آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

سچ ته بيٺو نچ

سيد ديدار حسين شاهه جي هن ڪتاب کي آتم ڪهاڻي يا autobiography چئي سگهجي ٿو پر هي ڪتاب شاهه صاحب جي زندگيءَ جي تمام ٿوري حصي جي يادگيرين بابت لکيل آهي. يادگيريون ڪنهن به آتم ڪهاڻيءَ جي وسيع ڪئنواس جو خام مال ٿي سگهن ٿيون پر آتم ڪهاڻي، انساني شعور ۽ رُشدَ جي عمر کان وٺي جيستائين هوش ۽ سمجهه آهي، انهيءَ سموري فاصلي کي پنهنجين يادگيرين جي ڄار ۾ پيل ماضيءَ کي، ذهن جي گهرائين مان ڪڍي حقيقت جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻي، مڪمل ڪري ٿي. تاريخ ۽ آتم ڪهاڻي (autobiography) ذري گهٽ هڪ ئي ڳالهه آهي ۽ انهن ٻنهي صنفن ۾ هڪ جهڙائي آهي. انهيءَ حقيقت جا قديم مثال، يوناني تاريخ نويس هيروڊوٽس جي ڪتاب ”تواريخون“، زينو فونسس جي تاريخ ”انابيسس“ ۽ جوليس سيزر جي يادگيرين جي ڪتاب ”Commentaries“ آهن. انهن ڪتابن ۾ روز مرهه جا واقعا اهڙي انداز ۾ لکيل آهن، جو اُهي بنيادي طرح سندن يادگيريون آهن، جيڪي کانئن پوءِ ايندڙ نسلن لاءِ املهه تاريخ جي بنيادي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿيون.
711ع کان اڳ، سنڌ ۽ هند ۾ ڪا به لکيل تاريخ ناهي. انهيءَ معاملي ۾ سنڌ جا ڀاڳ هئا جو هڪ عرب سڳوري چچ نامو لکيو جيڪو هڪ وڏي عرصي کان پوءِ فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ صدين کان پوءِ سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيو. اُن کانپوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ ڪجهه تاريخون ٻُڌ سڌ ۽ ماضيءَ جي خط و ڪتابت تان ورتل معلومات تان لکيون ويون آهن جيڪي وقت جي سرڪار جي نقطه نظر جي آڌار تي تحرير ڪيون ويون آهن.
سنڌ صدين کان سُورن ۾ مبتلا رهي آهي، انهيءَ ڪري نڪي سرڪاري بنياد تي ڪا تاريخ لکي ويئي، نڪي ڪنهن پنهنجي عالم سڳوري يا دانشور پنهنجي سرزمين جي تاريخ لاءِ قلم کنيو. لڳي ايئن ٿو ته ذري گهٽ سڀ عالم سڳورا ۽ دانشور سنڌ ڌرتيءَ جا هُئا ئي ڪو نه. جي ڪجهه هئا به سي يا ته ڌارين جي سُورن کي سهي رهيا هئا يا سندن علم جي انهيءَ اهم حصي ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه هو.
اسان کي وري به جيڪو تاريخي مواد هٿ لڳو آهي سو ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ فارسيءَ جي عالمن جو لکيل آهي جنهن ۾ مظهر شاهجهاني، تحفة الڪرام، بيگلار نامه يا تاريخ طاهري وغيره آهي. انهن تاريخن ۾ گهڻو ڪجهه تاريخدانن ۽ عالمن پنهنجي حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪيو آهي. مظهر شاهجهانيءَ جي ليکڪ يوسف ميرڪ، اصل ۾ شهنشاهه هند کي دانهن ڏيڻ خاطر اها تاريخ لکي آهي ته سندن گورنر ۽ عملدار سنڌ ملڪ ۾ ڪهڙا غير انساني هاڃا ڪري رهيا آهن. اُن کانپوءِ جديد دؤر ۾ انگريز سفارتڪارن، فوجي اهلڪارن، سياحن ۽ سرڪاري عملدارن جون لکيل رپورٽون ۽ گورنرن سان ڪيل خط و ڪتابت ۾ اسان کي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ۾ ارڙهين، اوڻويهه ۽ ويهه صديءَ بابت گهڻو ڪجهه تاريخي، جاگرافيائي، سماجي ۽ اقتصادي مواد ملي ٿو. اسان جي بدنصيبي آهي ته اسان سمن ۽ سومرن جون صحيح تاريخون نه لکي سگهيا آهيون. سائين ايم ايڇ پنهور سومرا ڪنگڊم لکي ته گهڻن همراهن، سومرن سميت اعتراض واريا. اعتراض وارڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان سان گڏ تحقيق ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
