آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

قصو امداد الله انڙ کي بحال ڪرائڻ جو

مارشل لاء اختيارين محترم ذولفقار علي ڀٽي تي نه صرف نواب محمد احمد جو قتل ڪيس شروع ڪرائي ان کي جيل ۾ وڌو پر سلطاني گواهه مسعود محمود جي ڪمزور شاهدي تي کيس ڦاسيءَ جي سزا به ڏني وئي، جيڪو دنيا جي فوجداري ڪيسن ۾ هڪ بنيادي نظير (مثال) آهي ته ڪيئن عظيم ليڊر کي فوجي جنتا جي چوڻ تي ججن ڦاسيءَ چاڙهيو. اهڙي نموني ۾ ڇهن حرن جي خون جي ڪيس ۾ ضياءُالحق حڪومت ڀٽي صاحب کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙيون شاهديون ڪٺيون ڪيون ۽ مرحوم امداد الله انڙ لاڙڪاڻي جي PCS پاس بهادر ۽ ايماندار آفيسر کي گرفتار ڪري، ان کي مجبور ڪيو ويو ۽ پڻ لالچائيو ويو ته مسعود محمود وانگر سلطاني گواهه ٿئي ۽ ڪوڙي شاهدي ڏئي ته اهي ڇهه حر ڀٽي صاحب جي حڪم تي مارايا ويا هئا. امداد الله انڙ انهن حرن جي مرڻ وقت سانگھڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ اتفاق سان مرحوم ذولفقار علي ڀٽو ڪنهن سرڪاري دوري تي حيدرآباد ۾ آيل هيو.
وزيراعظم جي مومينٽ جو تفصيل FIA هٿ ڪيو ۽ امداد الله کي چيائون ته تون صرف هڪ صفحي جو بيان ڏي ته وزيراعظم ڀٽي صاحب، حيدرآباد جي دوري دوران مونکي گھرائي حڪم ڏنو هو ته انهن کي ماريو ۽ سانگھڙ ۽ حيدرآباد جي روڊ جو مفاصلو ٻه اڍائي ڪلاڪ آهي. شاهديءَ جي ڪڙي FIA وارن چيو ته اسان ملائينداسين، تون صرف هڪ صفحي جو بيان ڏي ته تو کي سلطاني گواهه ٺاهي ڪيس هڻي ڇڏيونس، توکي ترقي ڏياري ڪمشنر به ڪرايون. امداد الله انڙ بهادري ڏيکاريندي تاريخ ۾ پاڻ کي زنده رکي FIA وارن کي جواب ڏنو ته انهن خونن بابت ڀٽي صاحب کي ته خبر به ڪو نه هئي ۽ مان BA LLB ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪوڙو حلف کڻي سلطاني گواهه ٿي ڪوڙي شاهدي نه ڏيندس، ڀلي توهان مونکي سزا ڏياريو ۽ پوءِ امدادالله انڙ واقعي ٽي سال خون جي ڪيس ۾ زير سماعت هلندڙ ڪيسن ۾ قيدي ٿي رهيو. ان وقت جي سيشن جج، امداد الله انڙ ۽ غلام شبير ڪليار کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ۽ ٻين جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ڏني. سرڪار جي پاران سرڪاري وڪيل مسٽر عزيز الله شيخ بئريسٽر پراسيڪيوٽر رهيو ۽ امداد الله انڙ جو عبدالستار شيخ مرحوم وڪيل هيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ختم ڪئي PPC-201 ۾ شاهديءَ کي گھٽ وڌ ۽ ختم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻه يا ٽي سال سزا ڏني، جنهن جي خلاف امدادالله انڙ پنهنجي خرچ سان مسٽر يحيٰ بختيار کي وڪيل ڪيو، جيڪو سپريم ڪورٽ جو وڪيل هو ۽ جيڪو ڳري في وٺڻ کان علاوه هر حاضريءَ تي هلڻ لاءِ پنج هزار وٺندو هو. سپريم ڪورٽ اپيل بحال ڪئي ۽ ٻه ٽي سال جيڪا سزا هاءِ ڪورٽ ڏني هئي اها به ختم ڪري، سڀني الزامن مان کيس باعزت بري ڪيو.
