندڙ کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو ۽ جڏهن، شاه صاحب جي راءِ کي آڏو رکي، انهن کي پرکجي ٿو ته ذهن شاه صاحب جي راءِ سان متفق ٿيڻ تي مائل ٿو ٿئي. مثلاً، ممتازعلي خان ڀٽي صاحب لاءِ سندس راءِ آهي ته:
”ممتاز علي خان ڀٽو اعليٰ تعليم يافته، سٺي شخصيت ثابت ٿيو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪابه صحيح سياسي راءِ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.“
پيپلزپارٽيءَ لاءِ شاه صاحب جو تبصرو آهي ته:
”پيپلزپارٽيءَ ۾ جزا ۽ سزا جو عمل ڪونه آهي جنهن کي گهرن ته مدد ڪن ۽ جي نه وڻين ته مدد نه ڪن، هرڪو پنهنجي خانيءَ خان آهي.“
”سومرا صاحب، پيپلزپارٽي جي 2008 جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جا، خاص طرح سان، اياز سومرو، ڊاڪٽرشفقت حسين سومرو ۽ بابو نصرت حسين ولد مرحوم عبدالواحد سومرو سياه ۽ سفيد جا مالڪ ۽ ڪرتا ڌرتا رهياآهن ۽ هر ڪم انهن جي اشاري تي يا انهن جي حڪم تي پيو ٿئي.“
سنڌ جي حالتن تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”هونئن به صحيح چوڻي آهي ته سنڌ ”ڄمڻ“ وارن جي لاءِ نه آهي، پر ”لڏي“ آيلن جي لاءِ خلقي ويئي آهي. جيڪڏهن اسان جي صوبي ۾ سجاڳي ۽ ٻڌي نه ايندي ته اسان جو حشربه قريب قريب ريڊ انڊينئز جهڙو ٿي ويندو.“
ڄام صادق علي جي سلسلي ۾ شاه صاحب جي راءِ آهي ته:
”سياسي اختلافن کان سواءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته ڄام صادق علي پنهنجي وقت جو سخي چيف منسٽر هيو ۽ ان جو واقف ماڻهو جڏهن به ان وٽ ويو ته اُهو اُن وٽان خالي هٿين ڪونه موٽيو. جيڪڏهن پيپلزپارٽي سياسي طرح ڄام صادق عليءَ کي نظرانداز نه ڪري ها ته شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ان حڪومت جي ختم ڪرائڻ ۾ ڄام صادق عليءَ جو وڏو ڪردار رهيو.“
سيد ديدار حسين شاه صاحب جن جي ڪريڊٽ تي، جتي پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيهي سنڌ جي ”ڏهيسر“ ممتاز علي ڀٽي کي هارائڻ اچي ٿو، اُتي سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي پرائيويٽ ميمبر جي حيثيت سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٿان ضياءُالحق طرفان مڙهيل پابندي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ به آهي، جنهن کان پوءِ ڇهن حُرن جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا آيل اُن وقت جي ڊي سي، امداد انڙ جي نوڪريءَ کي بحال ڪرائڻ کان علاوه به ڪيترائي اهڙا ڪم، بحيثيت، ايم پي اي ۽ جج جي حيثيت سان سندس ڪيل فيصلا، سندس انصاف پسند ۽ فرض شناس شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪافي آهن. پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ جرئت آميز اُهو موقعو به آهي، جنهن ۾ بينظيرڀٽو صاحبه، شاه صاحب کي ٻيهر اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ٽڪيٽ آڇي، جنهن جي جواب ۾ ”دلبرداشته“ ديدار حسين شاه جو اهو چوڻ ته،

”بیس مہینوں کے اقتدار میں نہ آپ نے ذاتی ملاقات کا شرف بخشا، نہ یہ پوچھا کہ کسی مشکل میں تو نہیں ہو۔ نہ خیروعافیت پوچھی کہ شاہ صاحب زندہ بھی ہیں یا انتقال کر گئے۔ محترمہ! مجھے الیکشن لڑنے کا شوق نہیں۔ میں الیکشن نہیں لڑوں گا۔“

ان ڳالهه جي غمازي ڪري ٿو ته، پنهنجي عزت ۽ وقار کي انسان پاڻ ئي سنڀاليندو آهي ۽ اڳلا به توهان جي عزت تڏهين ڪندا آهن، جڏهين توهان پاڻ پنهنجي عزت ڪرائي ڄاڻندا هُجو.
هن وقت، جڏهين پيپلزپاٽي 2013 جي اليڪشن ۾ ٽن صوبن مان ٻُهارجي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي آهي تڏهن سيد ديدار حسين شاه صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا، وقتائتي ۽ حالتن مطابق هڪ ٺهڪندڙ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي، جيڪا ماضيءَ سان گڏوگڏ حال ۽ مستقبل جي اصلاح احوال لاءِ ضروري آهي. هونئن به زباني ڪلامي ته ماڻهو گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو ۽ ٻڌندو ٿو رهي، ڳالهايل لفظ هوا۾ تحليل ٿي وڃن ٿا پر تحرير باقي رهي ٿي. سو هي ڪتاب به هڪ دستاويز جي حيثيت ماڻيندو. شاه صاحب جي نيڪ نيتي ۽ لاغرضيءَ سان خدمت خلق جي ڪاوشن جي شايد هي شعر بهتر غمازي ڪري سگهي ٿو.

مانا کہ اِس جہاں کو نہ گلزار کرسکے،
کچھ خار کم تو کرگئے گذرے جدھر سے ہم!
(ساحر)


مهتاب اڪبر راشدي
18 نومبر 2013
ڪراچي