اهو بحث ڊگهو ٿي سگهي ٿو، پر هتي سيد ديدار حسين شاهه پنهنجين يادگيرين منجهان جيڪا آتم ڪهاڻي اُڻي آهي، سا توجهه جي قابل آهي. هڪ عام مڊل ڪلاس جي اشراف سيد گهر جو فرد، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر کان وٺي تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا!، اها ڳالهه به عجب جهڙي آهي ته ٻئي دفعا سيد سڳوري، هڪ عام وڪيل جي حيثيت ۾، بنا ملڪيت جي، عتاب هيٺ آيل سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتي ديري تعلقي جي فيوڊل ڀوتار ۽ هر طرح تي مضبوط مخالف، اڳوڻي گورنر سنڌ، چيف منسٽر سنڌ ۽ فيڊرل منسٽر ممتاز علي ڀُٽي صاحب کي شڪست ڏني. سيد ديدار حسين شاهه کي پنهنجو ڪردار، عام ۽ خاص ماڻهن سان تعلقات ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ جا ڪرشما ڪم آيا ۽ شاهه صاحب سنڌ ليول تي عوامي نمائندو ٿي اسيمبليءَ ۾ پهتو. اهڙا مثال تمام گهٽ ملندا ۽ تاريخ اهڙن ماڻهن کي نمايان اکرن ۾ محفوظ ڪندي آهي. سيد ديدار حسين شاهه جي جي زندگيءَ ۾ ٻيو موڙ تڏهن آيو جڏهن پارٽيءَ جي وفادار ڪارڪن ۽ بااصول انسان ۽ ڄاڻو وڪيل جي حيثيت ۾ کين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. اتي ئي چيف جج پڻ ٿيو ۽ نيٺ شاهه صاحب پنهنجي ڪيريئر جي مٿانهين پوزيشن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج مقرر ٿيو جتان هڪ صاف سٿري خدمت ڪرڻ کانپوءِ ريٽائر ٿيو.
وڏا ۽ اعليٰ درجي جا ماڻهو پنهنجيون يادگيريون لکندا آهن جن کي عام طور تي ادب ۾ آتم ڪهاڻي يا autobiography چئبو آهي. جيترو وڏو ماڻهو هوندو آهي اوترو منجهس ڏاهپ هوندي، پوءِ ڀلي اهو اديب يا شاعر يا دانشور هجي يا نه. سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ هر انهيءَ فرد جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ يا فرض ادائيگيءَ ۾ ڪي ڪارناما سرانجام ڏنا هوندا سي پنهنجي زندگيءَ بابت لکندا آهن. خاص ڪري سياستدان، ڏاها يا دانشور ۽ اعليٰ نوڪرين تي مقرر فرد. سنڌ جي وڏي ماڊرن شاعر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي. سنڌ جي ٻئي وڏي ماڊرن ڪهاڻيڪار جمال ابڙي به پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي پر جيڪا آتم ڪهاڻي، ماتليءَ جي هڪ وچئين ڪلاس جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ”ڪيئي ڪتاب“ جي نالي سان لکي، سا گذريل صديءَ جي بهترين آتم ڪهاڻي آهي جنهن کي شيخ اياز ۽ جمال ابڙي جهڙا اعليٰ ذهين ليکڪ ۽ شاعر به نه پڄي سگهيا. جيتوڻيڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي نڪو اديب هو ۽ نڪي شاعر هو. اباڻي ملڪيت بمبئي کڻي ويو ته فلم ٺاهي هيرو ٿيان. سڀ ڪجهه ٿيو پر پاڻ هٿين خالي حيدرآباد موٽي آيو. موسيقي، راڳ، ناچ ۽ مهمانوازيءَ ۾ باقي ملڪيت کپائي، سڀني جي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو. پر آتم ڪهاڻي، سادي ۽ سڌي انداز ۾ واهه جي لکي ويو ۽ جيڪو لکيائين سچ لکيائين.