قانون آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سرڪاري ملازم کي ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي سڀ مراعتون ملنديون آهن ۽ ڊيوٽيءَ تي بحال ٿيندو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته امداد صاحب جي ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به حڪومت سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه هن جي نوڪري بحال ڪرڻ جو ڪو به حڪم نامو جاري نه ڪيو. آخر مجبور ٿي مونکي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي امداد الله انڙ جي باري ۾ عرض ڪرڻو پيو. هڪ درخواست قائم علي شاهه متعلق، پنهنجي ميٽنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مون ڪڍي محترمه کي ڏني، جنهن پڙهي ۽ پوءِ مون ان کي اها سڄي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي. محترمه جو پاس ڪيل آرڊر مون پاڻ وٽ رکيو ۽ بلاول هائوس کان نڪري ٻاهر آيس. سائين قائم علي شاهه مليو جنهن ڪافي ماڻهن جي روبرو بلاول هائوس ۾ اهو اعتراف ڪيو ته، مون توهان جو ڪڏهن به ڪم ڪو نه ڪيو آهي، تنهن هوندي به صرف توهان ئي منهنجي وزيراعلي طور حڪومت هلائڻ جي حمايت ڪئي. مون کيس جواب ڏنو ته هي ذاتي ڪم ڪار جو مسئلو نه آهي، مون پارٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ اها محترمه کي صلاح ڏني هئي. توهان تي ڪو به احسان ڪو نه آهي. وڌيڪ پڇيائين ته ٻيو ڪو ڪم ڪار؟ مون مرحوم امداد الله انڙ جي درخواست تي، محترمه جو حڪم لکيل کيس ڏيندي چيو ته هاڻي ٻڌايو ته توهان سان هن درخواست بنسبت ڪڏهن ملڻ اچان، توهان کي وزيراعليٰ جي عهدي تان لهڻ ۾ پندرنهن ويهه ڏينهن آهن؟ چيائين ته ٻن ڏينهن کانپوءِ CM هائوس اچجو. مسٽر امدادالله انڙ مرحوم ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم، ميونسپال هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسٽنٽ ماستر ٿي رهيا هيا، مونکي ذاتي طرح انهن سڀني ڳالهين جي خبر هئي. ٻن ڏينهن کانپوءِ مقرر وقت تي مان سائين قائم علي شاهه ڏانهن ويس، ان وقت سندس (چيف منسٽر) جو سيڪريٽري مسٽر علي محمد شيخ CSP آفيسر هيو، جيڪو هن وقت رٽائرڊ ٿيل آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ عزت جي زندگي گذاري رهيو آهي. مون کي شيخ صاحب چيو ته منهنجي تجربي ۾ توهان واحد MPA آهيو، جو هن مهل تائين ڪنهن به ذاتي ڪم لاءِ CM هائوس نه آيا آهيو، نه ئي ڪا درخواست ڏني اٿو ۽ هاڻي به مسٽر امداد الله انڙ جي ڪم سان آيا آهيو. شاهه صاحب آفيس ۾ ويٺو آهي، مان انٽر ڪام تي کيس ٻڌايان ٿو، حوالدار توهانکي وٺي هلي ٿو. مان شاهه صاحب جي آفيس ۾ اندر ويس، مرحوم ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو بدين وارو پيپلزپارٽيءَ جو جيالو ڪارڪن ان وقت وزير خزانا هيو. شاهه صاحب مونکي چيو ته اسين امداد الله کي نوڪري تي بحال ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته چيف سيڪريٽري ان کي وڌيڪ مراعتون ۽ سينيارٽي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. مون چيومانس ته امداد الله انڙ جيڏي قرباني ڏني آهي، توهان وزيرن ۽ وڏن وزيرن به ڪو نه ڏني آهي. سخاوت ڏيکاريو، ماڻهوءَ جي ڪردار کي نظر ۾ رکي آرڊر ڪيو. ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن. مهرباني ڪري هن سمريءَ تي لکو ته هن کي سڀ مراعتون جهڙوڪ سينيارٽي، پگهار وغيره سڀ ڏنيون وڃن ۽ مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجي هيڏي تکي مٺي ڳالهائڻ کانپوءِ، شاهه صاحب امداد الله مرحوم کي چيف سيڪريٽري جي مخالفت هوندي به سڀ مراعتون ڏنيون، جن ۾ پگھار، سينيارٽي ۽ الائونس وغيره شامل هيا. صوبي جي چيف ايگزيڪيٽو سائين قائم علي شاهه جو آرڊر ڪيو آهي. مونکي سمري پڙهڻ لاءِ ڏنائين ته مون اها سمري پڙهي جنهن ۾ سروس ڊپارٽمنٽ اهو لکيو هو ته هن کي (امداد الله) کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڌار تي بحال ڪيو وڃي ۽ سڀ مراعتون، پگھار ۽ سينيارٽي وغيره ڏنيون وڃن. چيف سيڪريٽري مرحوم عبدالڪريم لوڌيءَ صرف اهو لکيو ته، هن کي صرف بحال ڪيو وڃي ۽ شاه صاحب به ان سان متفق ٿيو ته ان کي صرف بحال ڪيو وڃي. مون سائين قائم علي شاهه کي چيو ته سائين منهنجا! هيءَ ڪهڙي چريائپ پاڻ ۾ وڌي اٿو؟ چيائين ته ڇا آهي؟ مون چيومانس ته مرحوم ڀٽي صاحب تي ڪوڙي شاهدي نه ڏيڻ تي جنهن ماڻهوءَ ٽن سالن کان وڌيڪ جيل ڪاٽيو، سيشن ڪورٽ مان ڦاسيءَ جي سزا کانپوءِ ڪيس لڙندي لڙندي ان کي سپريم ڪورٽ ڇڏيو آهي ۽ آرڊر به اوهان کي ڪرڻو هيو، چيف سيڪريٽري کي صرف سمري موڪلڻي هئي. بهرحال، وڏي تڪرار کانپوءِ مرحوم امداد الله انڙ سڀني مراعتن سان بحال ٿيو.
