اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي
سنڌي معاشرو 1947ع کانپوءِ اٿل پٿل جو شڪار رهيو آهي. ورهاڱي وقت سنڌ جو وچيون طبقو اثرانداز ٿيو، هندن جي لاڏاڻي سبب سنڌي مسلمانن کي تعليم جي گهٽتائيءَ سبب مملڪت جي معاملن ۾ ڪا به اهميت جوڳي حيثيت نه ملي سگهي. ون يونٽ جي نظام سنڌي معاشري کي مفلوج ڪيو ۽ اڀرندڙ وچئين طبقي کي نوڪرين ۾ حصو نه مليو ۽ سنڌي ماڻهو ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو. ان دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تعليم تي به هاڃيڪار حملا ٿيا جيڪي سڀ سنڌي سماج بهادريءَ سان پسپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1970ع پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو اهم حوالو آهي. پهريون عام چونڊون جيڪي ”هڪ ماڻهو هڪ ووٽ“ جي اصول تي منعقد ٿيون، انهن چونڊن ۾ حيرت انگيز نتيجو آيو جنهن مالڪن کي گهڻو پريشان ڪيو، عام ماڻهن پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کي هڪ سياسي تحريڪ جي شڪل ڏني. جيتوڻيڪ هٿياربندن جي هوڏ سبب ملڪ ٽٽي ويو پر سنڌ جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو هڪ نئين راهه نظر آئي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڏاهپ ۽ تيز فهميءَ سان ملڪ کي هڪ نئين نظام، آئين نيتيءَ سان متعارف ڪيو. ان وقت نوجوان، تعليم يافته ڪجهه ڪرڻ جا خواهشمند هزارين سنڌي ڀٽي صاحب جي للڪار تي سياسي افق تي ظاهر ٿيا. جناب ديدار حسين شاهه صاحب به ان دور جو هڪ پرجوش سچو ۽ سرگرم ڪارڪن آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان سياست ۾ قدم رکيو.
1979ع سال سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ڀيانڪ يادگيريءَ جو نشان بڻجي ويو، جڏهين هڪ پرعزم، ڏاهي ۽ پرخلوص رهنما کي صرف ان ڪري شهيد ڪيو ويو جو ان جو ناماچار سٺو نه ٿيو. هڪ ننڍي صوبي مان اڀريل هن شخصيت پنهنجي پنجن سالن جي راڄ ۾ دنيا جي سياست تي پنهنجي نالي جي ڇاپ هنئي، جيڪا يارن کان برداشت نه ٿي سگهي. ان ڪاري دور ۾ به وقت ثابت ڪيو ته سنڌي سماج ڀٽي شهيد جي خاندان سان وفاداري نڀائي. هي سڀ تاريخي حقيقتون آهن. اهوئي سبب هو جو هوائي جهاز ڦاٽڻ سبب آيل ٻئي جهٽڪي کانپوءِ جيڪا حڪومت قائم ٿي اها محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي هئي. ان ئي حڪومت ۾ اسان جي هن ڪتاب جي محترم ليکڪ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس (ڊسمبر 1988ع) ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تان پابندي هٽائڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ بحال ڪرايو. هيءُ مثال هڪ اهڙي اداري جي ساک بچائڻ سان تعلق رکي ٿو جيڪو وچئين طبقي جي اڀرندڙ نوجوانن جو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي اصول هيٺ ترتيب ڏنل هو ۽ جيڪو هن وساريل طبقي کي معاشري ۾ جائز مقام وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو. پر ان کي به اسلامي جمهوريه جي خلاف تصور ڪيو ويو هو جيڪو داغ سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ وسيلي ميساريو ويو. اهو سائينءَ جو احسان سگا جي ساٿ هميشه پئي ڳايو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سائين ديدار شاهه منصف جي منصب تي فائز ٿيو. ڪتاب جو ڳچ حصو معزز عدالتن جي ڪم ڪار ۽ انصاف ۽ بي انصافي جي فرق سمجهڻ ۽ سمجهائڻ تي مشتمل آهي.
پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ سياسي فيصلن ۽ سياست تي سڌيءَ ريت ۽ اڻ سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيل فيصلن جي فهرست طويل آهي. انهن جو اپٽار هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جي سامهون جيڪي اهم مقدما آيا، انهن جا انصاف تي مبني فيصلا ڄاڻايا ويا آهن. جج جي زندگيءَ ۾ انساني رشتا، ناتا، پسند ناپسند جا مسئلا پڻ سامهون اچن ٿا. انهن کي به تمام اختصار ۽ سهڻي نموني نڀايو ويو آهي. انهن واقعن ۾ ارد شير ڪائوسجي جو مقدمو به آيو آهي ۽ هن پارسي ڪالم نگار جي سنڌي دشمنيءَ جو روپ به ڏيکاريو ويو آهي. ان هوندي به ليکڪ جي ايمانداريءَ ارد شير کان به ڪورٽ جي آڏو شرمساريءَ جو اعلان ڪرايو، اها اخلاق، ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جي فتح آهي جيڪا قابل ليکڪ جي هن ڪتاب مان بکي ٿي.
سنڌين کي اعليٰ عدليه کان پري رکڻ لاءِ الجهاد ٽرسٽ ڪيس وسيلي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي ان کي به ظاهر ڪيو ويو آهي. راڻا ڀڳوانداس کي چيف جسٽس کان پري رکڻ جي سازش جو به پتو پوي ٿو، انهن فيصلن سبب هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به سنڌي جج نه هئڻ برابر آهن. اهي حقيقتون جتي سنڌي سماج جي ڄاڻ لاءِ ضروري آهن، اتي پاڪستان جي تاريخ جي سچاين جو به ثبوت آهن.
سنڌ واحد صوبو آهي جنهن کي پنهنجي ئي صوبي ۾ عدالتي نظام کان پري رکڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو اسان جي ساڃاهه وندن لاءِ هڪ ڳنڀير مسئلو آهي.
زير نظر ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي دوستن جو ذڪر پاٻوهه مان ڪيو آهي پنهنجي محترم استاد جناب عبدالرزاق سومري صاحب جن کي بيحد عزت سان ياد ڪيو آهي. ان کانسواءِ قاضي فضل الله، اختر قاضي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي سڀ سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ جا اهم ڪردار آهن. ان ريت شاهه صاحب پنهنجي همعصر سياسي سماجي ۽ قانوندان شخصيتن جو ذڪر خير ڪري پنهنجي دور جي تاريخ سهيڙي ڇڏي آهي. هن وقت شاهه صاحب تعليمي ادارن ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
آئون پنهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز پيو سمجهان ته اسان جي دور جي هن سٻاجهي، نيڪ نيت، ايماندار منصف مون کي پنهنجي ڪتاب تي راءِ لکڻ لاءِ حڪم ڪيو.
شال رب سائين، جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب کي وڏي عمر عطا ڪري ته جيئن هو پنهنجي ايمانداري ۽ نيڪيءَ سان سنڌي معاشري کي سرفراز ڪندو رهي (آمين).
اَوَتڙ ڪنهن نه اولئا، ستڙ ويا سالم
هيڪائي هيڪ ٿيا احد سين عالم،
بي بها بالم آگي ڪئا اڳهم.
(شاهه)
ڊاڪٽر سليمان شيخ
آچر، 1 سيپٽمبر 2013ع،
ڪراچي