سيد ديدار حسين شاهه جي هن آتم ڪهاڻيءَ کان اڳ ادب جي انهيءَ صنف جي بابت ڪجهه تفصيل ڏيڻ کپن. Autobiography اکر سڀ کان پهرين 1809ع ۾ انگريزي شاعر رابرٽ سائودي استعمال ڪيو. مغرب جي ٻئي ڏاهي ڊاڪٽر جانسن پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ڪو به ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي متعلق بهتر لکي سگهي ٿو. انهيءَ جملي تي ادبي اعتراض ٿيا ته يادگيريون ڪڏهن ڪڏهن وفا نه ڪري سگهنديون آهن ۽ سچ کي لکندڙ پنهنجي خواهشن مطابق لکي ويندو آهي. اها ڳالهه خاص ڪري زان جيڪس روسو جي آتم ڪهاڻي Confessions بابت چئي ويندي آهي. روسو فرينچ شاعر ۽ فرينچ انقلابي جو اهم ڪردار هو پر سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيل بيان ڪٿي ڪٿي سچ جي حدن کان مٿي نظر ايندا آهن جنهن ڪري سندس آتم ڪهاڻيءَ کي فرينچ ادب ۾ Fictional يا افسانوي به چوندا آهن. روسو 18 صديءَ جو فرينچ شاعر هو.
سورهين عيسوي صديءَ کان آٽوبايوگرافي جو رواج وڌندو ويو ۽ ڪجهه بهترين لکيل آتم ڪهاڻين جو تفصيل هن ريت آهي: بنجامن فرينڪلن جي ” Autobiography“، روسو جي ” Confessions“، 18 هين صديءَ ۾ ناول جي صورت ۾ آتم ڪهاڻي لکي ويئي. Defoe جي ”Robinson Crusoe“ (1719). نظم جي صورت ۾ آتم ڪهاڻي تمام ٿوري انداز ۾ لکي ويئي آهي. انهيءَ جو ڪلاسيڪل مثال مشهور انگريز شاعر ورڊس ورٿ جي منظوم آتم ڪهاڻي ”The Prelude“ 1805ع ۾ مڪمل ٿي ۽ شاعر جي وفات کان پوءِ 1850ع ۾ ڇپجي منظرعام تي آئي. فرينچ شاعر گوئٽي جي آتم ڪهاڻي 1809ع ۾ شايع ٿي. انگلش فلاسفر ۽ اقتصادي ماهر جان اسٽؤرٽ مل جي آتم ڪهاڻي 1873ع ۾ ڇپي. مشهور مضمون نگار ۽ فلسفي ٿامس ڪارلائل جي ”Spiritual Autobiography “ 1881ع ۾ منظرعام تي آئي. آمريڪن فڪشن لکندڙ مارڪ ٽوئن جي آتم ڪهاڻي ”Life on the Mississippi“ 1883ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. مشهور دانشور چارلس ڊارون جي آتم ڪهاڻي “ Life & Letters of Charles Darwin” 1888ع ۾ آئي. آسڪر وائلڊ جي آتم ڪهاڻي ”Deprofundis“ ۽ مئڪسم گورڪيءَ جون آتم ڪهاڻيون ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڇپجي آيون. پهرين ورلڊ وار کان پوءِ تمام سٺيون آتم ڪهاڻيون پڙهندڙن کي مليون. ايڇ جي ويلس جي (1934) Experiment in Autobiography ۽ هيولاڪ ايلس جي (1940) My Life انهن جا بهترين مثال آهن. جارج برنارڊ شا جي آتم ڪهاڻي 1984ع ۾ Finding the Centre جي نالي سان ظاهر ٿي.