1988ع واري حڪومت جي ڊهڻ کانپوءِ محترمه حسبِ دستور پنهنجي تڪ ۾ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو سلسلو شروع ڪيو. لاڙڪاڻي پهچڻ کانپوءِ مون کي ياد ڪيائين ته توهان المرتضيٰ هائوس اچو، ان کانپوءِ محبوب جو ڳوٺ تعلقو ميرو خان ۾ جيڪو سردار ظفر علي سانگيءَ جو ڳوٺ آهي، اتي هلي ان سان تعزيت ڪرڻي آهي. مان مقرر وقت تي لاڙڪاڻي پهتس، محترمه سان ملاقات ٿي، جنهن مون کي حڪم ڪيو ته منهنجي گاڏيءَ ۾ ويهو ته هلون. منهنجي گاڏي ۽ پنج ڇهه ٻيون گاڏيون اسان سان گڏ هليون. سردار ظفر سانگيءَ سان تعزيت ٿي، ان سان ڪچهري ڪئي سين. سياسي حال احوال ڪري جڏهن موڪلائي اٿياسين ته مون کي چيائين ته مسٽر عبدالواحد سومري وٽ اڳ ۾هلڻو آهي. سردار ظفر علي سانگي پنهنجي قوم جو سردار، اعليٰ تعليم يافته، بهادر ۽ سياسي طور مضبوط ماڻهو آهي جتي بيهندو هو ته ڄڻ پهاڙ بيهي ويو ۽ واعدو ڪندو هو ته پاڙيندو هو. سانگين جا تمام گهڻا ووٽ لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ ۾ آهن ۽ اُهي اڪثر ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ملندا آهن. چند سيڪڙو پير سائين پاڳاري جا مريد آهن، جيڪي پير صاحب جي چوڻ تي وٽ ڏيندا آهن. مسٽر عبدالواحد سومري جي بنگلي تي پهچڻ وقت پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن جو تمام وڏو انگ اڳ ۾ ئي موجود هو، جن سان محترمه ملاقات ڪئي ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪيائين. ان کانپوءِ مسٽر عبدالواحد سومري جي چوڻ تي اندر مخصوص ڪمري ۾ محترمه ميٽنگ لاءِ هلي ويئي. ان ميٽنگ ۾ عبدالواحد سومرو، حاجي اعجاز علي جلباڻي، عاشق حسين ٻوسڻ، هڪ طرف ٿي ويٺا ٻئي طرف خاڪسار ۽ بيگم شمشاد جوکيو، ان وقت جي ايم پي اي بيگم رقيه خانم سومرو ۽ ميڊم ناهيد (محترمه جي سياسي سيڪريٽري) ويٺاسين.
ميٽنگ جي حال احوال ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون پارٽي جي ڀلائيءَ ۽ ان جو پروگرام ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ ماڻهن کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ محترمه کي هڪڙو دورو رتيديري جو ڪرايو هو، جنهن دوران محترمه، عبدالحئي سناڻي وٽ هلي هئي. اسان سڀ وري محترمه سان هلياسين، جتي هڪ شاندار استقبال ٿيو هو. محترمه ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڪامياب دوري کانپوءِ مون کي چيائين ته اهڙا ٻيا به دورا رکو. مون سنگت سان صلاح ڪئي ۽ طئي ڪيو ته وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل ۾ محترمه کي وٺي هلجي ۽ ٻوسڻن جي ڳوٺ ۾ وڏو جلسو ڪرائجي. عاشق حسين ٻوسڻ ۽ ٻيا دوست گڏجي محترمه کي دعوت ڏيڻ وياسين. عاشق حسين ٻوسڻ محترمه کي چيو ته رتيديري مان هلندي ٻه چار ڳوٺ آهن. اتي ماڻهو توهان جو استقبال ڪندا، توهان انهن کي خطاب ڪندا. انهن ڳوٺن جا رهواسي جهڙوڪ بروهين جو ڳوٺ، رتوديرو بئراج جي ڪپ تي ان کان بعد ڳوٺ ميهر ٻرڙو جنهن ۾ ٻرڙا، ميهر، چنڙ ۽ ٻيون ذاتيون رهنديون آهن. ان سان گڏوگڏ سيد ياسين شاهه جو ڳوٺ آهي.
وري پنجن منٽن جي مفاصلي تي ڳوٺ گل بيگ ڪوڏراڻي، ان کان بعد ڳوٺ بصرالدين کوسو، ڳوٺ بلوچ خان چانڊيو، ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو، ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل جو هيڊ ڪواٽر، ڳوٺ پائڙو، ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ ۽ وڏا ٻوسڻ (جتي جلسو منعقد ٿيل هيو) محترمه جو رتيديري کان وڏن ٻوسڻ تائين پرجوش استقبال ٿيو، ماڻهن گل نڇاور ڪيا ۽ رتيديري کان وڏن ٻوسڻن تائين جيڪو مفاصلو اٺ ڏهه ڪلو ميٽر آهي، اهو سڄو روڊ ماڻهن سان ڀريل هو، جيڪي استقباليا بينر ۽ جهنڊا کڻي بيٺا هئا. اتي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ اهڙو هيءَ پهريون استقبال ٿيو آهي. جلسي گاهه ۾ نه صرف ٻوسڻ پر ان جي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو به شامل هئا. سوين شاميانا هڻي هڪ وڏو عاليشان پنڊال ٺاهيو ويو هو. جنهن ۾ محمد پور اوڍو ۽ وسايو ڀٽو، دودا پور ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائي جا هزارين ماڻهو هيا. ڇاڪاڻ ته جيڪب آباد علائقو ٻوسڻ کي ويجھو آهي ۽ انهن جو وڻج واپار ٻوسڻن سان آهي. گھٽ ۾ گھٽ چار پنج سارين ڇڙڻ جا ڪارخانا ۽ بازاريون هت آهن، جتان هر شيءِ ملندي آهي ۽ انهن جو اگھه به مناسب هوندو آهي. رتيديري تعلقي ۽ رتيديري شهر کانسواءِ نئون ديرو وڏو واپاري مرڪز آهي. ان کانپوءِ بنگل ديرو لاشاري جا به چڱا مرڪز آهن. هت مان اهو ٻڌائڻ فرض ٿو سمجھان ته اهو علائقو ممتاز علي ڀٽو جي زير اثر رهيو آهي. ان علائقي ۾ سندس همدرد ۽ سڄڻ رهندا آهن. اتي وڏو ڪامياب جلسو ڪرائي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ محترمه کي به ڏاڍي خوشي ٿي. مون جلسي ۾ ٻه چار منٽ ڳالهايو. عاشق حسين ٻوسڻ، نثار احمد کهڙي ۽ غلام مجتبي اسراڻ به ڳالهايو. محترمه آخر ۾ تمام مدلل ۽ پر اثر تقرير ڪئي، جنهن سان ڄڻ ته پيپلز پارٽي ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿي ويو. حقيقت ۾ ان جلسي ممتاز علي خان ڀٽي جي اثر کي چڱو ڇيهو رسايو. جلسي گاهه ۾ جلسو پوري ٿيڻ کان اڳ مونکي محترمه