دنيا جي مشهور آتم ڪهاڻين جا تفصيل ڏبا ته گهڻو وقت لڳي ويندو. بهتر آهي ته شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻي تي اچون. سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان جي اعليٰ عهدن تي پهتل باشعور شخص، صحافي، اديب ۽ شاعر، جج ۽ آفيسر پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نڪي منجهن اهڙي ساڃاهه محسوس ٿئي ٿي. ويجهڙائي ۾ هڪ ڪاموري فضل الله قريشي پنهنجي حياتيءَ جا احوال قلمبند ڪيا آهن ۽ اهو هڪ بهتر آغاز محسوس ٿئي ٿو. اهڙا ٻيا ڪيترا ئي اهم ماڻهو ۽ اعليٰ عهدن تي مقرر ٿيل شخصيتون آهن جن جي حياتيءَ ۾ سنڌ ۽ ملڪ جا ڪي اهم واقعا، سياسي ۽ سماجي معاملا ٿيا سي چپ ڪريو ويٺا آهن، پر سيد ديدار حسين ساهه جي همت ۽ شعور کي داد ڏجي ٿو جو هن قلم کنيو ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جي عام ڪارڪن کان وٺي سپريم ڪورٽ جي جسٽس جي منصب تي پهچڻ تائين جيڪي واقعا مناسب سمجهيائين سي اسان کي لکي ڏنائين. سيد ديدار حسين شاهه بنيادي طور تي ڪو اديب، شاعر يا دانشور نه آهي پر زندگيءَ جي مختلف لاهين چاڙهين تي هلندي هلندي سندس شعوري پهلو جي واڌ ٿي ۽ عام زندگيءَ جو wisdom به حاصل ڪندو ويو. لکڻ ڏکيو به آهي ۽ سولو به آهي. جي اوهان جو طبعي لاڙو عام توڙي خاص ڪتاب پڙهڻ ڏانهن هجي. شاهه صاحب منهنجي سمجهه ۾ مختلف علمن جا گهڻائي ڪتاب پڙهيا آهن. زندگيءَ جون لاهيون چاڙهيون ۽ مختلف علمن جي عام طور تي ڄاڻ ماڻهوءَ کي گهربل ماڻهپي ۽ ڏاهپ جي عروج ڏانهن وٺي وڃي ٿي. شاهه صاحب جو اهو ماڻهپو ۽ ڏاهپ ئي آهي جنهن جي ڪري اهڙي آتم ڪهاڻي، بي ريائي ۽سچ سان لکي اٿن.
شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻي، عام طور تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتي ديري جي سماجي ۽ سياسي ماڻهن جي ڪهاڻي آهي. شاهه صاحب رتي ديري شهر جي مڊل ڪلاس منجهان سرنديءَ واري خاندان جو فرد آهي. شاهه صاحب شروعاتي تعليم رتي ديري ۽ لاڙڪاڻي منجهان حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد اچي سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج منجهان قانون جو امتحان پاس ڪري واپس لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين. پيپلز پارٽيءَ سان وابستگيءَ جي ڪري ضياءُالحق جي مارشل لا جي ڏينهن ۾ سختيون ۽ جيل به برداشت ڪيائين. وڪالت جي شروعات کان وٺي ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ تائين، شاهه صاحب گهڻائي واقعا ٻڌايا آهن، پر هُن ڪيترائي اهم واقعا ڄاڻي واڻي يا مصلحتن سبب ريڪارڊ ڪو نه ڪيا آهن. مثال طور ڪنهن به سنڌي ليکڪ يا سمجهدار ماڻهوءَ ڀٽي صاحب جي دؤر کي صحيح طرح ڪو نه لکيو آهي. ڀٽي صاحب جي شهادت ۽ سندن جسد خاڪيءَ جو لاڙڪاڻي، نئين ديري ۽ ڳڙهي خدا بخش اچڻ، ماڻهن، پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا تاثرات ۽ ضلعي سڄي جو پنڊپهڻ ٿيڻ، ڪو به احتجاج نه ٿيڻ، اهي ۽ ٻيا لاڳاپيل واقعا، پارٽيءَ جي ڪنهن به ڪارڪن نه لکيا ۽ نڪي اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر شاهد صديقيءَ ۽ ٻين لاڳاپيل ڪامورن کان ڪنهن تفصيل ورتا. ايئن پئي لڳو ڄڻ خاڪين کي چونڊيل وزيراعظم کي مارڻ جو پروانو مليل هو ۽ هزار ميل پري ماري، اتان وري هزار ميلن جي مفاصلي تي، بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي دفن ڪري ويا هليا. اهي واقعا شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ تفصيل سان اچڻ کپن ها نه ته اهي ساعتون تاريخ جي دز ۾ ڍڪجي وينديون.
شاهه صاحب جتي محترمه بينظير سان هڪ پارٽي ڪارڪن ۽ تعلقي/ضلعي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ملڻ جي واقعن جو ذڪر ڪيو آهي. اُتي کين محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير صاحبه جيڪي آرميءَ وٽ سختيون سٺيون انهن جي تفصيلن جي ڄاڻ به هوندي.