سڏايو ۽ چيائين ته منهنجا مهمان ٿا اچن، مونکي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي. هت جيڪي ماڻهو گڏ آهيو، توهان عاشق حسين ٻوسڻ جي ماني کائو، مان واپس وڃان ٿي، مون کيس عرض ڪيو ته عاشق حسين جي مانيءَ جي دعوت توهان قبول ڪئي، هن ويچاري هيترو انتظام ڪيو آهي، ماني تيار لڳي پئي آهي، توهان جو ماني کائڻ بغير وڃڻ مناسب نه رهندو ۽ سياسي طور ڌڪ لڳندو. ڪم وارن ماڻهن جي دل ڀڄي پوندي جلسي گاهه جي ماڻهن جي لاءِ به مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. آخر گھڻي بحث مباحثي کانپوءِ محترمه اها ڳالهه قبول ڪئي ته مان مانيءَ واري جاءِ تي هلان ٿي، اتي صرف پاڻي پيئندس ڇو ته مونکي دير ٿي رهي آهي، لاڙڪاڻي ۾ منهنجا مهمان پهچي چڪا هوندا. خير وري به اها محترمه جي مهرباني جو عاشق حسين ٻوسڻ جي اوطاق تي هلي، پاڻي پيتائين ۽ بيٺي بيٺي موڪلايائين. اتي سڀني ماڻهن، منهنجي محترمه کي عرض ڪرڻ واري ڳالهه جي تعريف ڪئي ته جيڪڏهن توهان ضد نه ڪيو ها ۽ محترمه جلسه گاهه مان هلي وڃي ها ته اسان جي ڇا عزت رهجي وڃي ها! هن وقت به مان محترمه جي لاءِ بارگاه الاهيءَ ۾ دعاگو آهيان ته الله تعالي کيس جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏئي.
اڄ هڏ ڏوکي، همدرد، ڏک سور ٻڌڻ وارو رهبر اسان وٽ نه رهيو آهي. ٻڌائڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جهڙن مڊل ڪلاس ماڻهن کي به ترجيح ڏيندي هئي، جنهن ۾ هن عظيم ليڊر جي به عزت ٿيندي هئي ته اسان جي به عزت ٿيندي هئي. منهنجو اهو اصول هوندو هو ته هر اثررسوخ واري ماڻهوءَ کي محترمه سان ملائجي ۽ محترمه ان وٽ وڃي ته ان جي به عزت ٿئي. عاشق حسين ٻوسڻ ۽ عبدالعزيز سناڻي به پيپلز پارٽي جي پروگرام ۾ گھڻو متحرڪ ٿي ويا.
هاڻي اچون ٿا مرحوم عبدالواحد سومري جي اوطاق تي ٿيل ميٽنگ جي احوال تي؛ اتي ڳالهيون ڪندي مرحوم اعجاز علي خان جلباڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شڪايت ڪئي ته ديدار حسين شاهه MPA هجڻ جي حيثيت ۾ سندس ڪو به ڪم ڪار ڪو نه ڪيو آهي. نه ڪا نوڪري وٺي ڏني آهي، نه ڪا پرمٽ، نه ڪو پلاٽ. محترمه مون ڏانهن نهاري، مون کان پڇيو ته مون کيس عرض ڪيو ته اها حقيقت آهي ته مون هنن کي نه ڪا نوڪري ڏني آهي، نه ڪا پرمٽ ۽ نه ئي وري ڪو پلاٽ ڏنو آهي. اهي شيون منظور ڪرڻ وارا توهان آهيو، توهان جيڪڏهن انهن مان ڪا هڪڙي به شيءِ ڏني هجي، جيڪا مون پاڻ وٽ رکي هجي ۽ هنن کي نه ڏني آهي ته مان ڏوهي آهيان. محترمه مسڪرائي چيو ته اها حقيقت آهي ته مون توهان کي ڪجھه به نه ڏنو آهي ته، توهان هنن کي ڇا ڏيندؤ. محترمه اعجاز علي جلباڻي کي چيو ته توهان جي شڪايت جائز آهي پر مون ئي ديدار حسين شاهه کي ڪجھه نه ڏنو آهي ته توهان کي ڇا ڏئي. اتي مرحوم مسٽر عبدالواحد سومري به اها ڳالهه ڪئي ته اسان کي به ڪجھه نه مليو آهي جيڪا ڳالهه هن کي اتي ڪرڻي نه هئي. حلانڪه محترمه کي هر شيءِ جي چڱي طرح خبر هئي ته محترم شهيد ڀٽي جون، بيگم نصرت ڀٽو جون ۽ سندس سومري صاحب تي ۽ ان جي بيگم تي تمام وڏيون مهربانيون آهن. محترمه چيس ته سومرا صاحب توهان کي سٺيون نوڪريون به مليون آهن، پلاٽ ۽ پرمٽون به مليون آهن پوءِ به توهان شڪايت ٿا ڪيو جيڪا ڪرڻ نه گھرجي. هر انسان کي عزت نفس ٿيندي آهي ۽ هرورڪر چاهيندو آهي ته هن کي مناسب عزت وارو مقام هجي.