شاهه صاحب جي ذهن ۽ دل۾ اهي سڀ واقعا ۽ احوال سربستا سانڍيل هوندا جيڪي ڀٽي صاحب جي شخصيت، حڪومت ڪرڻ وزارت اعظميٰ جي ورڪنگ ۽ مارشل لا لڳڻ ۽ اُن غير جمهوري ۽ آمريت خلاف خاص ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڇا وهيو واپريو، انهن حالتن تي شاهه صاحب ڪجهه به نه لکيو آهي يا بلڪل نرم رويو اختيار ڪيو اٿن. جڏهن ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو اُلٽيو هو ان وقت منهنجي پوسٽنگ به لاڙڪاڻي ۾ هئي. مونکي ئي الائي ڪيترا واقعا ياد آهن، شاهه صاحب جن جي سيني ۾ سوين واقعا هوندا. سچ کي هميشه ظاهر ڪجي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي حياتيءَ بابت آهي. پاڻ لاڙڪاڻي جي سياست ۽ سماج ۾ تمام اهم ڪردار هئا. اهي ڳالهيون شاهه صاحب کان الائي ڇو رهجي ويون آهن. سياست کان علاوه سندن سماجي ڪردار به تمام اهم هو. سواءِ قاضي فضل الله جي ٻين سياستدانن ۽ وڪيلن، سياسي توڙي سوشل تعلقات وارن جو سرسري ذڪر ٿيل آهي. اهي سڀ سندن سياسي پارٽيءَ جا اهم رڪن هئا. قاضي فضل الله وانگر محمد ايوب کهڙي جو به تفصيلي ذڪر هجي ها ته بهتر ۽ آتم ڪهاڻي ۾ ڀرپور مواد محسوس ٿئي ها. شاهه صاحب هڪ هنڌ ڄام صادق لاءِ لکيو آهي ته ڏاڍو سخي مُڙس هو. اهو اعتراض جوڳو جملو به ٿي سگهي ٿو. ڄام صاحب ڏاڍو سخي مُڙس هو پر سرڪار جي خزاني تي هو. پنهنجي اباڻي مليڪت ايئن لٽائي ها ته ڳالهه مڃڻ جهڙي هئي. ڄام صاحب جي شخصيت اوڻويهين صديءَ جي سيٺ نائو مل کان وٺي ايڪيهين صديءَ جي انهن ماڻهن تائين ريڪارڊ ڪري سگهجي ٿي جن پنهنجي خسيس ذاتي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن کي سور ۽ عذاب ڏنا. ڄام صاحب کان پهرين سنڌ، اربن رورل ڪوٽا فقط ويهن سالن تائين ڪاليجن، يونيورسٽين جي داخلائن ۽ ڪميشن جي امتحانن تائين هئي. پر ڄام صاحب پنهنجي اقتدار لاءِ اربن رورل سنڌ کي سياسي طور تي وجود ۾ آندو، جنهن جو نتيجو اسان سنڌي اڃا تائين ڀوڳيون پيا ۽ مستقبل ۾ الائي ڇا ٿي سگهي ٿو. پاڻ ڄام صاحب سخا جو ڌڻي ٿي وڃي دنيا ۽ ڪائنات جي ڌڻيءَ وٽ حاضر ٿيو ۽ سنڌ کي سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته ورهاست جي واٽ تي ڇڏي ويو آهي. شاهه صاحب هڪ هوشمند ۽ ڏاهپ رکندڙ سنڌي وانگر سوچي ها. شاهه صاحب کي الله تعاليٰ اهڙو شعور ڏنو آهي. ڄام صاحب ڇهه انسان مارائڻ ۾ ساٿ ڏنو ۽ اسان جي ٻن بهترين ڪامورن کي به ڏهن سالن لاءِ رلايو. سائين آتم ڪهاڻي، تاريخ جي محتاج به هوندي آهي ۽ تاريخ سان هٿ چراند نه ڪبي آهي. تاريخ بابت اوهان کي پنهنجي پارٽيءَ جي ليڊر جي ڦاسي گهاٽ ڏانهن وڃڻ جي وقت وارو سبق ذهن ۾ رکڻ کپي ها. سچ حقيقتن کان وڌيڪ طاقتور آهي.
شاهه صاحب کي پنهنجي خاندان جو به ڪجهه تفصيلي ذڪر ڪرڻ کپي ها. سيد سڳورا، عراق ۽ ايران جي حالتن ڪري سنڌ جهڙي امن واري ۽ ساداتن لاءِ عزت احترام ڪرڻ وارن ماڻهن جي ديس ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن آيا. سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ سان سيد آباد ٿيا ۽ ديسي لهجي ۾ لڪياري سيد سڏيا ويا. ٻيا سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تي ڪنڊياري ۽ ڪوٽڙي ڪبير کان مٽياري (متعلوي) تائين آباد ٿيا. اورنگزيب جڏهن ملتان جو گورنر هو ته معصوم شاهه سان گڏ فوج ۾ شامل سيد، روهڙيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ ڪوٽائي سيد سڏجن ٿا. ڪجهه سيد ٺٽي ۾ ارغونن ترخانن سان گڏ آيا اُتي ئي آباد ٿي ويا. ٽالپرن جي دؤر ۾ اُچ شريف جي جهانيان سيدن منجهان جيڪي آيا تن کي حيدرآباد ۾ ٽنڊي جهانيان ۾ آباد ڪيو ويو. ٻيا اهم سيد، ٽالپرن جي وزيراعظم آغا اسماعيل شاهه وارا هئا، جن کي ڦليليءَ پاسي ٽنڊي آغا ۾ مستقل رهايو ويو. انهيءَ کان علاوه ٻيا سيد سنڌ سڄيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. سنڌ ۾ اهل بيت لاءِ محبت ۽ احترام هو ۽ آهي. ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ الاهي سيد سڳورا خيرپور ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا. ورهاڱي کان پوءِ ته سنڌ سادات سڳورن ۾ خودڪفيل ٿي وئي آهي.
آخر ۾ آءٌ ايترو چوندس ته اڄڪلهه جي افراتفري واري دؤر ۾ سيد ديدار حسين شاهه همت سان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي ۽ جيڪو به لکيو آهي سچ لکيو آهي ۽ آتم ڪهاڻيءَ جي سِٽ سِٽ منجهان سيد ديدار حسين شاهه صاحب جي شخصيت صاف نظر اچي ٿي. مونکي خوشي ٿي ته هُن ممتاز علي ڀٽي جي سامهون اليڪشن وڙهڻ مهل هميشه پاڻ کي هڪ ڪارڪن ۽ ممتاز صاحب کي وڏي حيثيت جو مالڪ ڄاڻايو آهي، نه ته اڄڪلهه سڀڪو پاڻ کي خان کان گهٽ سمجهي ئي نٿو. شاهه صاحب جي لکڻي به تمام سليس ۽ عام ادبي زبان ۾ آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته شاهه صاحب ادب جو سٺو مطالعو ڪيو آهي. اسان جا ڪامورا عام طور ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ڪجهه به مطالعو نه ڪندا آهن ۽ وزيرن جي اڳيان پويان هلي پنهنجي پوسٽنگ پڪي ڪندا آهن پر ڪي ڪامورا پڙهيل لکيل آهن. آتم ڪهاڻيءَ جي ٻي خوبي اها آهي ته شاهه صاحب جتي به محترمه بينظير، نصرت ڀٽو يا ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ذڪر ڪيو آهي نهايت احترام سان ڪيو آهي پر سياسي طور تي ٻرندڙ لاڙڪاڻي بابت تمام ٿورو ذڪر ڪيو آهي، جتي ذوالفقار علي ڀٽي جو ڦاهي ڏنل لاش آيو، جتي مرتضيٰ ڀٽو جو گولين سان ڀريل لاش آيو، جتي شاهنواز ۽ نصرت ڀٽو جا ويچارڳي واري حالت ۾ لاش آيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو لاش آيو. انهيءَ باهه لڳل اُداس ماڻهن واري ۽ ويچارڳي جي لُڙڪن سان ڀريل شهر ۽ ضلعي بابت شاهه صاحب ڪجهه به نه لکيو آهي. شايد شاهه صاحب کي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو حصو لکڻو پوي. منهنجي خيال ۾ ضرور لکڻ کپي نه ته تاريخ شاهه صاحب کي معاف نه ڪندي.
آخر ۾ اهوئي چوندس ته هي آتم ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي، انهيءَ ۾ گهڻو سياسي، سماجي احوال موجود آهي جيڪو اسان جي مستقبل جي تاريخ جو ضرور حصو ٿيندو. شاهه صاحب کي اهو شرف به حاصل آهي جنهن چؤطرف جيڪا خاموشي ڇانيل هئي، تنهن کي ڏار وجهي اهڙن سوشيو پوليٽيڪل معاملن کي لکيو آهي ۽ انهن حالتن ۾ هو پاڻ به هڪ فعال ڪردار جي حيثيت ۾ رهيو آهي.

غلام نبي مغل
حيدرآباد
2013-8-15