1987 جي بلدياتي انتخاب ۾ ڪن سببن جي ڪري مسٽر غلام شبير هَڪڙي، خان بهادر اگھم ۽ شاهنواز جتوئيءَ، لاشاري يونين ڪائونسل تي لوڪل بورڊ واري سيٽ تي منهنجي مخالفت ڪئي هئي، جنهن ۾ مونکي ناڪامي ٿي هئي. ان جو واحد سبب اهو هيو ته شاهنواز جتوئي مونکي ويجھو به هيو ۽ منهنجي اليڪشن ۾ مدد به ڪندو هو ۽ مان ان جا وڪيل جي حيثيت ۾ ڪيس وڙهندو هيس. ڪنهن ڪيس ۾ في ملندي هئي ته ڪنهن ۾ ڪا نه ملندي هئي.
هڪڙي دفعي شاهنواز جتوئي مون وٽ ڪنهن ڪم سان آيو، مونکي چيائين ته مهرباني ڪري هي ڪم ڪرائي ڏيو. مون چيو مانس ته توهان بنگل ديرو يونين ڪائونسل جي پيپلزپارٽي صدر عبدالصمد ڀٽي سان ملو ۽ ان کان لکرائي اچو يا ان کي وٺي اچو، پوءِ ئي ڪم ڪندس. جنهن تي چيائين ته ڪم ٿئي نه ٿئي مان عبدالصمد ڀٽي ڏي ڪو نه ويندس، هو نه ان ڏي ويو نه ئي ڪم ٿيو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي هن شبير هڪڙي، چيئرمين يونين ڪائونسل بنگل ديرو ۽ خان بهادر اگھم کي پاڻ سان ملائي هڪڙو طاقتور گروپ ٺاهيو. مسٽر ممتاز علي ڀٽي لاءِ انهن ٽنهي ڪم به شروع ڪيو. اليڪشن کان ڏهه ٻارنهن ڏينهن اڳ ٽئي ڄڻا شام جي ٽائيم ۾ مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ملڻ ويا. مسٽر ممتاز علي ڀٽو ڪاڏي ويل هيو. ٽئي اوطاق تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳا، جڏهن ممتاز علي ڀٽو آيو، کيس سلام ڪيائون ته هن جواب ڏنو ته سڀاڻي ملنداسين، هاڻي مان وڃان ٿو آرام ڪرڻو آهي. شاهنواز جتوئي ڳالهائڻ جو تيز ۽ هوشيار ماڻهو آهي، جنهن کي چوندا ئي ڦاٽوڙو دهل آهيون. سو انهن ٻنهي کي چيائين ته وڏي ماڻهوءَ جي ڪڍ لڳا آهيو، جيڪو پنهنجي اوطاق ۾ ملي به ڪو نه ٿو، پري کان سلام ڪري هليو ٿو وڃي. توهان ۽ اسان ڪتي وانگر لور لور ڪندي، پڇ لڙڪائيندي ان جي ڪڍ ٿا لڳا وتون. هاڻي ته اڃا اليڪشن آهي پر اليڪشن کٽڻ کانپوءِ ملندو به ڪو نه. کين چيائين ته عقل جا انڌا نه ٿيو، هلو ته هلي سيد سان ٿا ملون، جيڪو ڀاڪر پائي ملندو ته سهي ۽ گڏ ويهاري حال احوال به وٺندو. اهو به اسان وانگر مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي، کيس ڪا به وڏائي، غرور ۽ تڪبر ڪو نه آهي. ايئن انهن کي وٺي اچي مون سان ملايائين، هڪ ٻئي سان ڏک سور ونڊياسين، حال احوال ڪري دل جو بخار ڪڍيو سين، پوءِ واعدو ڪيائون ته اليڪشن ۾ توهان جي دل وجان سان ڀرپور مدد ڪبي ۽ اهو ڪري به ڏيکاريائون. ٻئي ڏينهن تي انهن کي وٺي لاڙڪاڻي ۾ المرتضي هائوس ۾ محترمه جي انهن سان ملاقات ڪرائي. محترمه کي ٻڌايائون ته اسان توهان جي ۽ پيپلزپارٽي جي ۽ شاهه صاحب جي دل وجان سان مدد ڪنداسين اسان کي دعا ڪيو.